سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جاري

فيبروري 8, 2024

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ اليڪشن 2024 لاءِ پولنگ جاري، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو، آصفه ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو نوابشاهه ۾ ڪاسٽ ڪيو

 آصفه ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سان گڏ ايل بي او ڊي ڪالوني جي پرائمري اسڪول جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، ڪراچي ۾ ملير جي ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ دير سان شروع ٿي

 ساڍي اٺين وڳي تائين ووٽرز پولنگ اسٽيشنز ٻاهران انتظار ڪندا رهيا، سکر، تنگواڻي، پنگريو ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ دير سان شروع ٿي، حيدرآباد، نيو سعيد آباد، تنگواڻي، شهدادڪوٽ، ميرپور ماٿيلو، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ پولنگ جاري آهي

ننگر پارڪر،  گمبٽ، پير جو ڳوٺ، ڪنري، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به پولنگ جاري آهي

Leave A Comment