سنڌ سرڪار پاران آمريڪي سيڙپڪارن کي ڊگھي مُدي تائين ڀائيواري جي آڇ

سنڌ سرڪار پاران آمريڪي سيڙپڪارن کي ڊگھي مُدي تائين ڀائيواري جي آڇ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار آمريڪي سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ ڊگھي مُدي تائين ڀائيواري جي آڇ ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاھ سان وزيراعليٰ هائوس ۾آمريڪي ڪاروباري وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفد کي سنڌ جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن، مضبوط صنعتي بنياد، قدرتي وسيلن ۽ توانائي، ٽيڪنالاجي، انفراسٽرڪچر، هيلٿ ڪيئر، سياحت، زراعت ۽ لاجسٽڪس ۾ وڌندڙ سيڙپڪاريءَ جي موقعن بابت آگاهي ڏني.  ملاقات ۾ وڏي وزير سيد مراد شاھ چيو ته سنڌ پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 25 سيڪڙو حصو وجهي ٿي، اها  ملڪ جي سڀ کان وڏي واپاري ۽ صنعتي مرڪزن جي ميزباني ڪري ٿي، جيڪا صوبي کي علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن لاءِ قدرتي گيٽ وي بڻائي ٿي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪاروبار لاءِ کليل آهي، اسان جي حڪومت  سيڙپڪار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ريگيوليٽري سڌارن، سادي ۽ آسان بڻايل طريقيڪارن، ڊجيٽل گورننس جي قدمن ۽ سيڙپڪاريءَ جي راهه ۾ غير ضروري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ نجي شعبي سان سرگرم مشاورت ذريعي ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ قابلِ تجديد توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ جديد پيداوار ۾ وڏي صلاحيت رکي ٿي. وڏي وزير ٿر ۾ ڪوئلي جي وسيع ذخيرن، وڏي پيماني تي هوا ۽ شمسي وسيلن، وڏي ساحلي پٽي،  ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم ذريعي اسٽريٽجڪ ڪنيڪٽوٽي جو ذڪر ڪندي چيو ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ آئون اوهان کي موقعن جي جائزي وٺڻ، ڀائيواري ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ سنڌ حڪومت جي مڪمل مدد ۽ سهولت جي خاطري ڏيان ٿو. وڏي وزير سنڌ کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ عالمي سطح تي مڃتا ملي آهي، آمريڪي وفد ڪيترن ئي شعبن ۾ موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن صوبي جي اسٽريٽجڪ لوڪيشن، وڏي ڪنزيومر مارڪيٽ، صنعتي ايڪوسسٽم ۽ وڌندڙ انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جي واکاڻ ڪندي متبادل توانائي جي منصوبن، AI ۽ ڊيٽا سينٽر انفراسٽرڪچر، هيلٿ ڪيئر سيڙپڪاري، فن ٽيڪ، ٽيڪنالاجي پارڪن، صنعتي زونز ۽ برآمدات تي ٻڌل پيداوار ۾ دلچسپي ڏيکاري.