سنڌ مان امن موڪلائي ويو، ماڻهو ڏينهن جو به غيرمحفوظ، 48 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد آهن: آمريڪي ميڊيا

جُولاءِ 8, 2024

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن باوجود سنڌ مان ماڻهو اغوا ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي ۽ سرڪار ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻجي وئي آهي. رڳو پنجن ضلعن شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ جيڪب آباد مان 48 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن. وائس آف آمريڪا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ مان ماڻهن جي اغوا جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي ۽ اڪثر يرغمالي ڀنگ ڀري آزاد ٿيندا آهن. پنجاب ۽ سنڌ جي سرحد وارن سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال لاڳيتي خراب آهي. ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ ته ماڻهو ڏينهن جو به پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهندا آهن ۽ شام جو ته گهران نڪرڻ خطري کان خالي ناهي هوندو. سنڌ حڪومت جو ٽن مهينن کان پوليس ۽ رينجرز سان گڏيل آپريشن باوجود ڪارروائيون جاري آهن. رپورٽ موجب سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ ڌاڙيلن کان مغوين جي ڀنگ عيوض بازيابي معمول بڻجي چڪي آهي. پنجاب ۽ سنڌ جو ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن جي محفوظ پناهگاهه بڻيل آهي. رپورٽ موجب شڪارپور مان 18 ڄڻا اغوا ٿيل آهن جن ۾ رستم مان تازو اغوا ٿيل 4 ڄڻا به شامل آهن. جڏهن ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 8 شهري ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن جن ۾ ڪراڙو ملڪ، محبوب ملڪ، لياقت شيخ، سراج احمد، مستري فراج احمد، غالب حسين گولاٽو ۽ ٻيا شامل آهن. گهوٽڪي ضلعي مان 7 ڄڻا اغوا ٿيل آهن. سکر مان پريا ڪماري سميت 3 ڄڻا اغوا ڪيا ويا آهن. جيڪب آباد ضلعي مان نادر علي ۽ عبدالقادر بنگلاڻي سميت 12 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن.

Leave A Comment