سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جون گرفتاريون جاري

نومبر 4, 2023

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جون گرفتاريون جاري، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 150 کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي گرفتار، سهراب ڳوٺ جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ ڪارروائين دوران هڪ سئو کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهي گرفتار، جوڻيجو ڪالوني، مڇر ڪالوني ۽ ٻين علائقن مان به گرفتاريون، ملير جي بن قاسم، شاهه ٽائون ۽ عيدو ڳوٺ مان به 9 افغاني گرفتار، ايس ايس پي عرفان بهادر جو چوڻ آهي ته سهراب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 9 سئو گهرن جي تلاشي ورتي وئي، سهراب ڳوٺ مان 77 غير قانوني پرڏيهين کي هولڊنگ ڪيمپ منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ملير طارق مستوئي چيو آهي ته ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، شاهه لطيف ٽائون، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ملير چيو ته عوام غير قانوني طور ترسيل افغانين سميت سمورن پرڏيهين جي نشاندهي ۾ پوليس جي مدد ڪري

Leave A Comment