سنڌ لاءِ خوشخبري آهي ته ڪئنالن بابت مطالبو مڃيو ويو: گنڊاپور
اپريل 29, 2025
اسلام آباد: وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ته ارسا جو سرٽيفڪيٽ واپس ورتو ويو آهي، سنڌ جي عوام لاءِ خوشخبري آهي ته ڪئنالن بابت مطالبو مڃيو ويو آهي، سي سي آءِ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هر صوبي کي ان جي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو، اسان ڪنهن صوبي جو حق ٻئي صوبي کي کائڻ نه ڏينداسين. گنڊاپور چيو ته اسان کي ضم ضلعن جو حق ڏنو وڃي، صوبي کي هاڻي اين ايف سي ملندو.