ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جو معيار چڪاسڻ، کاڌي پيتي جي شيون مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ 6 سال اڳ قائم ڪيل سنڌ فوڊ اٿارٽي مالي ۽ انتظامي بحران جو شڪار، گريڊ 17 کان 19 تائين ٽيڪنيڪل آفيسرن، ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف سميت ڪيڊر آفيسرن جون 619 پوسٽون خالي پيل آهن
ان حوالي سان مليل موجب سنڌ ۾ 2018ع ۾ قائم ڪيل سنڌ فوڊ اٿارٽي سالياني گرانٽ ۾ واڌ نه ٿيڻ، آفيسرن ۽ ملازمن توڙي ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ڀرتي نه ٿيڻ توڙي مختلف ضلعن ۾ آفيسون قائم نه ٿيڻ سبب مالي ۽ انتظامي مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي
ذريعن موجب سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ 17 کان 19 گريڊ جي ڪيڊر آفيسرن جون 244 جايون آهن، جتي رڳو 43 آفيسر مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته ڪيڊر آفيسرن جون 201 پوسٽون خالي پيل آهن، اهڙي طرح ٽيڪنيڪل آفيسرن جي پوسٽن جو انگ 459 آهي، جڏهن ته صوبي ۾ رڳو 41 ٽيڪنيڪل آفيسر موجود آهن، ٽيڪنيڪل آفيسرن جون به 418 پوسٽون خالي پيل آهن
ٻئي طرف اٿارٽي ۾ نان ٽيڪنيڪل اسٽاف جون 213 پوسٽون هوندي گنجائش کان وڌيڪ يعني 320 ملازم ڀرتي ٿيل آهن
رپورٽ موجب اٿارٽي گاڏين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، اختيارين پاران 32 نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي
سمري موجب اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر ايڊمن، ڊائريڪٽر لائسنس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آپريشن سکر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ملير، ڊي ڊي لائسنس، ڊي ڊي حيدرآباد، ڊي ڊي ميرپورخاص، ڊي ڊي شهيد بينظيرآباد، ڊي ڊي ٽيڪنيڪل ۽ ڊي لاڙڪاڻي وٽ به سرڪاري گاڏي موجود ناهي
اداري کي 32 گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جائزي دوران معلوم ٿيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ڪراچي ۽ روهڙي ۾ 3 ٽيسٽنگ ليبارٽيون قائم ٿيل آهن، اٿارٽي پاران صوبي ۾ 36 ٽيسٽنگ ليبارٽيون قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي