سوشل ميڊيا جو جائزو پئي ورتو ته جسقم اڳواڻ ۽ پُراڻي سنگتي اِلاھي بخش بِڪڪ جي ھڪ پوسٽ نظر مان گذري، جنھن ۾ چيل ھو ته، “اڄ جلال پور ڪينال ٺهيو آهي، سڀاڻي ڪراچيءَ کي وفاق کڻي ويندو، اسين گهر ويهي سخت مذمتون ڪندا رھنداسين.” سندس انھن جُملن لوڏي ڇڏيو ۽ حيرت ٿي ته قومپرست سياست کي سڄي عمر ارپيندڙ جڏھن ايترو مايوس آھي ته پوءِ عام سنڌي ماڻھوءَ جو ڪھڙو حال ھوندو؟ پوسٽ جي ردعمل ۾ مون ٽن سِٽن جو ڪمنٽ لکيو، جنھن جي 15 منٽن بعد ھن موبائل تي ڪال ڪئي. ان کان اڳ جو ڪجھ چئي ھا، حُجائتي انداز ۾ مٿس چڙھائي ڪيم ته جيڪڏھن توھان جھڙا سنڌ دوست اڳواڻ به اِئين مايوس ٿي ڳالھائيندا ته پوءِ انھن ڪارڪنن ۽ عام ماڻھن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي قومپرستن جي پارٽين ۽ ليڊرشپ کي ڌرتيءَ جو محافظ قرار ڏئي سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن! اھڙي امڪاني رد عمل کي اڳواٽ محسوس ڪري ويٺل الاھي بخش بڪڪ سدائين جيان کليل دل جو مظاھرو ڪندي چيو ته اھا پوسٽ ھٽائي ڇڏي اٿم. سندس چواڻي؛ سنڌ دشمن فيصلا ٿيندي ڏسي دل سڙي ٿي، انھيءَ ڪيفيت ۾ اھا پوسٽ رکجي وئي. ھن چيو ته، يارَ! جلال پور ڪئنال ٺھي ويو، پاڻ ڇا ڪيوسين؟ ھاڻ ڪراچيءَ ۾ اسٽيل مل کان گھاري تائين زمينن تي والار ٿيڻ سميت نئون شھر اڏڻ جي رٿابندي ٿي رھي آھي، پر ڪنھن کي ڪو فڪر ئي ناھي. ڪو ڪٿي ويٺو آھي ته ڪو وري ڪٿي. منھنجي خيال ۾ سندس اشارو قومپرست قيادتن ڏانھن ھو.
الاھي بخش بِڪڪ سان پنجن منٽن جي ٽيليفونڪ ڪال ۾ ٻيا به ڏک سور ونڊيا، جيڪي سنڌ جي حوالي سان ئي ھئا، پر مُک نقطو اھو ھو ته، “ھيڏي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال ۾ به ڇڙ وڇڙ آھيون.” اھا ڳالھ 10 کان 20 سال اڳ جڏھن ڪو صحافي يا اينڪر پرسن ڪنھن قومپرست اڳواڻ سان ڪندو ھو ته اھو ان تي اتفاق ڪندو ھو ته سڀني کي گڏجڻ گھرجي، پر ھاڻ سياست جا معيار ئي تبديل ٿي ويا آھن. جڏھن اھو سوال ڪيو وڃي ٿو ته قومپرست اتحاد ڇو نٿا ڪن؟ ته موٽ ۾ اِھو دليل ٻڌڻ وٽان ملي ٿو ته، “ھر ڪو پنھنجي طور جدوجھد ڪري پيو، جڏھن اتحاد جي ضرورت پئي ته گڏجنداسين.” مطلب ته جڏھن پاڻي مٿي تان چڙھيو ۽ ٻڏڻ لڳاسين ته پوءِ ھڪ ٻئي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، تيستائين ڀلي پيا ٻُڏون ۽ ھڪ ٻئي کي پيا ڏسون، انھيءَ ڪري ڪو، اونو نه ڪري. جئين پاڻ واريون حڪومتون اڳواٽ ڪو واقعو حادثو روڪڻ بدران ان جي ٿيڻ جو انتطار ڪنديون آھن، جڏھن حادثو ٿي ويندو آھي ته پوءِ وٺ وٺان ڪري قوم ۽ ملڪ تي ٿورو ڪنديون آھن، جئين سنڌ دوستن جي اتحاد لاءِ لکندي لکندي اسان جا مٿا اڇا ٿي ويا، ائين گھڻي ڀاڱي شاگرديءَ واري دور کان سياست جي شروعات ڪندڙ اڪثر اڳواڻن جا به مٿا اڇا ٿي چڪا آھن، پر جٽادار کڙتيل نه نڪري سگھيو آھي. جٽادار ان ڪري لکڻو پيو جو قومپرست سياست ۾ جيڪي به اتحاد ٺھيا، اُھي گھڻو عرصو نه ھليا. ڪي اڳواڻ انھن تجربن کي بنياد بڻائي به اتحادن جي مخالفت ڪندا آھن، پر مزي جي ڳالھ ته ٻئي پاسي وري اھڙو موقف رکندڙ، سنڌ کي ڇڏي ملڪي سطح جي پارٽين سان اتحادن ۾ ويٺا آھن. ٿي سگھي ٿو ته ڪو ان سان اختلاف ڪري پر ماضيءَ ۾ ملڪي سطح جي اتحادن ۾ جيڪي به سنڌ دوست پارٽيون شامل ٿيون، ان سان سنڌ کي سياسي فائدي بدران نقصان ٿيو، جنھن کي محسوس ڪندي ڪيترائي ڀيرا آڇ ٿيڻ باوجود سنڌ مان ڪجھ ڊگھي سوچ رکندڙ قيادتن پي ڊي ايم ۾ شموليت اختيار نه ڪئي، باقي قومي عوامي تحريڪ، جي ڊي اي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪجھ عرصو اڳ وجود ۾ آيل تحفط آئين موومينٽ ۾ ضرور شامل آھن، جن جو سنڌ يا سنڌين کي ڪيترو سياسي فائدو ٿيو آھي؟ ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناھي. ان ۾ ڪا غلط ڳالھ ناھي ته ملڪي سطح تي سياسي اتحادن جو حصو ٿيڻ گھرجي، پر اھا ڳڻتيءَ جوڳي آھي ته سنڌ دوست پارٽيون تحفظ آئين موومينٽ جي پليٽ فارم تان ڌارين اڳواڻن جي پٺيان ھلڻ لاءِ ته تيار آھن پر سنڌي، سنڌيءَ پٺيان ھلڻ لاءِ تيار ناھي. اھو ئي اھو بنيادي سبب آھي ته ڊگھي عرصي کان سنڌ سطح تي ڪو به سنڌ دوست اتحاد ٺھي نه سگھيو آھي، شايد ويجھي ماضيءَ ۾ اھو پھريون ڀيرو هو، جو ڪئنالن جھڙي معاملي تي سمورا سنڌ دوست ھڪ اسٽيج تي گڏ نظر نه آيا، باقي بيانن ۾ سڀ ھڪ پيج تي ھئا ۽ اڳتي به رھندا .
