سنڌ سرڪار پاران فاطمه جي وارثن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ جو اعلان، اسد شاهه تي جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ جو الزام: جان محمد مهر جي وارثن کي هڪ ڪروڙ جو چيڪ ڏنو ويو

آگسٽ 26, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) نگران قانون وارو وزير محمد عمر سومرو ۽ صحت وارو وزير ڊاڪٽر سعد خالد شهيد جان محمد مهر جي گھر پهتا

نگران صوبائي وزير شهيد جان محمد مهر جي گهر ٿڏي تي پهچي وارثن سان ڏک ۽ تعزيت ڪئي ۽ شهيد جان محمد مهر جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ پڻ ڏنو ويو

شهيد جان محمد مهر جي وارثن سان تعزيت بعد نگران صوبائي وزير مقتولا فاطمه ڦرڙو جي گهر به ويندا

قانون واري وزير عمر سومرو چيو ته 4ضلعن جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف رينجرز ذريعي آپريشن لاءِ نگران وڏي وزير کي سفارش ڪندس، آپريشن لاءِ 3 مهينن جو خرچ فوري طور جاري ڪيو ويندو

وزير قانون چيو ته نگران حڪومت جو ڪي به اهڙيون مجبوريون ناهن جو ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن نه ڪريون، جيڪو به ڏوهه ٿئي ٿو ته ڏوهاري ڪچي۾ لڪي وڃي ٿو، ڌاڙيلن جو خاتمو ڪنداسين

نگران وزير قانون چيو ته جان محمد کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي بروقت علاج نه ٿيڻ بابت انڪوائري ڪرائي ويندي

هن چيو ته ڪو به سياسي دٻاءُ ناهي، راڻيپور واقعي سان پوري قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، فاطمه جا وارث غريب آهن انهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪنداسين ته جيئن انهن تي ڪو به دٻاءُ نه پوي

ٻئي طرف صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد چيو ته فاطمه قتل ڪيس جي جاچ ۾ جوابدار اسد شاهه پوليس سان سهڪار نه پيو ڪري جنهن سبب جاچ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن

Leave A Comment