| سنڌ سولر رٿا ۾3 اربن جي ڪرپشن، جاچ جو حڪم: ڪمپنيون بليڪ لسٽ: ڊي ايچ اي وارن کي ملندڙ پاڻي سستو |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ حڪومت رينجرز جي مقرري ۾ ھڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي، سنڌ سولر انرجي منصوبي ۾ 3اربن جي ڪرپشن جو اعتراف: مامري جي جاچ ڪرائڻ ۽ لاڳاپيل ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪالهه وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس ۾ 27 نقطن واري ايجنڊا تي غور ڪيو ويو . مڪاني کاتي پاران ڊي ايڇ اي ڪراچي لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ تبديلي جي تجويز ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن اڳ ۾ اگهه 0.85 رپيا في گيلن مقرر ڪيو هو، سنڌ حڪومت پاران ڊملوٽي وارن کوهن مان پاڻي کڻڻ لاءِ 10.566 ارب رپين جو قرض منظور ڪرڻ بعد ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت 0.60 رپيا في گيلن تجويز ڪئي، جڏهن ته ادائگي جو 10 سالن وارو شيڊول برقرار رکيو ويو. ڪابينا کي اسلام ڪوٽ–ڇور ريلوي لائين، بن قاسم ۽ پورٽ قاسم جي وچ ۾ ڊبل ٽريڪ، ۽ ڪوئلو ان لوڊنگ ڪرڻ واري سهولت بابت اڳڀرائپ کان آگاهه ڪيو ويو. منصوبي جي پي سي ون پهريائين 53 ارب رپين جي ھئي، جيڪا هاڻي وڌي ڪري 90 ارب رپين تي پهتي آهي، وفاقي حڪومت پنهنجو حصو 18.7 ارب رپيا جاري ڪري چڪي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجو حصو جلدي جاري ڪري ته جيئن منصوبي ۾ دير نه ٿئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان ناڻي کاتي کي 6.610 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سولر انرجي منصوبو جولاءِ 2025 ۾ مڪمل ٿيڻ واروهو، اهو مڪمل بجيٽ استعمال ڪرڻ باوجود سنگين مسئلن جو شڪار رهيو. منصوبي جا ڪيترائي بنيادي مقصد جهڙوڪ سولر پارڪس جي تعمير، سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي سولر روف ٽاپ سسٽم لڳائڻ ۽ گهرن کي سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ حاصل نه ٿي سگهيا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته جائزي ۾ معلوم ٿيو ته ڪانٽريڪٽ ۾ غير مناسب تبديليون ڪيون ويون، نامڪمل يا غير موجود ڪم باوجود ادائيگيون ٿيون، سامان جي درآمد ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون، جنھن ۾ مکيه ڪانٽريڪٽر پاران جعلي دستاويز جمع ڪرائڻ شامل هو. جنهن سان سرڪاري خزاني کي 3ارب جو وڏو نقصان ٿيو. ڪجهه اين جي اوز کي مقابلي کانسواءِ ڪم ڏنو ويو. گھڻي رقم اهڙي سامان تي خرچ ٿي. جنهن جو واضح رڪارڊ موجود نه هو. وڏي وزير انهن بي ضابطگين جو سخت نوٽيس وٺندي مڪمل فارنزڪ آڊٽ، انڪوائري ڪرائڻ ۽ ملوث ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 18.8 ارب رپين ماليت وارو هوم سولر جو وڏو منصوبو صوبي جي اڍئي لک غريب خاندانن کي مفت سولر ڪٽس فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. انهي رٿا هيٺ هر گهر کي هڪ مڪمل سولر سسٽم ڏنو ويندو، جنهن ۾ سولر پينل، بيٽري، چارج ڪنٽرولر، پنکو، ايل اي ڊي لائٽس ۽ موبائل چارجنگ پورٽس شامل آهن. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سڀني ڪٽس جي 2 سالن جي وارنٽي شامل آهي. اهي سولر ڪٽس اين جي اوز ذريعي گهراڻن ۾ ورهايون وينديون، اجلاس ۾ پاڪستان رينجرز جي مقرري واري مدي ۾ واڌ بابت گھرو کاتي سمري پيش ڪئي. ڪابينا رينجرز جي مقرري ۾ هڪ سال جي واڌ جي منظوري ڏني، جيڪا 9 ڊسمبر 2025 کان لاڳو ٿيندي. ڪابينا مينگروز ( تمر جي ٻيلن) جي بحالي، شهري ٻيلن ( اربن فاريسٽ) ۽ گرين بيلٽ ٺاهڻ سميت قدرتي حل جي حمايت جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته سائنسي بنيادن تي لينڊ فل سائيٽس ۽ بايو گيس جا منصوبا ٺاهيا وڃن، وڏي وزير برائون فيلڊ ري ڊولپمينٽ لاءِ وفاقي حڪومت جي قومي حڪمت عملي جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.