ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه پاران تيل اگهن ۾ واڌ جو عوام تان گھٽائڻ لاءِ 55 ارب رپين جي ٽارگيٽڊ سبسڊي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، محمد بخش خان مهر، مڪيش ڪمار چاولا ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل صورتحال عالمي سطح تي تيل جي قيمتن تي خاص اثر وڌا آهن جنهن ڪري ٻارڻ درآمد ڪندڙ ملڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان جي معيشت تي دٻاءُ پيو آهي. صدر آصف علي زرداري ۽ بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاسن سمورن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. هن چيو ته اسان وٽ ٻارڻ ۽ گئس جا ذخيرا محدود آهن جيڪي گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ھن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ جي سفارش تي حڪومت جنرل سبسڊي ختم ڪري غريب ترين طبقن تي ٻڌل ٽارگيٽڊ سسٽم ڏانهن منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، هڪ مهيني جي ٽارگيٽيڊ رليف واري نظام کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران گڏيل طور تي 4 اهم حصا لاڳو ڪيا ويندا، هن چيو ته سنڌ ۾ اٽڪل 67 لک رجسٽرڊ موٽر سائيڪلون آهن، هر رجسٽرڊ بائيڪ مالڪ کي ماهوار 2,000 رپيا ملندا، جيڪا مهيني جي 20 ڪم وارن ڏينهن لاءِ في لٽر 100 رپيا سبسڊي آهي. انهي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ايڪسائيز کاتي هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن تيار ڪئي آهي، جنهن ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽ جا تفصيل ڏئي پئسا وصول ڪري سگهن ٿا. موٽر سائيڪل جي رجسٽريشن منتقلي 15 ڏينهن لاءِ مفت ڪئي ويندي ته جيئن صحيح حقدار سبسڊي حاصل ڪري سگھن، شهري 15 ڏينهن اندر پنهنجون بائيڪون پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ ادائگيون سڌو سنئون تصديق ٿيل بينڪ اڪائونٽن ۾ منتقل ڪيون وينديون. مراد شاهه چيو ته هڪ کان 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ اٽڪل 336,000 ننڍن آبادگارن کي 1,500 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ملندا،آبادگارن جي هاري ڪارڊ لاءِ تصديق ٿيل ڊيٽا اڳ ۾ ئي موجود آهي، تنهنڪري ادائگيون ايندڙ هفتي کان شروع ٿينديون، ھن چيو ته صوبي۾ رجسٽرڊ 27297 مسافر بسن کي ھڪ لک 100,000 رپيا، ٻن ايڪسل وارن گڊز ٽرڪن کي 70,000 ۽ ڳرين مال بردار گاڏين کي 80,000 روپيا ملنداـ هن چيو ته ڪراچي سٽي ۾ بسون روزانو اٽڪل 40 لٽر ڊيزل استعمال ڪن ٿيون، ڊيزل جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافي سبب اسان اضافي 140,000 روپيا فراهم ڪنداسين ته جيئن ڀاڙا نه وڌن. ٽرانسپورٽرن کي ڀاڙا نه وڌائڻ جو حلف نامو ڏيڻو پوندو، ٽرانسپورٽ کاتو عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهين ۾ مصروف آهي. ھن چيو ته پاڪستان ريلوي ڪرايا نه وڌائيندي، جنهن جو اضافي مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. حڪومت مارڪيٽون بند ڪرڻ جو وقت مقرر ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي. ان بابت ايندڙ ھفتي گڏجاڻي رکيل آھي ھن چيو ته سنڌ حڪومت ٻه سال اڳ ڪڻڪ خريد ڪئي هئي، اسان وٽ 2 سالن جو اسٽاڪ موجود هو. جڏهن گذريل سال حڪومت ڪڻڪ نه خريد ڪئي ته آبادگارن کي نقصان ٿيو. ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو مقصد مارڪيٽ کي مستحڪم ڪرڻ آهي. حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جي مد ۾ نقصان صرف عوام کي مناسب ريٽ تي اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ برداشت ڪري ٿي. تنهن ڪري اسان هن سال ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن قيمتن کي مستحڪم ڪيو وڃي.