سنڌ مرڪي پئي…….!!

                 نعيم بخاري جي زندگي ميڊيا، مزاح ۽ قانون جي ٽڪنڊي قيد ۾ گذري آھي. ھن جي مشھوريءَ جو سبب صرف اھو ناھي ته ھو ملڪه پکراج جي قداور، سنجيده ۽ سريلي ڌيءَ طاھره سيد جو سابق گھر وارو آھي. نعيم بخاري پاڻ به خوبصورت، خوش لباس ۽ ھڪ اھڙو کلڻو شخص رھيو آھي، جنهن جي زندگيءَ تي پنڊيءَ جي جرنيلن جو گھٽ پر پنجاب جي اديبن، شاعرن ۽ استادن جو اثر وڌيڪ رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھن وقت ھو زندگيءَ جي ان موڙ تان گذري رھيو آھي، جڏھن جوانيءَ جو سون پيريءَ جي چانديءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آھي پر عمر ھن کان ھن مھل تائين اھا فقري بازي ۽ حس مزاح جو فن کسي نه سگھي آھي. ھو صرف پنهنجن مشھور ٽي وي انٽريوز ۽ ٽاڪ شوز ۾ سينس آف ھيومر جو مظاھرو نه ڪندو ھو پر ھن کي جڏھن موقعو ملندو آھي ته ھن جي وات مان “طنز ۽ مزاح” جو ڪو اھڙو فقرو نڪري ويندو آھي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Wit and Humor ڪوٺيو ويندو آھي. پنهنجي ان عادت کان مجبور نعيم بخاريءَ کان ڪجھ وقت پاڪستان جي ھڪ سياسي ڪيس دوران جڏھن ھڪ صحافيءَ اھو سوال پڇيو ھو ته ڇا ھو ھي ڪيس ھارائي ويندو؟ تڏھن ھن بنا سوچڻ جي تڪڙ ۾ اھو تڪراري جواب ڏنو ھو ته، “ڇا وڪيل به ڪڏھن ھارائيندا آھن؟ ھارائيندو ته اصيل آھي”. مزاح جي حد تائين ته نعيم بخاريءَ جي ان جواب کي مڃي به سگھجي ٿو پر حقيقت اھا آھي وڪيلن کي کٽڻ توڙي ھارائڻ جي صورت ۾ پنهنجي فيس ڀلي ته مڪمل ملي پر انهن کي ھميشه فتح نصيب نه ٿيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن انهن جي حصي ۾ ھار به ايندي آھي. ڇو ته قانون ۽ انصاف جو دائرو صرف ملڪي عدالتن تائين محدود نه ھوندو آھي پر ھڪ عدالت ان تاريخ جي به ھوندي آھي ۽ ان عدالت جا قانون ايترا ته اٽل ۽ اڏول ھوندا آھن، جن ۾ ڪنهن به ترميم جو تير پيوست ٿي نه سگھندو آھي. اصل جيت ۽ مات تاريخ جي ان عدالت جي حوالي سان ھوندي آھي، جنهن جو عڪس ھلندڙ وقت دوران ان عوامي امنگن ۾ نظر ايندو آھي، جنهن جي آواز کي ھن مھل تائين ڪنهن آمر جي عياري ۽ ڪنهن جرنيل جو جبر دٻائي نه سگھيو آھي.

سنڌ ۾ ھن ڀيري بار جي چونڊ دوران سوڀ جو سھرو انهن وڪيلن جي سر تي سجيو آھي، جيڪي سرڪار بدران سنڌ سان بيٺا. جيڪي سنڌو نديءَ ۽ ڪارونجھر پھاڙ جي حمايت ۾ احتجاج دوران ائين ھليا، جيئن ساوڻ رت ۾ سنڌو دريا ھوندو آھي ۽ جيڪي احتجاج دوران ڌرڻي ائين اٽل ۽ اڏول ٿي بيٺا جيئن ڌرتيءَ تي جبل بيھندا آھن. وقت بدلجي ويو آھي. بلڪل به بدلجي ويل آھي. ھاڻي لينڊلائن جو دور ڀلي ختم ٿي ويو ھجي پر موبائل ۽ سوشل ميڊيا جي ان شور ۾ چاھ جو اھو چنگ اڄ به وڄي ٿو، جنهن جا سر سچ ۽ حق جا حامي آھي. ماڻھو مجبور آھن. بلڪل به آھن. پر اھي مجبور ۽ محڪوم ماڻھو ان سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ مجبورين جا زنجير ٽوڙي اچن ٿا، جيڪو سچ انهن جي ديس جي ڌرتي ۽ جيڪو حق عوام امنگن جي ترجماني ڪري ٿو.

