سنڌ لينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني ختم: مالڪاڻا حق ۽ کاتا بدل ڊجيٽل: گاڏين جي انشورنس لازمي: موٽرسائيڪلون آجيون قرار   

سنڌ لينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني ختم: مالڪاڻا حق ۽ کاتا بدل ڊجيٽل: گاڏين جي انشورنس لازمي: موٽرسائيڪلون آجيون قرار   

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا سنڌ لينڊ روينيو بل تحت زمينن جي ريڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي- ٽرانسفر، صوبي ۾ گاڏين جي ٿرڊ پارٽي انشورنس جي نفاذ، ڪراچي ۽ ٽنڊي محمدخان ۾دانش اسڪولن لاءِ زمين جي الاٽمينٽ، ڪراچي ۾ 21 ميونسپل اسڪولن جا انتظام دي سٽيزنز فائونڊيشن حوالي ڪرڻ ۽ بين الصوبائي رابطن واري (انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن)کاتي جي نئين سر جوڙجڪ جي  منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ لينڊ روينيو ترميمي بل ۾ ترميمن جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد سڄي سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر آف لينڊ ٽائٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ آهي، اجلاس ۾ منظور ٿيل ترميمي بل کي سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته انهي منصوبي جي منظوري 8 جولاءِ 2025 تي ڏني وئي هئي، رڪارڊ آف رائٽس (مالڪاڻه حق) جي ٻيهر تياري ۽ تصديق، بلاڪ چين تي ٻڌل ڊيٽابيس ذريعي زمينن جي ڊيٽا جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ زمينن جي ٽائيٽلز ( کاتا بدل )  جي اي-ٽرانسفر سسٽم جي تياري تي ٻڌل آهي، مٽياري جي ديهه پليجاڻي ۽ سکر جي ديهه باگڙجي ۾ پائلٽ پراجيڪٽ هلي رهيو آهي، قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967 ۾ ترميمن جي تجويز ڏني وئي آهي، جن ۾ آءِ سي ٽي سان لاڳاپيل تعريفن جو اضافو، رڪارڊ آف رائيٽس جي تعريف کي وڌائي ڊجيٽل رڪارڊ شامل ڪرڻ ۽ نئون سيڪشن 42-اي شامل ڪرڻ آهي جنهن تحت حڪومت کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر بابت قاعدا ٺاهڻ جو اختيار ملندو۔وڏي وزير انهي قانون کي عوامي مفاد، شفافيت ۽ درستگي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو۔ ڪابينا سنڌ ۾ لازمي موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس جي نفاذ جو جائزو ورتو۔ ان ڏس ۾ ايڪسائيز کاتي انشورنس ايسوسيئيشن سان ڪليمن جي ادائيگي جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون۔ وڏي وزير ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته باقاعده انشورڊ گاڏين سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ معاوضي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن عوامي سهولت لاءِ انشورنس فيسيلٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ، سڄي انڊسٽري ۾ هڪجهڙا پريميم ريٽ مقرر ڪرڻ، 24 ڪلاڪ هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ انشورنس سرويئرز جي مدد مهيا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وڏي وزير ڪابينا سان صلاح مشوري بعد فيصلو ڪيو ته موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو ڪئي ويندي، انهي لاءِ اسٽيمپ ڊيوٽي 500 مان گهٽائي 50 رپيا ڪرڻ ۽ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي سيلز ٽيڪس به 15 مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ  جي به منظوري ڏني وئي۔ وزير اعليٰ موٽر وهيڪلز قانون ۾ ترميمن ذريعي موٽر سائيڪلن کي لازمي انشورنس مان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني۔  ڪابينا جي نظرثاني ٿيل تجويز تحت موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس جي مؤثر نفاذ لاءِموٽر وهيڪلز آرڊيننس 1965 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن جن کي منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪابينا سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس 1986ع ۾ ترميم ڪري انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن کاتي جي مَينڊيٽ جو نئين سر جائزو ورتو، نظرثاني ٿيل فريم ورڪ تحت آءِ پي سي کاتو ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ ۽ انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ۽ ٻين بين الصوبائي فورمن جو انتظامي کاتو هوندو، اجلاس ۾ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي سفارش ڪئي ته سي سي آءِ سان لاڳاپيل سڀئي معاملا آءِ پي سي کي ڏنا وڃن ۔ ڪابينا انهن تبديلين جي منظوري ڏئي ڇڏي, ڪابينا سنڌ لينڊ مينيجمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني ليميٽڊ کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اها  ڪمپني 2010 ۾ بورڊ آف روينيو  تحت قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا زمين جي ترقي جي منصوبابندي تي ڪم ڪندي هئي ڪمپني شهري، رهائشي، ڪمرشل ۽ صنعتي پلاٽن جي به منصوبابندي ڪئي، ذوالفقار آباد ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽيز قائم ڪرڻ کان پوءِ لينڊ مينيجمينٽ ڪمپني جو ڪردار ختم ٿي ويو، جنهن تي ڪابينا ڪمپني کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
 

