ڄامشورو (رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ملڪ جي سمورن صوبن لاءِ الڳ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هجڻ جي تجويز ڏني آهي
مخدوم سعيد الزمان چيو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هر صوبي لاءِ الڳ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ جهنڊا هوندا آهن
هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀني صوبن جو پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پنهنجو جهنڊو هجڻ گھرجي، سنڌ صوبي جو به پنهنجو جهنڊو هجڻ گهرجي
سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته صوبن جي مختلف ٻولي هجڻ جيان پنهنجا پنهنجا جھنڊا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ ۾ ڪا خرابي ڪونهي
هر صوبي جو پنهنجو جھنڊو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ سان هڪٻئي لاءِ احترام پيدا ٿيندو