ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ حڪومت پاران عدالتي حڪمن جي ابتڙ ٿرپارڪر مان گرينائيٽ، چائنا ڪلي ۽ سارڻن جي لوڻ، دادو، ڄامشوري توڙِي ٺٽي ضلعن ۾ 30 کان وڌيڪ ليزن جو مُدو وڌائڻ جي ڪوشش، ميمبرن جي عدم شرڪت سبب معاملو رڪجي ويو
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪالهه ڊي جي مائنز اينڊ منرل اطهر ميراڻي ٿرپارڪر، دادو، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جي 30 کان وڌيڪ ختم ٿيل ليزن جي مُدي ۾ واڌ لاءِ اجلاس گھرائي ورتو، جنهن ۾ کاتي جي 3 آفيسرن پاران شرڪت ڪئي وئي
اجلاس ۾ سنڌ مائنز اونرز ايسوسيئيشن، مائينز اينڊ منرل جي ريجنل آفيس جي نمائندي، انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي جي نمائندي، سيڪريٽري مائينز اينڊ منرل جي نمائندي سميت 5 ميمبرن عدالتي حڪم جي روشني ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو
ڊي جي مائينز پاران ڳجهه ڳوھ ۾ گھرايل اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جو حڪومتي ختم ٿيڻ جي ويجھو ايندي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي معدني وسيلن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ميمبرن جي اڪثريت جون صحيحون نه ٿيڻ سبب ليزن جي مُدي ۾ واڌ رُڪجي وئي
واضح رهي ته اجلاس ۾ معدنيات جي کوٽائي بابت ختم ٿيل ليزن جو مدو وڌائڻ لاءِ ميمبرن کان صحيحون وٺڻيون هيون، 5ميمبرن جي شريڪ نه ٿيڻ جي ڪري ليزن جي مُدي ۾ واڌ وارو آرڊر ڪينسل ڪيو ويو
ٻئي طرف ليزن ۾ واڌ جو اطلاع ملندي ئي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جا ڪيترائي ڪارڪن ڊي جي مائينز جي آفيس اڳيان پهچي ويا، جن ڊي جي آفيس اڳيان سخت نعريبازي ڪئي
ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت ويندي ويندي به سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، کين صوبي جا وسيلا نيلام ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
هوڏانهن سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي احتجاج سبب ڊي جي آفيس جو مُک گيٽ بند ڪري پوليس جون 5 کان وڌيڪ موبائيلون پڻ گھرايون ويون هيون