سنڌ مان موڪلائي ويل امن

سنڌ اڄ جنهن دوزخ جهڙي صورتحال مان گذري رهي آهي، ان کي رڳو بدامني چوڻ به حقيقت سان زيادتي ٿيندي. هي سڌي ريت رياست جي ناڪامي، حڪمرانن جي نااهلي ۽ قانون جي جنازي کڄڻ جو اعلان آهي. قتل، ڦر، اغوا ۽ قبيلائي خونريزيون هاڻي روزاني جو معمول بڻجي چڪيون آهن. جڏهن عيد جهڙي مقدس ڏينهن تي به پراڻي تڪرار تان هڪ گهر تي حملو ڪري چئن بيگناهه انسانن کي قتل ڪيو وڃي، ته پوءِ اهو واضح پيغام آهي ته سنڌ ۾ نه ڪو قانون بچيو آهي، نه ڪو خوف، نه ڪا رياستي رٽ. ھتي جھنگ جو قانون آھي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته سنڌ روانڊا جي راھن تي ھلي پئي آهي.

عيد جي سڳوري ڏينھن تي ھڪ گھر تي حملو ڪري چئن گھر ڀاتين کي قتل ڪري ماتم برپا ڪرڻ رڳو هڪ واقعو ناهي، هي هڪ علامت آهي—ان نظام جي، جيڪو مڪمل طور سڙي ۽ ڳري چڪو آهي. اهو سماج، جتي عيد جي ڏينهن تي به رت وهندو هجي، اتي حڪمرانن کي جشن ملهائڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ ڇا انهن وٽ ڪو اخلاقي جواز بچيو آهي ته اهي پاڻ کي عوام جا نمائندا سڏرائين؟ حقيقت اها آهي ته حڪمرانن لاءِ اقتدار هڪ سنجيده ذميواري نه رهيو آهي، پر هڪ راند، هڪ دلپشوري، هڪ عياشي بڻجي چڪو آهي. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ انهن جي ايجنڊا تي ئي ناهي. قبيلائي جهيڙا، جيڪي صدين پراڻي ذهنيت جو نتيجو آهن، اڄ به سنڌ جي رڳن ۾ زهر وانگر ڦهليل آهن. پر اصل ڏوهه انهن جو ناهي، جيڪي اڻ پڙهيل يا روايتي سوچ ۾ ڦاٿل آهن؛ اصل ڏوهه انهن حڪمرانن جو آهي، جيڪي ڄاڻي واڻي انهن جهيڙن کي زنده رکن ٿا. ڇو؟ ڇو ته قبيلائي تڪرار انهن جي سياست جو ٻارڻ آهن. جڏهن عوام پاڻ ۾ وڙهندو رهندو، تڏهن حڪمرانن کان ڪو به حساب نه وٺندو…. ۽ پوليس؟ اها ته هاڻي کل جهڙي شيءِ بڻجي وئي آهي. جنهن اداري کي عوام جي حفاظت ڪرڻي هئي، اهو اڄ وڏيرن، سياستدانن ۽ بااثر ڀوتارن جي نوڪري ڪري رهيو آهي. پوليس اسٽيشنون انصاف جا مرڪز نه، پر سفارش، رشوت ۽ سياسي اثر رسوخ جا اڏا بڻجي چڪيون آهن. عام ماڻهو لاءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ به جنگ کٽڻ برابر آهي، جڏهن ته طاقتور لاءِ قانون رڳو هڪ مذاق آهي. پوليس اهلڪار عوام جا خدمتگار نه، پر حڪمرانن جا ذاتي محافظ بڻيل آهن. اهو نظام صرف ڪمزور ناهي، اهو مڪمل طور تي ڪرپٽ، زبون ۽ بي روح ٿي چڪو آهي. جڏهن قاتل کلئي عام گهمن، جڏهن ڏوهاري فخر سان هٿيار کڻي ڦرن، جڏهن عدالتن ۾ ڪيسن جا ڍير لڳل هجن ۽ فيصلا سالن تائين نه ٿين، ته پوءِ اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي چڪي آهي. هتي هاڻي “جھنگ جو قانون” لاڳو آهي— جيڪو طاقتور آهي، اهو ئي حق تي آهي.

هاڻي سوال اهو ناهي ته امن امان ڪيئن بحال ڪجي؛ سوال اهو آهي ته ڇا موجوده حڪمرانن وٽ اها صلاحيت، اها نيت ۽ اهو اخلاقي جواز آهي به يا نه؟ جيڪڏهن حڪمران پاڻ سنجيده نه آهن، ته ڪابه پاليسي، ڪوبه اعلان، ڪوبه اجلاس ڪجهه به تبديل نٿو ڪري سگهي. امن امان لاءِ پهريون قدم اهو آهي ته حڪمران پنهنجي نااهلي تسليم ڪن— پر افسوس، هتي ته ڪو به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس کي مڪمل طور سياسي غلاميءَ مان آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن پوليس تي سياستدانن جو ڪنٽرول ختم نه ٿيو، ته پوءِ امن امان بحال ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻيو، قبيلائي نظام جي آڙ ۾ هلندڙ هٿياربند جٿن کي فوري طور ختم ڪرڻو پوندو. رياست کي واضح ۽ بي رحم ڪارروائي ڪرڻي پوندي— ڪو به وڏيرو، ڪو به سردار، ڪو به بااثر شخص قانون کان مٿي نه هجڻ گهرجي. ان سان گڏ، عدالتن کي به جاڳڻو پوندو. انصاف ۾ دير، انصاف جي انڪار برابر آهي. جيڪڏهن قاتلن کي سالن تائين سزا نه ملندي، ته اهي وڌيڪ بهادر ٿيندا. فاسٽ ٽريڪ فيصلا، شاهدن جو تحفظ ۽ ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي وقت جي اهم ضرورت آهي. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته عوام کي به هاڻي خاموش تماشائي بڻجي ناھي رھڻو. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ آواز نه اٿاريندا، ته پوءِ اهي هميشه اهڙي ئي ظلم ۽ ناانصافيءَ جو شڪار رهندا. خوف جي زنجيرن کي ٽوڙڻو پوندو، نه ته ايندڙ نسل به ساڳئي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهندا.

سنڌ جو حال هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن اڄ به سخت قدم نه کنيا ويا، ته سڀاڻي شايد گهڻي دير ٿي چڪي هوندي.حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته اقتدار هميشه لاءِ ناهي، پر انهن جي نااهلي جا اثر نسلن تائين رهندا. جيڪڏهن انهن اڃا به هوش کان ڪم نه ورتو، ته پوءِ تاريخ کين نه صرف معاف نه ڪندي، پر سنڌ جي تباهيءَ جو ذميوار به قرار ڏيندي.