سنڌ سرڪار وزيرن کي مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڊيوٽي تي لڳائي ڇڏيو: وزير مارڪيٽن ۽ بازارن جا دورا ڪندا

مارچ 19, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هاڻي سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ وزير مارڪيٽن ۽ بازارن جا دورا ڪندا، سنڌ سرڪار وزيرن کي مهانگائي تي ڪنٽرول جي ڊيوٽي تي لڳائي ڇڏيو

سنڌ حڪومت پاران وزيرن کي ڊيوٽي تي لڳائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سردار شاهه، سعيد غني، ذوالفقار شاهه، الهڏنو ڀيو، احسان مزاري ۽ نجي عالم ڪراچي ۾ بازارن جا دورا ڪندا

بينظير آباد ڊويزن ۾ سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري ضياءُ الحسن لنجار ۽ علي حسن زرداري کي ڏني وئي آهي، ناصر شاهه ۽ محمد بخش مهر لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي بچت بازارن ۾ ويندا

ڄام خان شورو ۽ ضياءُ الحسن لنجار کي حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي

Leave A Comment