سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل کي هڪ ڀيرو ٻيهر نيلام ڪرڻ جو فيصلو: سنڌ سرڪار پاران اشتهار جاري

جُولاءِ 23, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪارونجھر جبل کي نيٺ نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، معدنيات واري کاتي جبل جي نيلامي جو اخبارن ۾ اشتھار جاري ڪري ڇڏيو

17 سائيٽس کي نيلام ڪرڻ لاءِ 27 جولاءِ تائين درخواستون گھرايون ويون آهن،  10 ھزار رپين جي ناقابل واپسي چالان سان گڏ درخواستون طلب ڪيون ويون آهن

معدنيات کاتي جي اختيارين موجب سنڌ سرڪار ڪارونجھر جبل جي  ڪجهه حصن کي نيلام ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو آهي

ڊي جي معدنيات پاران جاري ڪيل اخباري اشتھار تي سنڌ جو سڄاڻ حلقو ۽ سول سوسائٽي پريشان آهن ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي

، گذريل سال ڪارونجهر بچايو تحريڪ طرفان مسلسل احتجاج کان پوءِ عدالت نوٽيس وٺندي ڪارونجهر جبل جي  ڪٽائي  روڪڻ جو حڪم ڏنو هو

Leave A Comment