دنيا الائي وڃي ڪٿي پھتي آھي پر اسان اڃا تائين ھڪ ٻئي جي مخالفتن مان نه نڪري سگھيا آھيون. سوشل ميڊيا تي ڏسنداسين ته معمولي سياسي اختلاف تي ھڪ ٻئي جا پٽڪا لاھي ويٺا ھوندا آھن. آخر ۾ ذاتيات تي لهي پون ٿا. کين ڪو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان جي ڪردار ڪشي وري ڌار ڪئي وڃي ٿي، جنھن ڪري سنڌ جي قومپرست پارٽين ۾ ھڪ جمود واري صورتحال نظر اچي ٿي. اثرائتيون سياسي تبديليون آڻڻ بدران ھڪ ٻئي جا ڪارڪن ڦيرائي شامل ڪري خوش ٿيڻ جي پراڻِي طريقي تي عمل جاري آھي. ڪا به پارٽي نوان ڪارڪن تيار ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه پئي ڪري. تعليمي ادارا، جتان ماضيءَ ۾ سنڌ کي ھزارين سياسي ڪارڪنن جي کيپ آئي، اتي زندہ باد مردہ باد جي نعريبازيءَ کانسواءِ ڪجھ ناھي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي ڪارڪنن سان جيڪو ٿيو، اھو ڪو معمولي واقعو نه ھو، ان تي سڀني پارٽين کي گڏجي ڪو لائحهء عمل جوڙڻ گھرجي ھا. ھتي اھا تلخ ڳالھ به چئبي ته اسان جا شاگرد اڄ تائين اھو به نه سمجھي سگھيا آھن ته نعرو ڪٿي ھڻجي، ڪٿي نه ھڻجي! آزاديءَ جو نعرو ڪو سولو ناھي، رياست کي چيلينج ڪرڻ برابر آھي، پر پاڻ وارا ھمراھ روڊن کان ويندي وي سي جي آفيس تائين ساڳئي پيٽرن تي ھلن ٿا، ڪٿي به حڪمتِ عملي کان ڪم نٿو ورتو وڃي، جڏھن ته سياست جو نالو ئي حڪمت عملي آھي. جيڪو جيتري بھتر حڪمت عملي اختيار ڪندو، اھو اوترو فائدي ۾ ويندو. عالمي سطح تي ڇا پيو ٿئي، سنڌ تي ان جا ڪھڙا اثر پوندا ۽ سنڌين کي ايندڙ وقت لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ان بابت ڪو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھي. تعليمي ادارن کان ويندي يونٽ سطح تائين پارٽين جي ڪارڪنن ۾ اسٽيڊي سرڪلز ختم ٿي چڪا آھن، جڏھن ته ھي سوشل ميڊيا جو دور آھي، جنھن ۾ پارٽين جا سربراھ ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي ھر جاءِ تي اھڙين سياسي تربيتي ويھڪن ۽ اسٽيڊي سرڪلز جو اھتمام ڪري سگھن ٿا، پر ڪنھن جو به ان پاسي ڌيان ناھي.
ھن مھل ھر سنڌي سنڌ دوست پارٽي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي ڳالھ ڪري ٿي، جيڪا ڪرڻ به گھرجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان ان ۾ دير ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ڌارين طرفان ‘مقامي’، ‘غير مقامي’ جي رڙ مٿان رڙ آھي، ڇاڪاڻ جو پنھنجن شھرن ۽ بحرن جي مالڪي نه ڪرڻ جي ڪري اھي ورھاڱي کان ترت پوءِ انھن تي قابض ٿي چڪا ھئا. ھاڻ جڏھن پاڻ قبضو ڇڏائڻ شروع ڪيو آھي ته کين ڪراچيءَ کي اسلام آباد حوالي ڪرڻ جو پيٽ سور ٿيو آھي. انھيءَ ڪري ‘متروڪا سنڌ’ جو رينگٽ پڻ ڪن پيا،پر اھي سموريون ڳالھيون پنھنجي جاءِ تي، پاڻ پنھنجي گريبان ۾ جھاتي پايون ته ڇا سنڌ پرست قيادتون واقعي به ڪراچيءَ جي مالڪي ڪري رھيون آھن؟ جواب دل رکڻ لاءِ “ھا” ۾ ڏئي سگھجي ٿو پر معذرت، زميني حقيقتون اھي ناھن. اھا حد نه چئبي ته ڪنھن به سنڌ دوست پارٽيءَ جو ھيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ ناھي. ٻيو تہ ڇڏيو، مختلف شھرن مان لکين سنڌي ڪراچيءَ ۾ مستقل رھڻ باوجود ووٽ داخل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڪراچي جو نٿا ٺھرائين، رڳو ان ڪري ته ووٽ ڳوٺ ۾ ھجي، جڏھن ته اصل اھميت ڪراچيءَ ۾ ووٽ جي ھجڻ گھرجي. افسوس ته قومپرست پارٽين به ان معاملي تي سنجيدگي اختيار ناھي ڪئي. ڌاريا پنھنجن علائقن ۾ نادرا جون ڪئپمون لڳرائين ٿا پر پاڻ وارا ماڻهو اڃا تائين ان جي اھميت ناھن سمجھي سگھيا. سندن تنظيمي صورتحال ڪجھ ائين آھي ته، شايد ئي ڪراچيءَ جو ڪو ضلعي ھجي، جتي ڪنھن قومپرست پارٽيءَ جو تنظيمي ڍانچو مڪمل ھجي، پر دعويٰ ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي آھي. يقين ڪريو پاڻ ان بنياد تي ڪمزور آھيون، پر سوشل ميڊيا ۽ ثقافتي ڏھاڙي ۽ ٻين جلسن جلوسن ۾ ڪڏھن ڪڏھن گڏجڻ سان “مخالف” داٻي ۾ اچي ويا آھن. اصل ۾ عام ماڻھو پنھنجي ليکي ته ھر علائقي ۾ مالڪي ڪري ٿو، پر سياسي حوالي سان منظم طريقي پنھنجن شھرن جي مالڪي نه ٿي رھي آھي.
