سنڌ سرڪار ۽ اين ايچ اي ۾ سپر هاءِ وي جي مالڪي تان ڦڏو:7 سال اڳ ليز رد ٿيڻ باوجود ٽول ٽيڪس اوڳاڙي جاري

نومبر 29, 2024

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موٽر وي ايم9 جي زمين جي مالڪي ۽ ٽول ٽيڪس جي وصولي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ چيو ته اهو ڪيس آئيني بينچ جي دائري ۾ اچي ٿو. اين ايچ اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  2012ع ۾ سنڌ حڪومت موٽر وي لاءِ زمين ليز تي ڏني، اها ليز 2017ع ۾ رد ڪئي وئي، جيڪو عمل قانون جي خلاف آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اهو ڪيس آئين جي آرٽيڪل 199 (1) سي ۾ اچي ٿو، انهي ڪيس جي ٻڌڻي آئيني بينچ جي دائري ۾ اچي ٿي،  وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته هن ڪيس ۾ 17 ٻيون درخواستون پڻ التوا ۾ آهن، انهن تي اڳ ۾ اسٽي آرڊر آيل آهي، اسٽي آرڊر ۾ واڌ جي منظوري ڏني وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن اسٽي آرڊر  اڳ ۾ موجود آهي ته اهو برقرار رهندو. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته زمين هميشه صوبي جي ملڪيت هوندي آهي. وفاقي حڪومت يا ڪو ادارو قانون موجب زمين حاصل ڪري سگهي ٿو ، اين ايچ اي سنڌ جون زمينون رائيٽ آف وي جي نالي ۾ وڪرو ڪري رهي آهي، جنهن ڪري اٿارٽي کي ڏنل ميوٽيشن رد ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته موٽر وي ايم 9 جي مرمت ۽ سنڀال ڪير ڪري رهيو آهي، جنهن تي  حڪومتي وڪيل چيو ته اين ايچ اي موٽر وي ايم 9 جي مرمت ڪرائي رهي آهي، نجي ۽ قبولي زمين حاصل ڪرڻ جو طريقو قانون ۾ طئه ٿيل آهي، اٿارٽي زمين جي قيمت ادا ڪرڻ کانسواءِ ٽول ٽيڪس وصول نٿي ڪري سگهي. واضح رهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته موٽر وي ايم 9 جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، موٽر وي جي زمين وفاق جي آهي، جنهن تي اين ايچ اي جو حق آهي، سنڌ حڪومت موٽر وي ايم 9 کي تحويل ۾ وٺي ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت پاران موٽر وي جي تعميراتي ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهڻ اصل ۾ ٽول ٽيڪس سسٽم کي ڪنٽرول ۾ وٺڻ آهي، ويسٽ پاڪستان هاءِ وي آرڊيننس 1959ع کانپوءِ موٽر لينڊ فيڊرلائيز (وفاقي اسم) ٿي وئي آهي، 1973ع واري آئين ۾ هاءِ وي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي، سنڌ حڪومت سياسي اثر رسوخ سبب هاءِ ويز  قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي موٽر وي جو رائيٽ آف وي گهٽايو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ اين ايچ اي جو رائيٽ آف وي گهٽائڻ کان روڪيو وڃي

Leave A Comment