رانديون صحتمند معاشري لاءِ انتھائي ضروري آھن. سنڌ ۾ راندين کي زور وٺرائڻ لاءِ راندين واري وزارت موجود آھي پر سنڌ ۾ راندين وارو کاتو به ٻين سرڪاري کاتن وانگر بي فيض بڻيل آھي. ھن کاتي جي ڪا نمايان ڪارڪردگي نظر نه ٿي اچي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ راندين جي واڌاري لاءِ ھر طرح سان ڪوششون ڪيون وينديون آهن، مختلف راندين جي رانديگرن جي ھر طرح سان مدد ۽ سرپرستي ڪئي ويندي آھي. قومي راندين سان گڏ ديسي راندين کي به اھميت ڏني ويندي آھي. اتي راندين جي حوالي سان ٻھراڙي کي به شھرن جيتري اھميت ھوندي آھي، پر اسان وٽ راندين وارو کاتو شھرن ۾ ته ٿورو گھڻو راندين کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو، ۽ ننڍن شھرن ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. جڏھن ته شھرن ۾ به ديسي راندين جي سرپرستي ڪرڻ، انھن راندين کي وڌائڻ ۽ انھن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪجھ نٿو ڪيو وڃي. جنھن ڪري سنڌ جي قومي راند ملاکڙو، جيڪو ماضيءَ ۾ عيدن تي، شاديءَ جي ڪاڄن تي ٿيڻ سان گڏ عام طور تي شھرن ڳوٺن ۾ ٿيندو ھو پر ھاڻ ملاکڙو مخصوص علائقن ۽ موضوعن تائين محدود رھجي ويو آھي. ماضيءَ ۾ ملھ سيکارڻ وارن پھلوانن پاران ذاتي طور ملھ جا سکيا گھر قائم ڪيل ھئا پر حڪومتي سرپرستي نه ٿيڻ ڪري ۽ جھونا ملھ پھلوان گذاري وڃڻ ڪري، پنهنجي مدد پاڻ تحت قائم ڪيل ڪوچنگ سينٽر بند ٿي ويا.
ماضيءَ ۾ ٻھراڙين ۾ ڪيتريون ئي ديسي رانديون کيڏيون وينديون ھيون، پر آھستي آهستي اھي رانديون پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون آھن. اسان جي نئين نسل کي ماضيءَ جي انھن راندين جي ڪا خبر ئي نه آھي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ديسي ٻاراڻيون رانديون، جيڪي ھاڻ ختم ٿي ويون آھن يا شايد ڪجھ علائقن ۾ اڃا به کيڏيون وينديون ھجن، جي ڪن علائقن ۾ کيڏيون به وڃن ٿيون ته اھي عام جام نه آھن. اڳ ٻھراڙيءَ ۾ والي بال، ڪٻڊي، اِٽي ڏڪر راندين جو عروج ھو. ٻھراڙين ۾ انھن راندين جا مقابلا ٿيندا ھئا. اُن کان علاوه لاٽون ڦيرائڻ، بلور جو به رواج عام هو. اسان جي ڳوٺ ۾ به يونين ڪائونسل جي گرائونڊ تي روز والي بال ٿيندي ھئي، جڏھن ته جتي ملدسي ھاءِ اسڪول آھي، اتي اِٽي ڏڪر جي روز راند ٿيندي ھئي. تقريبن ھر عيد تي ڪٻڊي ٽورناميٽ ٿيندي ھئي. سيارو ايندي ئي جتي ملدسي ڊسپينسري آھي، اتي ڀرسان پورو سيارو ڪٻڊي راند ٿيندي ھئي، پر ڪافي سالن کان اسان جي ڳوٺ ملدسي ۾ راندين جو اهو سلسلو بند آھي، جنھن جا ڪيترائي سبب آھن. ھڪ سبب اهو ته انھن راندين جا جيڪي گرائونڊ ھئا، اھي ختم ٿي ويا آهن. سنڌ جي ڪجھ ڳوٺن ۾ اڃا به والي بال ۽ ڪٻڊي ٿئي ٿي، پر ان جو ماضيءَ وارو عروج نه آھي. سنڌ ۾ جيڪي ٻاراڻيون رانديون ھيون، انهن مان 98 سيڪڙو ته بلڪل ختم ٿي چڪيون آھن.
سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب ۾ اڻ کُٽ عوامي رانديون آهن، جيڪي ننڍپڻ ۾ ٻارڙا وندر لاءِ کيڏندا ھئا. انھن مان ڪجھ رانديون وڏا به کيڏيندا ھئا، جڏهن ته ڪافي رانديون ڇوڪريون به کيڏينديون ھيون. اھي رانديون گهڻو ڪري هر موسم ۾ کيڏيون وينديون ھيون، پر سياري ۾ انھن راندين جي ڌم مچي ويندي ھئي. ننڍن ڳوٺن کان وٺي وڏن شهرن تائين، گهرن، گهٽين ۽ رستن تي رانديون ئي نظر اينديون ھيون. اِٽي ڏڪر، بلورن راند، لاٽون، لغڙ اُڏائڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا حصو وٺندا ھئا. بهار جي مُند ۾ ”چور پوليس“ راند عروج تي ھوندي ھئي. ڇوڪرا گهڻو ڪري ”سٽ ڪُٽ“، ”کيروٽي“ ۽ ”ليٽ ڪبوتر“ کيڏين ٿا. اونهاري جي موسم ۾ ڇوڪرين جون رانديون پينگهه ۽ چيڪلو آهن. ڪي رانديون، مثال لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سؤنٽو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ يا الڳ الڳ ٽوليون ٺاهي کيڏندا آهن. ڏاڪ چمي ۽ ڏائي رانديون به خاص هيون. سنڌ جون اهي سڀ مختلف قسمن جون رانديون نه رُڳو ٻارن جي وندُر لاءِ اھم رھيون پر اھي رانديون کيڏڻ سان سندن صحت تي به ڪارائتا اثر ڇڏينديون ھيون، جڏھن ته وڏن جون رانديون الڳ قسمن جون هونديون آهن، اُنھن ۾ ملھ، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي شامل آھن. ان کانسواءِ ماضيءَ ۾ ٻين راندين کانسواءِ ارچڪ مرچڪ، اس ۽ ڇانو راند، اکر ۽ ڀوري راند، اڪي ٻَڌي راند، اسڙي ڇانئڙي. جليڪٽون، آڳ گاڏي ٽنڊي جي (راند)، آپڻان گليلا راند، آڱرين جو اُٺ هلائڻ (راند)، چيچمڪڙو، مَلھ، ٻلھاڙو، ڪُشتي ويڙھ، اٽي ڏڪر، تاش راند، ونجھوٽي، ڪوڏي ڪوڏي، لڪ ڇپ، نوڙي ٽَپ ڏيڻ، پٿربال، ٺِپي راند، ڇم ڇم، چڻ مگڻ، شينھن ٻڪري راند، ڪنگري ڪلوٽو، الھو ٻلھو، انڊڪ منڊڪ، پٺو بال، پَٺوُ، نَوَ ٽِڻ، ڏاڪ چُمي، ڌائين، ڪوڏيون، ڪبوتربازي، چدا گھچي، گُليل، گھٻي، چِيڪلو، پينگھ، دادڙين، ڏير راند، ڏانڊئي ناچ راند، گھوڙو، ھاٿي سُونڍ، چدي راند، لاٽون، ٺڪريون، ڦر ڦر سئونٽو، ٿالم ٿالھي، انڊا امپريس، ٽاپو، ڪيرم بورڊ، انڌو گھيٽو، لنگھڙي ڊوڙ، ڪلندرو، ريل گاڏي، غلام ڏڪر، گُڏي گُڏو راند، ادي ادي گڏي راند، ليٽ ڪبوتر، ٻلي ڪبوتر، مائي مائي راند، اسي موري، لال ڦيري، گھوڙن، ڏاندن جي ميل، سنواريو ڍڳن. گهوڙن جو ميل، ڪُڪڙ ميل، چور پوليس راند، گوٽي راند، سَٽَ ڪُٽَ، پٺو، ٽانگڻ ڦوسڻ، گل ٿندو، گولي کانچا، سئونٽي ڦرڪي، کُوکُو، ٽِپو، ٽاپون، چئوسر، لغڙ راند، ڀڃ پَرولي، آڦڙا آڦڙا ڪُرڙا، ڪارڙو ڪمرڙو، گل راند، ٻارَ گاٻڙي راند، ٻارَچوپڙ راند، ٻارَ ٻلاڙو راند، ٻارَ ميڻ راند، ٻارَ گول راند، ٻارَ آنٻليو راند، ٻارَ نانگيل ڦوسيل راند، ٻارَ گھنين واري راند، ٻارَ ڏير ڀاڄائي راند، ٻارَ نو کڻي راند، ٻارَ چلھر راند، ٻارَ ماڪوڙو راند، ٻارَ اٺ اٺاڻي راند، ٻارَ اٽي، ٻارَ بينڀيو، ٻارَڇن، ٻارَ کٽ کٽاڻي راند، ٻارَ سائو پن يا ڪارو پنو، ٻارَ ڇٺي راند. انهن مان گهڻي ڀاڱي رانديون ختم ٿي ويون آھن. ڪي ٿورڙيون رانديون اڃان به ڪن ڳوٺن ۾ کيڏيون وڃن ٿيون.
راندين واري کاتي پاران سال ۾ ھڪ ٻه دفعا راندين جا ھفتا ملھايا وڃن ٿا، پر اھي گھڻو ڪري ضلعي ھيڊڪوارٽرن تائين محدود آھن، پر اتي به راندين جي ملھايل ھفتن ۾ سنڌ جي مٿي ذڪر ڪيل راندين کي شامل ناهي ڪيو ويندو. اِهي رانديون فقط وندر ۽ ورونهن جو ذريعو ناهن، پر اُنهن سان ٻارن جو ذهن به کُلي ٿو ۽ سندن سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڏاڪ چُم راند جي پسمنظر ۾ وڏڙا ٻُڌائين ٿا ته اِن راند جو مقصد اِهو هو ته جيئن ٻارن جي وڻن تي چڙهڻ جي پريڪٽس ٿئي. سندن اِهو به چوڻ آهي ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوئر به هوندا هُئا، جيڪي اوچتو حملو ڪري ڏيندا هُئا. اُنهن کان بچڻ لاءِ اِهو آسان طريقو هوندو هو ته جلديءَ ۾ ماڻهو ويجهي ئي ڪنهن وَڻ تي چڙهي وڃي. اهڙي طرح پاڻيءَ ۾ تيراڪي سيکارڻ لاءِ به ڪيتريون ئي رانديون هيون. چانڊوڪي راتين ۾ ٻارڙا گهڻي ڀاڱي ڳجهارتون ڏيندا ۽ ڀڃندا هُئا، پر زماني جي ترقيءَ اُهي سڀ رونقون اسان کان ڦُري ورتيون آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ جي راندين واري وزارت کي ان حوالي سان پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ۽ راندين جي سرپرستي ڪرڻ کان وٺي جيڪي راندين جا ھفتا ملھايا وڃن ٿا، انهن کي صرف وڏن شھرن تائين محدود نه ڪيو وڃي، ٻهراڙين ۾ به اُهي هفتا ملهايا وڃن. اُن کان علاوه وڏن شھرن ۾ نج ديسي راندين کي به شامل ڪيو وڃي. جڏھن ته ختم ٿي ويل ديسي راندين کي زنده رکڻ لاءِ انھن راندين کي وري جياريو وڃي ۽ انهن راندين جي سرپرستي ڪئي وڃي.