ھتي ھڪ ٻئي اھم معاملي تي به ڪجھ سِٽون لکڻ ضروري آھي. اھا سڀني کي خبر آھي ته پاڪستان جي سياسي پارٽين جا پرڏيھ ۾ اورسيز يونٽ آھن، پر اسان جا قومپرست اتي پنھنجين پارٽين جا يونٽ قائم نٿا ڪن. اڳ ڪڏھن ورھين بعد سنڌ مان ڪو اڳواڻ پرڏيھ ويندو ھو، پر ھاڻ ته ڪجھ جا اتي خير سان پنھنجا ۽ مسواڙ تي گھر آھن، سندن ڪٽنب اتي رھن ٿا. ڪجھ وري ايندا ويندا رھن ٿا، پر ڪڏھن نه ٻڌوسين ته پنھنجي پارٽيءَ جو يونٽ قائم ڪيائون. ھڪ اڳواڻ ورھين کان پرڏيھ ھجڻ سبب سنڌ ۾ پنھنجي پارٽيءَ جو وقتي سربراھ مقرر ڪيو آھي. سنڌ دوست پارٽين ۾ ھڪ اھم کوٽ اھا به شدت سان محسوس ڪجي ٿي ته انھن ۾ سماجي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ادارو قائم نٿو ڪيو وڃي، جئين جماعت اسلامي ۾ الخدمت ۽ ايم ڪيو ايم خدمت خلق آھن. ايس ٽي پي ۾ اھڙي ڪوشش ٿي، پر مختصر وقت بعد ھٿ ڪڍيا ويا. تازو اياز لطيف پليجي پنھنجي نالي سان ھڪ ايجوڪيشنل ادارو ٺاھيو آھي، جنھن تي ان ڪري حيرت ٿي جو ھن پنھنجي پارٽيءَ اندر اھو ادارو ٺاھڻ مناسب نه سمجھيو. ان مان سياسي ۽ اجتماعي سوچ جو اندازو ٿئي ٿو.
لڳي ٿو ڳالھيون گھڻيون ڪري وياسين، پڪ سان الاھي بخش بڪڪ به اھڙي ئي ڪيفيت ۾ ڪجھ تلخ ڳالھيون ڪري ويٺو ھوندو، جن مان مايوسيءَ وارو رخ بھتر نه ھو. چون ٿا جلال پور وارو ڪئنال به ٺھي ويو، جنھن بعد سخت رد عمل اچي پيو، پر سوال اھو آھي ته اسان ان کي روڪرائي ڇو نه سگھياسين؟ اھڙي صورتحال مستقبل جي حوالي سان ٻين سازشن بابت خطري جو گھنڊ وڄائڻ سان گڏ ڪيترن ئي ماڻھن کي مايوس ڪندي. ان ڪري ڇڙ وڇڙ سنڌ دوست قيادتون پنھنجي اصلاح ۽ سنڌ سطح تي اتحاد ڪن، ڪراچيءَ ۾ سياسي طرح مورچابند ٿين. سنڌي ماڻھن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺھرائين. گھرن جو مستقل پتو ڪراچيءَ جو لکرائين. تنظيم سازي جڳاڙي نه پر سياسي توڙي جمھوري اصولن موجب ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي ويٺل ڇڙواڳ ڪارڪنن جي تربيت ڪن، ڇاڪاڻ ته سنڌ لاءِ وڌندڙ چئلينجن جو مقابلو منتشر نه پر متحد ٿي ڪري سگھجي ٿو.