اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندڙ پاڻي گڊو وٽ ڇو نٿو پهچي؟ ان جي جاچ لاءِ ڪاميٽي پنجاب پهچي وئي آهي اڄ تونسا وٽ سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندڙ پاڻي ۽ وهڪرن جي ماپ ڪئي ويندي
هي هفتو پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف هنڌن تي ڪاميٽي وهڪرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ رپورٽ پاڻي وزير حوالي ڪندي
تونسا وٽان سنڌ لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي پوري مقدار ۾ گڊو وٽ پاڻي نه پهچڻ جو پاڻي مامرن جي وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه نوٽيس ورتو، پاڻي مامرن جي وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه فيڊرل فلڊ ڪميشن جي چيئرمين احمد ڪمال جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ ارسا ۾ سنڌ مان ميمبر زاهد جوڻيجو، پنجاب مان مقرر ميمبر امجد علي ۽ بلوچستان مان مقرر ميمبر عبدالحميد مينگل کي به ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي کي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جا آبپاشي عملدار مدد فراهم ڪندا،
ڪاميٽي اڄ آچر ڏينهن تونسا پهچندي، ڪاميٽي تونسا وٽان سنڌ لاءِ جاري ٿيندڙ پاڻي جي وهڪرن جي جاچ ڪندي، جنهن کان پوءِ ٻن ڏينهن بعد چاچڙان واري هنڌ تي پاڻي جي سطح تي پاڻي جي جاچ ٿيندي
هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سنڌ پنجاب جي دنگ وٽ پاڻي وهڪرن جي ماپ ڪرڻ کان پوءِ ڪاميٽي گڊو وٽ پهچندڙ وهڪرن جو جائزو وٺندي ان کان پوءِ بلوچستان کي پاڻي فراهم ڪندڙ پٽ فيڊر جو به دورو ڪيو ويندو
ذريعن مطابق سنڌ صوبي پاران اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته تونسا وٽان سنڌ لاءِ جيتري مقدار ۾ ارسا پاران پاڻي فراهمي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، تونسان وٽان ان مقدار کان گهٽ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي جڏهن ته تونسا وٽان سنڌ جي حصي جو ڇڏيو ويندڙ پاڻي گڊو بيراج تائين نه پهچڻ بابت به سنڌ جي ڊگهي عرصي کان شڪايت آهي انهن شڪايتن جي ازالي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي مامرن جي وزير ڪاميٽي ٺاهي آهي
ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي پاڻي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين نواب يوسف ٽالپر پاران بلوچستان جي ميمبر خالد مگسي جي سربراهي ۾ڪاميٽي جوڙي وئي هئي جنهن موقعي تي پاڻي وهڪرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ رپورٽ ۾ اها تصديق ڪئي هئي ته تونسا وٽان سنڌ لاءِ ڇڏيو ويندو پاڻي مان 10 کان 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي تونسا کان پنجاب جي حدن مان ئي گم ٿي وڃي ٿو اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي
ارسا مطابق سنڌ کي گذريل ڏينهن به 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي ٿي رهي هئي پر ڪالهه گڊو بيراج تي مٿيون وهڪرو رڳو 48 هزار 900 ڪيوسڪ رهيو، ان حساب سان سنڌ لاءِ تونسا وٽان ڇڏيو ويندڙ پاڻي مان 26 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي گڊو وٽ گهٽ پهچي رهيو آهي