سنڌ سرڪار پاران بسن کانپوءِ ٽيڪسي سروس به شروع ڪرڻ جو اعلان

مَي 24, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار بس کانپوءِ ٽيڪسي سروس به آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي سنڌ سرڪار پاران ٽرانسپورٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي پهريان بس سروس شروع ڪئي هئي ۽ هاڻ ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرين، ريڊ ۽ اليڪٽرڪ بسون آنديون ويون آهن روز بسن جو اضافو ٿي رهيو آهي مئي جي آخر ۽ جون ۾ به نيون بسون آنديون وينديون

صوبائي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪٿي به ٽيڪسيون نٿيون هلن اسان سنڌ ۾ ٽيڪسيون شروع ڪري رهيا آهيون سنڌ سرڪار ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهي آهي جنهن سان عام ماڻهن ۽ نوجوانن کي روزگار ملندو

عمران خان تي تنقيد ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته خان صاحب اوهان جبري عليحدگي جي ڳالهه ڪريو ٿا اسان جبري شموليت ڏٺي آهي

هن چيو ته عمران خان پاڻ جبري ليڊر ٿيو هو سياستدانن جا جهاز ڀري پي ٽي آءِ کي ڏنا ويا هئا عوام اهو ناهي وساريو ته عمران کي مصنوعي سياستدان بڻايو ويو

9مئي جي واقعن بابت صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي جٿن تباهي ڪئي

Leave A Comment