سنڌ مان 20 گريڊ هين گريڊ جو پوليس آفيسر شوڪت کٽياڻ بدلي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 20 هين گريڊ جي پوليس آفيسر شوڪت کٽياڻ کي سنڌ مان بدلي ڪيو ويو، کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ايف آئي اي ۾ خدمتون ڏيندڙ 20 هين گريڊ جي پوليس آفيسر عبدالسلام جون خدمتون سنڌ حوالي ڪيون ويون آهن. وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي
 

توهان کي جنگ جي ڳري قيمت چڪائڻي پوندي: علي لاريجاني جي ٽرمپ کي ڌمڪي
 

تهران: ايران تي آمريڪا-اسرائيلي حملي ۾ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي موت کان پوءِ، ايران جي سيڪيورٽي چيف علي لاريجاني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خبردار ڪيو آهي ته خامنه اي جي موت جي توهان کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ لاريجاني چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نتنياهو جي کل جوڳين ڪاررواين ۾ مبتلا ٿي ٽرمپ آمريڪي عوام کي ايران سان جنگ ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. هن ڊونلڊ ٽرمپ کان پڇيو ته ڇا هو اڃا به آمريڪا کي پهرين رکي ٿو يا اسرائيل کي؟.