سنڌ ۾ ھن ڀيري سوڀ انهن وڪيلن کي حاصل ٿي آھي، جن سورنهن سالن جي مضبوط سرڪار جي حامين کي مات ڪري انهن وڪيلن کي جيت سان ھم آغوش ڪيو آھي، جن سرڪاري مراعتون حاصل ڪرڻ بدران عوامي مفادن جو تحفظ ڪيو. اھا ڪنهن فرد يا ڪنهن ڌر جي جيت نه پر اصل ۾ ان ڪيس جي ڪاميابي آھي، جنهن جو ھڪ پھلو ڪارونجھر جو اھو پھاڙ آھي، جنهن جي تحفظ لاءِ ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ احتجاج جو اھو شور جاڳيو، جنهن جي جنم جو سھرو انهن انسانن جي حصي ۾ آيو، جن جي تن بدن تي ڪارا ڪوٽ پھريل ھئا ۽ ھو ڪارا ڪوٽ پائي ظلم ۽ ستم جي ڪوٽن جا اھي ڪنگرا ڪيرائڻ نڪتا، جن مٿان وقت جي حڪمرانن جا توترا وڄندا آھن.

اھو سچ پچ ته ھڪ حيران ڪندڙ منظر ھو. جڏھن ڇا ڪراچي؟ ڇا ڪورٽون؟ ڇا ڪارونجھر؟ پر جڏھن تاريخ جي رمز کي رازق راس آڻيندو آھي، تڏھن چورن جي شڪست ڏيڻ لاءِ مورن جا حامي شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ، ھر گھٽي ۽ ھر چونڪ تي صدائون بڻجي ويندا آھن ۽ ان عظيم شور ۾ سازشون دٻجي ختم ٿي وينديون آھن.

سو! بظاھر ته اھا وڪيلن جي ھڪ ڌر جي سوڀ آھي پر اصل ۾ اھا سچ، سنڌ ۽ ان جبل جي جيت آھي، جنهن جبل کي سرڪار ذرو پرزو ڪري وڪڻڻ واري اسڪيم جي پاسي آھي ۽ جنهن جي جبل کي ھن مھل تائين ان ادب جيئاريو آھي، جيڪو بظاھر ته بلڪل بيڪار ۽ اجايو قرار ڏنو ويندو آھي. ان ڪري ھيءَ جيت اصل ۾ انهن گيتن، بيتن ۽ غزلن جي آھي، جيڪي ھن مھل تائين ڪارونجھر جي ڀيٽا ڏيڻ خاطر تخليق ٿيا آھن. ھيءَ فتح صرف ھڪ اشو جي نه پر انهن افسانن، ڊرامن ۽ ڪھاڻين جي انهن ڪردارن جي آھي، جيڪي ڪارونجھر جي ڪور کي سدائين ڏِيئي لاٽ وانگر اوچو ۽ روشن ڏسڻ جي تمنا ۾ تڙپندا رھيا. ممڪن آھي ته ڪو ڪنهن الڳ انداز سان سوچي پر اسان لاءِ ته ھيءَ جيت ادب جي ان پھلو جي جيت آھي، جيڪو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عوام سان آخر تائين وفا جو وچن نڀائي ٿو.

حڪومتن جي ڪامياب حڪمت عملي اھا ھوندي آھي ته ھو سدائين ماڻھن جو بگڙيل موڊ ڏسي پنهنجن مفادن جا منصوبا معطل ڪندا آھن ۽ کين ان وقت جو انتظار ھوندو آھي، جڏھن ماڻھن مان احساس جي شدت گھٽجي وڃي. ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ خلاف جڏھن سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ اھو اشو ڪئنالن واري منصوبي جيان ھڪ اھڙو ليڪو بڻجي ويو، جنهن جي ٻي پاسي بيھڻ جو مطلب پنهنجي ديس ۽ ڌرتيءَ سان غداري ڪرڻ برابر ھو ته پ پ حڪومت کي به مجبور ٿي ان پاسي بيھڻو پيو، جنهن پاسي ادب، عشق ۽ عوام ھو. ڪجھ وقت کان پوءِ سرڪار سوچيو ته ھاڻي ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ خلاف اٿيل احتجاج عوام کان سرڪاري واعدن وانگر وسري ويو ھوندو ته حڪومت ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ واري معاملي کي ماٺ ميٺ عملي صورت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ھن ڀيري کيس پڪ ھئي ته حڪومت کي پنهنجا کيسا ڀرڻ ۽ پنهنجا ڌر ڌڻي خوش ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو پر جيئن ئي ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ مٿان پيل قانوني پابنديون پري ڪرڻ جي شرانگيز سازش شروع ٿي، تيئن ئي سنڌ ۾ احتجاج وري آرس ڀڃڻ لڳو. وڪيل وري رستن تي نعرا ھڻڻ لڳا. سوشل ميڊيا تي احتجاج جي وسامي ويل باھ ٻيھر ڀڙڪڻ لڳي. پيپلز پارٽيءَ ھڪ ڀيرو ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ تان ھٿ کڻڻ بعد عدالت معرفت مورن جي ماڳ کي ٽوڙي ڦوڙي تين وال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ستت ئي پتو پئجي ويو ته ڪارونجھر طرف سرڪار جي وڪري واري پيش قدمي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي. اھوئي سبب آھي ته وڪيلن سان ڳالھيون ڪندي پيپلز پارٽيءَ جي وزير چيو آھي ته بلاول پاڻ ڪارونجھر جي تحفظ جو حامي آھي. سوال اھو آھي ته جيڪڏھن سرڪاري پارٽيءَ جو سربراھ ڪارونجھر جي ڪٽائيءَ جو مخالف آھي ته پوءِ اھي آخر ڪھڙيون قوتون آھن، جيڪي ڪنهن به قيمت تي ڪارونجھر جي وجود کي ڀڃي ڀوري وڪرو ڪرڻ چاھين ٿيون؟

ان سوال کان وڌيڪ اھم سوال اڃان ٻيو آھي. اھو سوال ھي آھي ته آخر ڪارونجھر ايترو اھم ڇو بڻجي ويو آھي، جو ان مٿان ڪڙڪندڙ مشينن خلاف ماڻھو اٽل ۽ اڏول ٿي بيٺا آھن؟ جڏھن ته جبل ٻيا به آھن. سنڌ ۾ انهن جبلن جو وجود وڏي وقت کان وٺي مسلسل ختم ٿي رھيو آھي. جيڪڏھن اسان سنڌو درياھ جي ساڄي ڪپ تي بيٺل کيرٿر جبل کي ڏسون ته اسان کي اھو جبل مسلسل جھرندو نظر ايندو پر ان جبل جي حق ۾ ھن مھل تائين ڪاڇي مان ڪا ڪوڪ نه اڀري آھي. اھو کيرٿر ئي آھي، جيڪو سنڌ جا ٽي وڏا تعليمي ادارا پنهنجي آغوش ۾ سمائي ويٺو آھي پر اسان ڪڏھن به نوجوانن کي کيرٿر جي ڪٽائيءَ خلاف احتجاج ڪندي نه ڏٺو. جڏھن ته کيرٿر جي حوالي سان لکيل ڪتابن ۾ اھو به ٻڌايو ويو آھي ته علم الانسان يعني اينٿروپالاجيءَ جي ماھرن کي کيرٿر پھاڙ ۾ انساني ارتقا جا قيمتي نشان نظر آيا آھن پر ھن مھل تائين کيرٿر پھاڙ جي تحفظ لاءِ ڪو آواز نه اٿيو آھي ۽ نه وري سنڌ جي تاريخي ماڳ اروڙ جي جھونين ٽڪرين کي جھورڻ واري سازش خلاف ڪا مزاحمت پيدا ٿي آھي پر ڪارونجھر ھڪ اھڙو اشو بڻجي ويو آھي، جنهن طرف سرڪاري سازشن کي سدائين مات ملي آھي. ڇو ته ڪارونجھر جي تحفظ لاءِ اڳ ۾ صرف اديب، شاعر ۽ ٿر جي واريءَ سان غيرمشروط محبت ڪندڙ ماڻھو متحرڪ ٿيندا ھئا پر ھاڻي ته پنهنجي ديس جي پھاڙ لاءِ قانون ۽ انصاف جا رکوالا وڪيل ۽ جج به ڪنهن ڪمپرومائيز کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ڪارونجھر جي حفاظت لاءِ متحرڪ ٿيندڙ حلقن ۾ مسلسل اضافو اچي رھيو آھي. مجموعي طور تي اھو محسوس ٿي رھيو آھي ته ڄڻ سنڌ مسلسل ظلم ۽ جبر کي صبر سان سھڻ بعد عملي طور تي اھو اعلان ڪيو آھي ته ڪارونجھر انهن جي سھپ جو آخري مورچو آھي. ڪارونجھر اھو دنگ بڻجي ويو آھي، جنهن کي ڪراس ڪندڙ ڪوئي قدم ڪنهن کي قبول ناھي ۽ جڏھن ڪارونجھر مخالف قدم کي قانون جي حمايت حاصل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جا سرڪش وڪيل سراپا احتجاج بڻجي ويا. اھو احتجاج نه صرف ڌرتيءَ جي دادلي جبل کي بچائڻ جو سبب بڻيو پر اھو احتجاج وڪيلن کي بار جي سياست ۾ سوڀارو به ڪري ويو.

سنڌ جي سچي، سادي ۽ سٻاجھي شاعر بلبل کورواھي جا امر ٻول آھن:

”جي جيارن مٿان، جانثارن مٿان

منزلِ عشق جي چنڊ تارن مٿان

ڪاڪ جي ھر ڪنڌيءَ جي ڪنارن مٿان

دشمنِ ديس تي ڦاھي سرڪي پئي

سنڌ مُرڪي پئي، سنڌ مُرڪي پئي“

مسڪراھٽ سدائين حسين ھوندي آھي پر ھڪ خوبصورت مسڪراھٽ حسن جو معراج تڏھن حاصل ڪندي آھي، جڏھن اھا مظلوم جي مک مٿان ڪنهن گل وانگر مھڪڻ لڳي. اڄ سنڌ مرڪي رھي آھي. سنڌ ڌرتيءَ جي دوست وڪيلن جي سوڀ ۽ ڪارونجھر پھاڙ جي سلامتيءَ تي پنهنجي سرھائيءَ جو اظھار ڪري رھي آھي. سنڌ جي مظلوم مُک جي مُرڪ سرڪاري چورن جي مات ۽ ڪارونجھر جي مورن جي جيت جو اعلان آھي.