سنڌ سرڪار پاران اليڪشن ڊيوٽين کان غائب ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو : لسٽون طلب
فيبروري 12, 2024
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران اليڪشن ڊيوٽين تان غائب رهندڙ سرڪاري ملازمن خلاف ڪاررواين جي شروعات، چيف سيڪريٽري پاران سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کان غير حاضر عملي جا تفصيل طلب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب 8 فيبروري تي چونڊن واري ڏهاڙي اليڪشن ڊيوٽيون لڳڻ باوجود غيرحاضر رهندڙ سرڪاري ملازمن خلاف سنڌ سرڪار اليڪشن ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪارواين لاءِ باضابطه شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد ۽ سکر جي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي هي ته اهي غيرحاضر رهندڙ سرڪاري ملازمن جا تفصيل پيش ڪن. چيف سيڪريٽري پاران پورفارما سان گڏ موڪليل ليٽر ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته گوسڙو ملازمن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. چيف سيڪريٽري جي اهڙي هدايت کانپوءِ ڪراچي جي ڪمشنر پاران لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته گوسڙو ملازمن جا نالا، سندن کاتو، عهدو ۽ گريڊ توڙي شناختي ڪارڊ جا نمبر فراهم ڪيا وڃن. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته اليڪشن ڏهاڙي ڊيوٽي لڳڻ باوجود گھوٽڪي، ڪشمور، لاڙڪاڻو، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، بدين، ٺٽو، سجاول، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سميت ٻين ضلعن جي ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن اليڪشن ڊيوٽين واري سرڪاري حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو هو.