| سنڌ مان معياري راڳ ختم ناھي ٿيو: اڄ به بھترين شاعري سرجي ۽ ڳائجي ٿي: رجب فقير |
ڪراچي(ڳالهه ٻولهه: فقير سليم) سنڌ جي نوجوان راڳي رجب فقير چيو آھي ته سنڌ ۾ جنهن به ماڻهو پنهنجي فيلڊ ۾ محنت ڪئي آھي، سنڌ انھي کي جيءِ ۾ جايون ڏنيون آھن، راڳ ۽ راڳين جي ڪا سرحد ناھي ھوندي، امن جا اهي سفير پوري دنيا ۾ محبت جو پيغام عام ڪن ٿا، پنهنجي اخبارسان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي پاران ايڪتا ڏهاڙي جي اعلان بعد سنڌ جي فنڪارن کي پوري دنيا ۾ رھندڙ سنڌي دعوت ڏئي گھرائين ٿا، ھن چيو ته سنڌ واسين کي گذارش ڪريان ٿو ته اوهان جنهن به فيلڊ ۾ ھجو، محنت ڪريو، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان پيار ڪريو،آرٽسٽ وري سينيئرز جو خيال ڪن، موسيقي پيار جو نالو آھي، جيتري نوڙت ھوندي. اوتري ئي قسمت جي ديوي مھربان ھوندي، هن چيو ته ڳائڪي جي دنيا ۾ اسڪول جي زماني کان شروعات ڪئي، اتي ٿيندڙ فنڪشنز ڪيا ـ استادن حوصلا افزائي ڪئي، خانداني طور راڳي گھراڻي سان تعلق ڪري راڳ ۾ دلچسپي وڌي وئي، مون عمرڪوٽ ۾ استاد شفيع فقير وٽ 9 سال سکيا حاصل ڪئي، جنهن بعد 2008ع ۾ منهنجي ڌاڳي جي رسم ٿي، 2009 ع ۾ استاد شفيع فقير جي ھدايتن تي مراد فقير اڪيڊمي قائم ڪئي، جتان ڪيترائي نوجوان راڳي تيار ٿيا آھن. ھن چيو ته سنڌ ۾ راڳي معياري راڳ ڳائي ٿو، جنهن تي سنڌ تمام گهڻي عزت ڏئي ٿي، هن چيو ته سنڌ مان معياري راڳ يا شاعري ختم ناھي ٿي۔ سنڌ ۾اڄ به بھترين شاعري سرجي ۽ ڳائجي ٿي، مون شيخ اياز ۽ استاد بخاري کانپوءِ حاجي ساند، سائينداد ساند، شنڪر ساگر، ھرچند ساگر، امر پيرزادو، مھرڊٻائي ۽ امداد حسيني جي شاعري ڳائي آھي، ھن چيو ته اڄڪلهه ٿوري ڪلاسيڪل موسيقي جي ٽچ سان نـيم ڪلاسيڪل راڳ وڌيڪ ٻڌو وڃي ٿو، ھن چيو ته آرٽس ڪائونسل سنڌ جي فنڪارن کي عزت ڏئي گهرائيندي ته آرٽسٽ ڇو نه ايندا؟
| ممتاز مولائي ٿري فنڪارن بابت تبصري تي معافي گھري: رجب فقير |
ڪراچي: نامياري راڳي رجب فقير چيو ته ٿر جي فنڪارن بابت ممتاز مولائي جي ڪيل گفتگو تي اسان ارھا ناھيون، ھن پنهنجي ذاتي راءِ جو اظھار ڪيو ھو، مونکي ممتاز مولائي پورٽ گرانڊ تي مليو، ٿري فنڪارن بابت پنهنجي تبصري تي معافي گھريائين ـ اسان کيس جي ۾ جايون ڏيون ٿا، ھن چيو ته اسان راڳين جي سرحد ناھي، ڪجهه ڏينهن اڳ اسان پنهنجي برادري جي ڪاڄ ۾ شمن ميرالي کي گھرائي عزت ڏني
فنڪارن کي ثقافت کاتي جي امداد ڏانھن واجھائڻ بجاءِ پيرن تي بيھڻ گھرجي: رجب فقير
ڪراچي: سنڌ جي نوجوان راڳي رجب فقير چيو آهي ته سنڌ ثقافت کاتي سان فنڪارن جي شڪايتن بابت ماضي تي نه ڳالهائيندس، ھن وقت اينڊوومينٽ ڪميٽي ۾ اچڻ بعد پھرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مون ڏٺو ته ھڪ ھڪ ڪيس تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، گڏجاڻي ۾ 700 ڪيس منظور ٿيا. هن چيو ته سنڌ جي فنڪارن کي ثقافت کاتي جي مالي امداد ڏانھن واجھائڻ بجاءِ پنهنجن پيرن تي بيھڻ گھرجي، آئون بيمار ٿيس، ان وقت سردار شاھه ثقافت جو وزير ھو، مون کائنس ھڪ رپيو به امداد نه ورتي.
مراد فقير اڪيڊمي کي سمپا جھڙو ادارو ٺاھڻ چاهيان ٿو: رجب فقير
ڪراچي : استاد رجب فقير چيو آهي ته سندس خواب آھي ته ھو مراد فقير اڪيڊمي کي به سمپا جھڙو ادارو ٺاھي، جتان سکيا وٺندڙ نوجوان جي ڊگري جي اھميت ھجي، انھي لاءِ اسان رجسٽريشن جي مرحلي ۾ آھيون. آئون اڪيڊمي لاءِ جلد پلاٽ خريد ڪندس، هن چيو ته 2009 ع کان اڄ تائين ڪنهن به ڊونر کان اڪيڊمي لاءِ فنڊنگ ناھي ورتي