نئين بجيٽ جون تياريون: هلندڙ اسڪيمن لاءِ 80 سيڪڙو فنڊ الاٽ: نيون رٿائون به طلب  

ڪراچي: سنڌ ڪابينا صوبائي ۽ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام اي ڊي پي 2026-27 لاءِ هدايتن جي منظوري ڏني۔ ڪابينا سمورن انتظامي کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن کي حڪومت جي معاشي ايجنڊا سان  سلھاڙي، انهي ڳالهه کي يقيني بڻائين ته نيون اسڪيمون منظور ٿيل ترقياتي حڪمت عملي سان مطابقت رکن ۽ نتيجا واضح ۽ ماپڻ جهڙا هجن۔ موسمياتي مزاحمتي ترقي، ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ مڪمل ٿيڻ، ۽ پرڏيهي تعاون سان ھلندڙ منصوبن لاءِ ڪائونٽرپارٽ فنڊ مختص ڪرڻ تي زور ڏنو ويو۔ وڏي وزير کاتن کي هدايت ڪئي ته ملٽي ڊائمينشنل پوورٽي انڊيڪس، مردم شماري ۽ ايم آءِ سي ايس جهڙن جديد ڊيٽا ذريعن کي استعمال ڪندي مقداري هدف مقرر ڪن، پي اينڊ ڊي ڊي ڪاميٽي ذريعي اسڪيمن جي ڊبلنگ کان بچن ۽ سڀني اي ڊي پي اسڪيمن جي جي پي ايد ٽئگنگ ۽ آن لائن تصديق کي يقيني بڻائين، جاري اسڪيمن کي ترجيح ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ 80 سيڪڙو بجيٽ انهن لاءِ مختص ڪئي وڃي، جڏهن ته مڪمل ٿيڻ جي ويجهو يا علامتي فنڊنگ واري اسڪيم کي منظم، مرحليوار ختم يا حذف ڪيو وڃي جڏهن ته نيون اسڪيمون اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ تيار ڪيون وڃن. کاتن کي مالي پابندين وارن منصوبن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا گس پڻ ڳولڻ جي هدايت ڪئي وئي۔ ضلعي اي ڊي پي 2026-27 لاءِ سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي ته ضلعي اسڪيمن جي بروقت تياري ۽ منظوري کي يقيني بڻائين، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڪمشنر پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندا، وڏي وزير هدايتن ڪئي ته رٿائڻ ۾ نجي زمين جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي
 

وزيراعليٰ پاران 8 جنوري کان وزيرن جي ڪچهرين جو اعلان

 ڪراچي: وڏي وزير 23 ضلعن ۾ وزيرن ۽ مشيرن پاران ڪيل کليل ڪچهرين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو، هن امن و امان، پوليس، صحت، مڪاني خدمتن، پاڻي جي فراهمي ( پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ) روڊن، آبپاشي ۽ تعليم سان لاڳاپيل شڪايتن تي جي حوالي سان سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتون فوري طور حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي۔  وزيراعليٰ اعلان ڪيو ته کليل ڪچهريون جنوري جي ٻئي هفتي کان ٻيهر شروع ٿينديون، شڪايتن جو مناسب حل نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔
 

ڪراچي جي ملير، چنيسر ۽ لياري ٽائونن جا21 ميونسپل اسڪول 25 سالن لاءِ دي سٽيزنز فائونڊيشن حوالي
 ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ ميونسپل اسڪولن جي انتظامن لاءِ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ملير، چنيسر ۽ لياري) ۽ دي سٽيزنز فائونڊيشن   وچ ۾ ڪنسيشن ۽ لائسنس معاهدن جي منظوري ڏني، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته  سنڌ رائيٽ آف چلڊرن ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013  تحت 21 اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت معياري تعليم ( في، يونيفارم ۽ تعليمي نصاب سميت ) فراهم ڪئي ويندي معاهدي تحت ٽي سي ايف 25 سالن لاءِ اسڪولن جي تعمير، رنگ روغن ۽ انتظام سنڀاليندي، انهي مدي کي گڏيل رضامندي سان وڌائي به   سگهجي ٿو، جڏهن ته ٽي ايم سيز زمين ۽ عمارتون مفت فراهم ڪنديون۔
 

ڪراچي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ دانش اسڪولن لاءِ زمين الاٽ
 

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ دانش اسڪولن جي قيام لاءِ زمين جي منظوري ڏئي ڇڏي: ٽنڊي محمد خان ۾ 12.2 ايڪڙن تي دانش اسڪول تعمير ٿيندو