سنڌ فنڪار ويلفيئر پاران غريب اداڪارن ۾ مفت راشن تقسيم

سنڌ فنڪار ويلفيئر پاران غريب اداڪارن ۾ مفت راشن تقسيم

دادو(رپورٽر) دادو ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئير آرگنائزيشن سفوا پاران دادو سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي مستحق بيروزگار ۽ ضرورتمند ڪلاڪارن ۾ رمضان مهيني جي موقعي تي راشن تقسيم ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌ جي مشهور فنڪارن اداڪارن پڻ شرڪت ڪئي سنڌ فنڪار ويلفئير آرگنائزيشن جي اڳواڻن، لالا رفيق زئونر، منظور آڪاش سولنگي، سيد احمد نثار شاھ، فقير اسماعيل چانڊيو، شڪيل ابڙو، منصور چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي تنظيم جي ڪاميابي جو خواب مرحوم اداڪار اداڪار باني سفوا سيد منور علي شاھ ڏٺو هيو اسان سندس جي خواب جي تعبير ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون اڄ دادو سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي اداڪارن ۾ مفت راشن تقسيم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڻ مرادو تنظيمي دوستن جو سهڪار رهيو، انهن چيو ته سياحت ۽ ثقافت کاتي کي اهڙي مخصوص خاص ڏينهن ۾ اداڪارن ، فنڪارن ۽ گلوڪارن جي پرگهور لهڻ گهرجي انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت سنڌ جي اداڪارن جي اٽي ۾ لوڻ برابر به مدد نه ٿي ڪري سگهي هر سال ۾ ڪي اهڙا مهينا هجن ٿا جن ۾ ڪي تقريبو پروگرام يعني فنڪارن جي روزي ڪه تي ٿئي گهٽ ۾ گهٽ انهن مهينن کي مد مظر رکندي فنڪارن جي مدد ڪئي وڃي ها

، تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سجاد يوسف سومرو، خليل عارف، صحافي ڪامران ڪورائي، صحافي ديدار شيخ، اسد ڪورائي، احمد علي شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي