سنڌ مُرڪي پئي: ٻيجل سنڌي کان ڳلي جي ڪينسر سريلو آواز کسي ورتو

نومبر 2, 2023

سنڌ مُرڪي پئي جهڙا امر گيت ڳائيندڙ ناليواري راڳي ٻيجل سنڌي کان ڳلي جي ڪينسر سندس سريلو آواز کسي ورتو

ٻيجل سنڌي ڪينسر جي علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتال ۾ دربدر، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پنهنجا درد بيان ڪندي ٻيجل سنڌي روئي ويٺو

ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ ٻيجل سنڌي جو اصلي نالو صوفي خالد محمود خاصخيلي آهي، قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سندس آواز مان متاثر ٿي کيس سنڌ جو ٻيجل قرار ڏنو هو، سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران نگران سرڪار کان ٻيجل سنڌي جي سار لهڻ جو مطالبو

Leave A Comment