چونڊيل مڪاني نمائندن کي پهرين آڪٽوبر کان اختيارن جي منتقلي جو اعلان

سيپٽمبر 20, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي پاران پهرين آڪٽوبر کان چونڊيل نمائندن کي اختيارن جي منتقلي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

 مڪاني ادارن واري نگران صوبائي وزير مبين جماڻي پاران چيئرمينن يا ٻين چونڊيل بلدياتي نمائندن کي هٽائڻ بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙن افواهن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙي افواهن ۾ ڪا صداقت ناهي

ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ٽرازيشن جو مُدو پهرين آڪٽوبر تي باضابطه طور تي ختم ٿي ويندو، جنهن بعد چونڊيل بلدياتي نمائندن کي اختيار منتقل ڪيا ويندا

هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ جي گوسڙو ملازمن جون لسٽون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن، جلد سندن نوڪريون ختم ڪيون وينديون

 مبين جماڻي چيو ته حقيقي ملازمن جي نادرا کان تصديق کان پوءِ سندن پگھارون اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيون وينديون

 هن چيو ته هڪ يا ڏيڍ سال کان لاڳيتو هڪ ئي هنڌ رهندڙ سي ايم اوز ۽ ٽي ايم اوز کي هٽائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي

 سندس چوڻ هو  ته غيرقانوني عمارتن توڙي تعميراتي ڪمن ۾ غيرقانوني سرگرمين خلاف آپريشن جاري آهي، غيرقانوني عمارتن کي پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر بورڊ جي ملوث عملي خلاف به ڪاروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment