| سنڌ سرڪار پاران ٻوڏ متاثر 19808 مان 5314 اسڪولن جي بحالي جو اعلان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته سال 2022ع واري ٻوڏ ۾ صوبي جا 19,808 اسڪول متاثر ٿيا، صوبائي ۽ وفاقي حڪومت توڙي عالمي ادارن جي مدد سان 5,314 اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحال ڪري رھيا آھيون، جنهن سان 14 لک شاگردن لاءِ تعليمي سهولتون بحال ٿي رهيون آهن. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحاليءَ بابت اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ ٻڌايو ته ٻوڏ دوران صوبي جا 19,808 اسڪول متاثر ٿيا، جن مان 5,465 اسڪولن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جن ۾ 2,268 مڪمل تباهه ٿيل ۽ 3,197 جزوي متاثر اسڪول شامل آهن. باقي 14,343 اسڪول اڃا بحالي جا منتظر آهن. سرڪاري انگ اکرن موجب 5,369 اسڪول وڏن تعميراتي رٿائن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن تي 167 ارب لاڳت ايندي، هن وقت تائين 63.95 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، هن چيو ته 2,114 اسڪول مختلف مالي انتظامن تحت مڪمل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت 2,405 اسڪولن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي، جن مان پڻ 617 مڪمل ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي رهيل اسڪول جون 2027ع تائين مڪمل ٿيندا. هن چيو ته ميينٽيننس پروگرام 23-2022ع ۽ 25-2024ع تحت 938 اسڪولن جي مرمت ڪرائي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ اسڪول ايجوڪيشن انويسٽمينٽ پروگرام هيٺ 805 اسڪول پڻ جون 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندا. وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ 481 تباهه ٿيل اسڪول شامل آهن، جن مان 37 اسڪول مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ اهو منصوبو ڊسمبر 2026ع ۾ مڪمل ٿيندو، هن چيو ته يورپي يونين ۽ يونيسف جي مدد سان 173 اسڪول بحال ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڊيپ ، سليڪٽ اي ايس پي آءِ آر اِي ، ايس آءِ ڊي ۽ جائڪا جي سھڪار سان ڪيترائي ٻيا اسڪول صوبي ۾ ٻيهر تعمير ٿي رهيا آهن. هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ سڀ کان وڌيڪ 1,254، لاڙڪاڻي ۾ 1,218، سکر ۾ 1,070، شهيد بينظيرآباد ۾ 894، ميرپورخاص ۾ 724 ۽ ڪراچي ۾ 305 اسڪول متاثر ٿيا. ضلع سطح تي خيرپور ۾ 730، نوشهري فيروز ۾ 494، لاڙڪاڻي ۾343، قمبر ۾ 294، ميرپورخاص ۾ 277 ۽ عمرڪوٽ ۾ 238 اسڪول متاثر ٿيا آھن. وڏي وزير چيو تھ ضلع سطح جو ڊيٽا وسيلن جي ورھاست لاءِ رهنمائي ڪندو، جيئن سڀني علائقن ۾ منصفاڻي ۽ گھرج جي حساب سان تعمير کي يقيني بڻائي سگهجي. هر متاثر اسڪول اسان جي ٻارن جي تعليم ۾ رڪاوٽ آهي، اسڪولن جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ ضروري آهي، هن تعليم کاتي کي هدايت ڪئي ته متاثر ٿيل ضلعن کي ترجيح ڏني وڃي.