| سنڌ سرڪار ۽ ايمپلائيز الائنس ۾ ڊي آر اي اٽڪيل: رڳو بينوئليٽ فنڊ جو لالي پاپ |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي سرڪاري ملازمن ۽ حڪومت ۾ ڊي آر اي معاملو اٽڪي پيو، ايمپلائيز الائنس جي چيف سيڪريٽري پاران جوڙيل سيڪريٽري ڪاميٽي سان ملاقات، بينوئليٽ فنڊ واري ايجنڊا 13 جنوري واري سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري، ڊي آر اي معاملو ٻيهر پينڊنگ ۾ پئجي ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سرڪاري ملازمن ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ مختلف مطالبن جي مڃتا لاءِ هلندڙ ڳالهيون اڃا تائين ڪنهن نتيجي تي نه پهتيون آهن. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ايمپلائيز الائنس جي وفد اشرف خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ناڻي کاتي جي اختيارين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊي آر اي وارو معاملو حل ٿيڻ بجاءِ ٻيهر پينڊنگ ۾ رکيو ويو آهي. ذريعن موجب ته ملاقات دوران سيڪريٽرين واري ڪاميٽي پاران ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن کي خاطري ڪرائي وئي ته بينوئليٽ فنڊ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ 13 جنوري تي سنڌ ڪابينا جي رٿيل اجلاس ۾ ايجنڊا طور شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڊي آر اي واري معاملي تي ناڻي ، قانون ۽ ڪاميٽي ۾ شامل ٻين سيڪريٽري طرفان غور ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب ملاقات دوران ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن کي ٻڌايو ويو ته ڊي آر اي معاملي تي پرسنٽيج ( سيڪڙو ) طئه ڪرڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي، ان ڪري 13 جنوري واري ڪابينا اجلاس ۾ ڊي آر اي مامرو ايجنڊا ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ڊي آر اي معاملي بابت سفارشون سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ شامل ڪرايون وينديون. ٻئي طرف سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سربراهه اشرف خاصخيلي ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نمائندن پاران بينوئليٽ فنڊ وارو معاملو سنڌ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ رکيو ويندو، اسان کي ڊي آر اي معاملو به ورڪنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪابينا ۾ کڻي وڃڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته اسان سنڌ سرڪار کي چٽو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته لکين سرڪاري ملازم ڊي آر اي جي آسري ويٺل آهن. جيڪڏهن حڪومت ڊي آر اي معاملي ۾ ڪا به اٽڪل ڪئي ته ٻيهر لائحه عمل جوڙينداسين.