ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض واري ڇڏيا، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي هر ضلعي کي گهٽ ڳڻيو ويو آهي، ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪنداسين
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته وفاقي وزير احسن اقبال آڏو سنڌ ۾ گهٽ ڳڻپ ٿيڻ جا ثبوت رکيا آهن، اسان ڪنهن جو ٿورو نه پر برابري چاهيون ٿا
هن چيو ته سنڌ جي 70 لک آبادي نه ڳڻي وئي آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نه پيو ملي، سنڌ هن وقت پاڻيءَ جي 40 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ايندڙ نسلن جي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين
وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث وڳوڙين کي معاف نه ڪندي، سمورن شرپسندن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري ويندي