| سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي مڙهي ڇڏي، قلم 144 لاڳو، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ 90 ڏينهن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار ڊيوٽي دوران هن پابندي کان آجا هوندا، نجي سيڪيورٽي گارڊ صرف ڊيوٽي واري هنڌ تي هٿيار کڻي سگهندا، جيڪڏهن ڊيوٽي کليل عوامي هنڌن تي هجي ته اتي هٿيارن جي نمائش نه ڪندا ته جيئن عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس نه ٿئي، گارڊ ڊيوٽي تي اچڻ يا وڃڻ دوران هٿيار گاڏي ۾ رکندا. نوٽيفيڪشن موجب جيڪڏهن ڪير قانون جي خلاف ورزي ڪري ته لاڳاپيل ايس ايچ او ان خلاف ايف آئي آر داخل ڪندو