| سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي ۾ واڌ تي راضي: وفاق کي اجازت ملي وئي |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) سنڌ سرڪار ڪراچي ۾گرين لائين منصوبي ۾ واڌ تي راضي، ان ڏس ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب سان وفاقي حڪومت جي ترجمان ۽ پي آءِ ڊي سي ايل جي وفد ملاقات ڪري منصوبي کي بحال ڪرائي ورتو، وفد ميئر ڪراچي جي خدشن کي ختم ڪندي يقين ڏياريو ته منصوبي کي جديد شهري ٽرانسپورٽ جي ضرورتن مطابق اڳتي وڌايو ويندو، رٿا کي ڊسمبر 2026ع تائين بنا ڪنهن دير جي مڪمل ڪيو ويندو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين لائين جي توسيع لاءِ 1.8 ڪلوميٽر ڊگهو نئون ٽريڪ تيار ڪيو ويندو، جنهن تي 3 نوان بس اسٽيشن پڻ تعمير ڪيا ويندا، نئون ٽريڪ نمائش چورنگي کان ميونسپل پارڪ (جامعه ڪلاٿ) تائين تعمير ڪيو ويندو، ذريعن موجب وفاقي وفد ۽ ميئر ڪراچي منصوبي جي شروعات بابت سومر تي گڏيل اعلان ڪندا.