| سنڌ سرڪار پاران واپارين کي ڪڻڪ وڪري جا آرڊر ڪينسل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) فلور ملن پاران احتجاج جي ڌمڪي ڏيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار واپارين کي ڪڻڪ وڪري جا آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان فلور ملز ايسوسيئيشن چيو آهي ته خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران هنگامي بنيادن تي سرڪيولر جاري ڪري سمورا چالان روڪيا ويا آهن. واضح رهي ته خوراڪ کاتي پاران هاڻ اڳ ڏنل چالان تحت ئي واپاري ڪڻڪ کڻي سگھندا. ڪجهه ڏينهن اڳ فلور ملز ايسوسيئيشن پاران ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻ واري معاملي تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو.