سنڌ سرڪار پاران 10 لک ٽن ڪڻڪ خريداري لاءِ سمورن ضلعن ۾109 خريداري سينٽر قائم

سنڌ سرڪار پاران 10 لک ٽن ڪڻڪ خريداري لاءِ سمورن ضلعن ۾109 خريداري سينٽر قائم

ڪراچي (رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ خوراڪ کاتي ڪابينا جي فيصلي تحت 3500 رپيا في مڻ جي امدادي اگھه تي صوبي ۾ 10 لک ٽن (هڪ ڪروڙ ٻوريون) خريد ڪرڻ لاءِ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ 109 خريداري سينٽر قائم ڪري ڇڏيا. ان حوالي سان خوراڪ کاتي جي اختيارين پاران سڀ کان وڌيڪ سينٽر خيرپور ۽ ٺٽي ضلعن ۾ قائم ڪيا ويا آهن، بدين ۾ 5، دادو ۾ 4، گهوٽڪي ۾ 5، حيدرآباد ۾2، جيڪب آباد ۾ 3 ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ 4 خريداري سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قمبر ۾ 7، ڪراچي ۾ 4، ڪشمور ضلعي ۾3، خيرپور ضلعي ۾8، لاڙڪاڻي ضلعي ۾4 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح مٽياري ضلعي ۾ 3، ميرپورخاص ضلعي ۾7، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 5، سانگهڙ ضلعي ۾6، شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾4، شڪارپور ضلعي ۾4، سکر ضلعي ۾ 4، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 3، ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ 3، ٿرپارڪر ضلعي ۾ 7، ٺٽي ضلعي ۾ 8 ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ 4 خريداري سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
 

سوا 3 لک هاري ڪارڊ هولڊرن کان ڪڻڪ خريد ڪبي: شرجيل

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نئين ڪڻڪ خريداري پاليسي وسيع حڪومتي ويزن مطابق تيار ڪئي وئي آهي، نئين ڪڻڪ خريداري پاليسي جو مقصد آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، 10 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو فيصلو خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، هڪ بيان ۾ ھن چيو ته پهرين اپريل کان صوبي جي 109 مرڪزن تي ڪڻڪ جي خريداري شروع ٿيندي، ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3,500 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي، وچ وارن ماڻهن ( مڊل مين ) جو ڪردار ختم ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪڻڪ رڳو 330000 هاري ڪارڊ هولڊرن کان خريد ڪئي ويندي، انهي جو فائدو حقيقي آبادگارن کي پهچندو، هن سال حڪومت باردانو فراهم نه ڪندي، آبادگار باردانو پاڻ آڻيندا، هر ڪٽي  جا 60 رپيا الڳ ادائگي ٿيندي، آبادگارن کي سنڌ بينڪ ذريڳي سموري  ادائگي سندن  بئنڪ اڪائونٽن ۾ ڪئي ويندي۔ نئين طريقيڪار سان نه صرف خريداري جو عمل آسان ٿيندو پر اهو وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ ڪنهن به ممڪن جعلسازي کان محفوظ هوندو، ھن چيو ته حڪومت وٽ 200,000 ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ  موجود آهي، جنهن  کي عوامي ضرورت مطابق استعمال ڪيو ويندو
 

ڪٽي ۾ ڪڻڪ پهچائيندڙ آبادگارن کي 60 رپيا الڳ به ملندا 
 

 ڪراچي: ڪڻڪ خريداري پاليسي هيٺ  سرڪار کي امدادي اگهه  تي ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ آبادگارن کي 50 ڪلو وارو ڪَٽو ( پاڄڪو) پاڻ خريد ڪرڻو پوندو، کين في ڪَٽي تي 60 رپيا الڳ ملندا.