سنڌ سرڪار پاران ڊي آر اي خزاني تي بار قرار: ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران اڱاري تي اجلاس طلب

سنڌ سرڪار پاران ڊي آر اي خزاني تي بار قرار: ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران اڱاري تي اجلاس طلب

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت ۽ سرڪاري ملازمن وچ ۾ ڊي آر اي معاملو لٽڪيل، حڪومتي ڪاميٽي ڊي آر اي کي خزاني تي اضافي بار قرار ڏئي ڇڏيو  ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي پاران 6 جنوري تي اجلاس طلب، سنڌ ڪابينا جو اجلاس به 13 جنوري تي ٿيندو، ان ڏس ۾ سنڌ جي سرڪاري ملازمن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هلندڙ ڊسپريٽي رڊڪشن الائونس ( ڊي آر اي) وارو معاملو حل نه ٿيڻ سبب سنڌ جا لکين سرڪاري ملازم سخت بيچيني ۾ ورتل آهن، ڊي آر اي معاملي تي تجويزن توڙي سفارشن لاءِ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري سروسز، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن، سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڪاميٽي پنهنجن تجويزن کان سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪيو آهي، ذريعن موجب ته ناڻي کاتي جي اختيارين توڙي سيڪريٽرين جي ڪاميٽي پاران سنڌ حڪومت ۽ چيف سيڪريٽري کي تجويزون ڏيندي چيو ويو آهي ته وفاق سميت ٻين صوبن جي سرڪاري ملازمن جون سنڌ صوبي جي ڀيٽ ۾ گھٽ پگھارون آهن، انهي  ڪري کين ڊي آر اي ڏنو ويندو آهي، سنڌ حڪومت  هر سال ٻين صوبن ۽ وفاق جي ڀيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ گھڻي واڌ ڪري ٿي، انهي ڪري سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو اهو مطالبو جائز ناهي. ذريعن موجب ته ناڻي کاتي پاران سنڌ حڪومت کي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي ڏيڻ سان صوبي جي ناڻي تي وڏو بار پوندو، جنهن ڪري ڊي آر اي معاملي کي ڪنهن ٻئي طريقي سان حل ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ ايمپلائيز ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي اشرف خاصخيلي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي  چيو ته 6 جنوري تي ڪراچي ۾ ايڪشن ڪاميٽي جو اجلاس گھرايو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت به 13 جنوري تي سنڌ ڪابينا جو اجلاس گھرايو آهي جيڪڏهن حڪومت اسان جو مطالبو نه مڃيو ته ڪو به لائحه عمل جوڙي سگھون ٿا. هوڏانهن سيڪريٽرين پاران سنڌ حڪومت حوالي ڪيل تجويزن بابت لاڳاپيل سيڪريٽرين پاران ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.