سنڌ سرڪار ۽  عالمي بينڪ ۾ ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي ۽ نيڪال بابت روڊ ميپ تي اتفاق

  سنڌ سرڪار ۽  عالمي بينڪ ۾ ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي ۽ نيڪال بابت روڊ ميپ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ۽  عالمي بينڪ ۾ ڪراچي ۾ پاڻي فراهمي ۽ نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ڪرڻ لاءِ تيز رفتار روڊ ميپ تي اتفاق، ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاھ سان عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ سميت عملدرآمد ۾ ايندڙ اهم چيلينجن جو جائزو ورتو ويو، ملاقات ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيز رفتار روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد شاھ  چيو ته ڪراچي واٽر پراجيڪٽ سان ڪراچي جي 20 لک شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ٿيندو، ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ڪلورينيشن اسٽيشنن کي مقرر ڪيل هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جن کي چالو ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. پاڻي جي معيار جي جاچ 30 جولاءِ 2026 کان شروع ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته  پراجيڪٽ سبب متاثر ٿيل 203  مان 186 شهرين کي معاوضي جي ادائگي ٿي آهي، باقي شهرين کي جلد ادائگيون ٿينديون، ملاقات ۾ ڪي 4 منصوبي بابت ٻڌايو ويو ته ڪي 4  آگمينٽيشن لاءِ پروڪيورمينٽ جون سرگرميون اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. ورلڊ بئنڪ کان مشروط نان آبجيڪشن ملي ويو آهي، جڏهن ته پروجيڪٽ لاءِ اشتهار جلد شايع ٿيڻ جي اميد آهي. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد شاھ سان روٽري انٽرنيشنل جي جي صدر ليري اي لونسفورڊ جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪري پوليو صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.  وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته ماحولياتي جائزي ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي آهي،  پنجن مهينن دوان پوليو جو نئون ڪيس سامهون ناهي آيو، جنهن مان لڳي ٿو ته پوليو جي خاتمي واريون ڪوششون صحيح رستي تي آهن.  هن چيو ته پوليو جو خاتمو سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.