سنڌ سرڪار گل پلازا سانحي جي رپورٽ پڌري ڪري: فاروق ستار  

سنڌ سرڪار گل پلازا سانحي جي رپورٽ پڌري ڪري: فاروق ستار  

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 17 جنوري تي پيش آيل سانحو گل پلازا هڪ وڏو انساني الميو هو، جنهن ۾100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ 1200 کان وڌيڪ واپاري متاثر ٿيا، اسانجي مطالبي تي سانحي جي عدالتي جاچ ڪرائي وئي، هن چيو ته گل پلازا سانحي بابت انڪوائري ڪميشن سندن بيان ئي رڪارڊ نه ڪيو، جڏهن ته ڪميشن 8 اپريل تي پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته  انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کي منظرعام تي آندو وڃي۔ سندس چوڻ هو ته گل پلازا ۾ جتي پارڪنگ هجڻ گهرجي ها ، اتي غيرقانوني طور دڪان تعمير ٿيا ، جيڪو سانحي جو وڏو سبب بڻيو۔  سنڌ ۾ سسٽم ڪمزور ضرور آهي پر اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته جيڪڏهن رپورٽ منظرعام تي اچي ٿي ته ممڪن آهي ته ٻيهر انڪوائري ڪرائڻي پوي، جيڪا سنڌ حڪومت جي گذريل 18 سالن جي ڪارڪردگي کي به بي نقاب ڪري سگهي ٿي