سنڌ سرڪار پاران طوفان متاثرن لاءِ 8 ڪروڙ جاري ڪرڻ جو حڪم

جُون 14, 2023

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان کي منهن ڏيڻ، هڪ لک کان وڌيڪ متاثرين جي محفوظ هنڌن تي منتقلي ۽ کاڌخوراڪ  لاءِ حيدرآباد، ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن کي 8 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

 ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي اختيارين پي ڊي ايم اي کي خط لکي گذريل سال جي رهيل رقم مان چئني ضلعن کي 2-2 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

خط ۾ ناڻي کاتي ڄاڻايو آهي ته چئني ضلعن جي انتظاميا پاڻي نيڪال لاءِ گهربل مشينن، متاثرين جي منتقلي لاءِ گهربل گاڏين ۽ ٻيڙين، رهائش ۽ کاڌخوراڪ تي خرچ ڪئي ويندي

هوڏانهن سنڌ جي گورنر ڪامران  ٽسوري چيو آهي ته طوفان سبب سامونڊي پٽي ۾ روزگار سان لاڳاپيل ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، سندن گهرن جا ٿلها به وسامي ويا آهن گورنر هائوس پاران 15 هزار کان وڌيڪ متاثرين کي هڪ مهيني جو راشن ڏنو ويندو

هن چيو ته سامونڊي پٽي ۾ رهندڙ  خاندان پنهنجو شناختي ڪارڊ  ڏيکاري راشن لاءِ گورنر هائوس سان رابطو ڪري سگهن ٿا

 هن وڌيڪ چيو ته آئون پاڻ ٺٽي، بدين ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪندس، گورنر هائوس جي ھيلپ لائين 1366 کي 24 ڪلاڪ فعال ڪري ڏينھن رات آفيسرن کي ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت گورنر هائوس جي ايمبولينس کي الرٽ ڪيو ويو آهي

Leave A Comment