| سنڌ سرڪار پاران 5 لک ٽن پرڏيهي ڪڻڪ خريدڻ جو فيصلو: پاڻي سميت 4 مامرن تي ٽاسڪ فورسز قائم |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ڪابينا پاران سرڪاري ملازمن جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي مدي ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ: سنڌ جي پاڻيءَ معاملن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) بابت 4 ٽاسڪ فورسز قائم ڪرڻ ۽ 5 لک ٽن پرڏيهي ڪڻڪ خريداري جو فيصلو: ڪنري مرچ منڊي لاءِ 22 ايڪڙ زمين مختص ڪرڻ، ايف ڊبليو او ذريعي ملير جي علائقي ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين واٽر لائين منصوبو مڪمل ڪرڻ، منصوبي جي لاڳت ۾ واڌ ۽ 400 ايڪڙن تي جديد ٽرڪ اسٽينڊ قائم ڪرڻ جي منظوري، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 22 ايجنڊائن تي غور ڪرڻ بعد منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪابينا صوبي ۾ ڪڻڪ ذخيرن جي صورتحال، اٽي جي قيمتن ۽ خوراڪ کاتي جي ڪڻڪ خريداري واري تجويز جو جائزو ورتو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2025-26 دوران 4.7 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿي، جيڪا گذريل سالن جي بچيل ذخيرن سميت 4.84 ملين ٽن ٿئي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي سالياني گهرج 6.53 ملين ٽن آهي، جيڪا 1.69 ملين ٽن جي گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿي. موجوده واهپي جو سلسلو جاري رهيو ته مارچ 2027 تائين صوبي کي لڳ ڀڳ 2.11 ملين ٽن ڪڻڪ جي کوٽ جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، خوراڪ کاتي ٻڌايو ته ذخيرا اندوزن خلاف ڇاپن دوران 225,135 ٽن ڪڻڪ ضبط ڪئي آهي، پاسڪو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ذخيرو ٿيل (ڪراپ-2024) 220,665 ٽن ڪڻڪ 4,150 رپيا في 40 ڪلوگرام جي حساب سان وڪڻڻ جي آڇ ڪئي آهي. وڏي وزير فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪڻڪ گهرائي ٿي ته صوبائي حڪومت 5 لک ٽن گهرايل ڪڻڪ خريد ڪندي، هن خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڪڻڪ جا لڪايل ذخيرا هٿ ڪيا وڃن، اجلاس ۾ معيشت، فنانس ۽ انڊسٽري، پاڻي مامرن، ڪلائميٽ چينج ( موسمياتي تبديلي) ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ، ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ ورچوئل ايسٽس لاءِ 4 ٽاسڪ فورسز جي قيام جي منظوري ڏني وئي . ڄاڻايل ٽاسڪ فورسز ۾فني، معاشي ۽ تعليمي ماهر توڙي صنعتن جا نمائندا شامل ڪيا ويندا، اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل کاتن جي وزيرن تي مشتمل 3 رُڪني ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جيڪا هر هڪ ٽاسڪ فورس جي جوڙجڪ کي حتمي شڪل ڏيندي. اجلاس ۾ نيب ۽ ٻين ادارن کان مليل ڪيسن جي پوئواري کي آسان بڻائڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن رولز ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نيب اينٽي ڪرپشن کي 108 ريفرنسز ۽ 29 انڪوائريون موڪليون آهن، رول 8-B ۾ ترميم هيٺ ريفرنسز کي تحقيقات کان الڳ ڪري سگهبو، اجلاس ۾ انگريز دور جي فاريسٽ ايڪٽ 1927 ۾ تبديلي آڻي سنڌ فاريسٽ ايڪٽ 2026 متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. تجويز ۾ ٻڌايو ويو ته نئون قانون ٻيلن جي گورننس کي ماحولياتي چيلينجز جهڙوڪ موسمياتي تبديلي، بايو ڊائورسٽي جي نقصان، تيزي سان ٿيندڙ شهري واڌاري، ٻيلن جي پائيدار انتظاميا، ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ ڪاربن جي ذخيري مطابق جديد بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ڪابينا مسودي جي جائزي لاءِ ٻيلن بابت صلاحڪار ۽ مڪاني وزير تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، اجلاس ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي ايڪٽ لاءِ رجسٽرار آفيس جي قيام تجويز به غور هيٺ آندي وئي، گهرو کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته نئين آفيس 306 نجي سيڪيورٽي ڪمپنين ۽ 60,000 نجي سيڪيورٽي گارڊز کي ريگيوليٽ ڪندي. اجلاس ۾ ڪنري مرچ منڊي مڪمل ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ڪاميٽي کي 22 ايڪڙ زمين منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا ميرپورخاص واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌڪابينا ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين 36 ڪلوميٽر پاڻي جي پائپ لائين وڇائڻ واري 10ارب جي پروجيڪٽ لاءِ نظرثاني ٿيل انجنيئرنگ، پروڪيورمينٽ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي 14.237 ارب رپين جي قيمت جي منظوري ڏني، جنهن تي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) پاران عمل ڪيو ويندو.هوڏانهن سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪابينا جي فيصلن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو سرڪاري ملازمن جي صحت انشورنس پروگرام ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ مامرن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) سان لاڳاپيل معاملن تي خصوصي ٽاسڪ فورسز جوڙيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ 400 ايڪڙن تي جديد ٽرڪ اسٽينڊ قائم ڪبو