سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: بلاول

سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي بابت هڪطرفي قدمن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته معاهدي کي معطل يا ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش عالمي قانون جي کلي خلاف ورزي آهي ۽ علائقائي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. ڀارت پاڪستان ڏانهن وهندڙ دريائن جي قدرتي وهڪري کي روڪڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڊيم تعمير ڪرڻ ۽ وهڪرن کي محدود ڪرڻ جون ڪوششون پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي برابر آهن، جيڪو انتهائي غير ذميواراڻو ۽ قابل مذمت عمل آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڀارت جي قدمن جو فوري نوٽيس وٺي ۽ يقيني بڻائي ته بين الاقوامي معاهدن جو احترام انهن جي روح ۽ متن موجب ڪيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي يومِ آب، پاڻي جي تحفظ، تعاون ۽ انصاف لاءِ عالمي عزم کي نئين سر مضبوط ڪندو ۽ ملڪن کي تڪرارن بدران ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪندو، جيئن هڪ پائيدار، محفوظ ۽ پرامن مستقبل جوڙيو وڃي.