سنڌ صوبو هميشه پاڪستان سان رهندو، ملڪ پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو: بلاول

سنڌ صوبو هميشه پاڪستان سان رهندو، ملڪ پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو: بلاول

ڄامشورو(رپورٽ: مير مرتضيٰ نوحاڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ صوبو پاڪستان سان هو، آهي ۽ هميشه رهندو، سنڌ ته هميشه پاڪستان جي دل رهي آهي،  پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجو مقام حاصل ڪري چڪو آهي، عوام متحد رهي ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو، پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو، فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي،  پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج هڪ بهترين ادارو آهي، نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن، تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ پهرين ترجيح آهي، چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ مثالي ادارا قائم ٿين،ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 63هين پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻين شرڪت ڪئي. پ پ چيئرمين مارچ پاسٽ جو معائنو ڪيو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو هڪ بهترين ادارو آهي، نوجوانن جي ڪردار سازي ۾ ڪاليج جو اهم ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيڊٽ ڪاليج جو ڊسپيلين سزا نه پر آزادي آهي، تعليمي نظام بهتر ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، نوجوان ملڪ جو مستقبل آهن. پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي خدمت ڪرڻ سڀني جي پهرين ترجيح آهي، ٽيلنٽ جو بهترين استعمال ڪري ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ هميشه پاڪستان سان دل جيان رهي آهي، قوم آواز ڏئي ته اوهان کي همت سان جواب ڏيڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آهي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت خلاف ڪاميابي رڳو فوجي نه پر اخلاقي به آهي، سندن آرمڊ فورسز ٻيهر ثابت ڪيو ته سندن سرحدون محفوظ آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان کي پنهنجي خودمختاري جي حفاظت ڪرڻ جي ڄاڻ آهي، قوم متحده رهي ته پاڪستان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو.