سنڌ کي جيئن مختلف سياسي، سماجي، شهري ۽ قبيلائي دهشتگردي، لاقانونيت ۽ معاشي مسئلن جي گهڻ طرفي گهيراءَ هيٺ رکيو ويو آهي، ائين سنڌ کي هڪ سوچيل سمجهيل رٿابندي سان منشيات جي ور چاڙهيو ويو آهي. روزاني “پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جو سرواڻ علي قاضي جس لهڻي، جنهن ثقافت ۽ ايڪتا ڏينهن جي نالي سان ڏهاڙو ملهائڻ جي ريت وڌي. هر سال هي ڏهاڙو مختلف عنوانن سان ملهايو وڃي ٿو. هن ڀيري روزاني “پنهنجي اخبار” ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي جي ٽيم “منشيات کان پاڪ سنڌ” جي سري هيٺ ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هونئن ته سڄو ملڪ منشيات جو شڪار آهي پر سنڌ ۾ هن موت مار مرض کي تيزي سان وڌايو ويجهايو ويو آهي. وسيلن تي قابض قبضاگيرن هڪ رٿابندي سان مقامي ماڻهن کي پنهنجن وسيلن لاءِ ويڙهه ۽ جدوجهد کان مڏو ڪرڻ لاءِ هميشه منشيات جو موتمار هٿيار استعمال ڪيو آهي، ان جو هڪ وڏو مثال برطانيا سامراج جو چين مٿان ٻه آفيم جنگيون مڙهڻ آهي. دنيا ۾ اهڙا ٻيا به مثال موجود آهن، انهن جي تفصيلن ۾ نٿا وڃون، پاڻ رڳو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي صورتحال سمجهنداسين ته ڳالهه چٽي ۽ پڌري پٽ پئي آهي.
جنرل ضياءَ الحق اقتدار تي ڊگهي عرصي تائين پنهنجو قبضو برقرار رکڻ ۽ قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ تباهيءَ جو مڪمل بنياد رکيو. افغان جهاد جي نالي تي ملڪ کي عالمي پراڪسي جنگ جو ميدان بڻايو ويو. غير قانوني هٿيارن، خاص ڪري سنڌ ۾ ڌاڙيل ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جي وڪري کي عام ڪيو. جمهوريت جي بحالي واري سگهاري ايم آر ڊي جي تحريڪ جنهن جنرل ضياءَ جي مارشل لا کي چئلينج ڪيو، سنڌ جي ماڻهن سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، ان سنڌ جي ماڻهن کي سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ٻهراڙين کي ڌاڙيلن، وڏن شهرن کي مخصوص دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو، تعليمي ادارن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ڪاپي ڪلچر کي آندو ويو ۽ سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ هيروئن ۽ چرس کي عام ڪيو ويو. تعليمي ادارن ڪاليجن، يونيورسٽين، جيلن کان وٺي جهر جهنگ ۾ هن موذي مرض کي پکيڙيو ويو.
هن وقت صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي. غير قانوني هٿيارن جي وڪري جي صورتحال ڏسبي ته هنن ٻن ٽن سالن ۾ خبرن سان اخبارن جا هي پيج ڀريل نظر ايندا. اڳوڻي پي ڊي ايم جي گڏيل حڪومت جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي تڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي درياهه واري ڪچي ۾ افغانستان ۾ نيٽو جا ڇڏيل هٿيار وڪرو ٿي رهيا آهن. هن وقت به سنڌ ۾ سرڪار بلاول ڀٽو زرداري جي آهي ۽ ڪچي جا علائقا نيٽو جي جديد هٿيارن جي وڪري جي وڏي منڊي بڻيل آهن. ڪروڙين روپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو. سنڌ پوليس وٽ اهڙا جديد هٿيار نه آهن، جيڪي ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ آهن. قبيلائي جهيڙن ۾ جديد هٿيارن جو عام استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڪيترائي ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. ڌاڙيل معصوم ٻارن، نوجوانن ۽ واپارين کي اغوا ڪري کڻي وڃن ٿا، مغوين تي تشدد ڪري ويڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکن ٿا ۽ مغوين جي عزيزن کان ڀُنگ جي پئسن جي گهر ڪن ٿا.
هٿيارن ۽ منشيات جي غير قانوني ڪاروبار ۾ ڪيترين ئي سگهارين ڌرين ۽ ادارن جا ڪرتا ڌرتا ملوث آهن. ويجهڙ ۾ ڄامشوري جي سي آئي اي سينٽر جي اهلڪارن جو واقعو آهي ته هو ڪراچي ۾ پوليس موبائيل ۾ چرس ۽ ٻي منشيات کڻي پي ويا ته ڪلفٽن جي شيرين جناح ڪالوني مان گرفتار ٿيا. ائين ادارن جي اهلڪارن جا ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن. منشيات روڪڻ جي ذميوار پوليس سميت سنڌ ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ، اسپيشل برانچ انٽيليجنس يونٽس، رينجرز، ڪسٽمز، ايف آءِ اي، ڪائونٽر نارڪوٽڪس، پاڪستان ڪوسٽ گارڊز، پاڪستان ميرين اڪيڊمي، پورٽ سڪيورٽي فورس سميت ٻيا ادارا به آهن، جن جو هڪ گڏيل نيٽ ورڪ جڙيل آهي. ان کان سواءِ صوبن جو الڳ نيٽ ورڪ موجود آهي. ان جي باوجود منشيات جو مرض گهٽجڻ بدران ڪينسر وانگر وڌندو رهي ٿو.
ڪراچي، ٺٽي، سجاول، بدين، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، ڄامشورو، سانگهڙ ضلعن ۾ مين پڙي، گٽڪو، مائو، پان پراگ ۽ ڪچو شراب، ٺرو ائين ملن ٿا، جئين ڪنهن ريزڪي دڪان تان کٽمٺڙا ملن ٿا. ان ڪاروبار پٺيان هڪ مضبوط نيٽ ورڪ موجود آهي. پان پراگ، ايڪيهه سئو ۽ ٻيون پڙيون انڊيا مان اچن ٿيون، اهي ڪير آڻي ٿو؟ ظاهر آهي ته منشيات خلاف ڪم ڪندڙ درجن کان وڌيڪ ادارن کان اهي هٿ ڳجها نه هوندا! ضلعي جي وڏن شهرن کان وٺي ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺن، علائقن ۽ اسٽاپن تي منشيات هلائڻ جو اختيار مخصوص ماڻهن کي آهي، ٺيڪا ٿيندا آهن، جيڪو وڌيڪ ٻولي لڳائيندو، ٺيڪو ان جي حوالي ٿيندو.
اها ڳالهه اسان کي سمجهڻي پوندي ته هڪ رٿابندي سان منشيات جي جنگ اسان جي مٿان مڙهي ويئي آهي. ڪارونجهر کي ڪورڻ، ڪينجهر، هاليجي، ڀنڀور، گورک، گنجو ٽڪر سميت ملير، ڪوهستان، ڪاڇو، ٿرپارڪر جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪرڻ. ذوالفقار آباد، بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي ۽ ٻين رهائشي اسڪيمن کي سنڌ جون زمينون ڏيڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، امڪاني 28هين ترميم ۾ نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ کي ورهائڻ، تيل، ڪوئلي، گئس ۽ ٻي معدنيات تي قبضي کي برقرار رکڻ، ڪوڙين آدمشمارين ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي حق حڪمراني کان محروم رکڻ لاءِ منشيات جي جنگ ائين ئي مڙهي ويئي آهي، جئين برطانيا سامراج ڪنهن دور ۾ چين مٿان ٻه آفيم جنگيون مڙهيون هيون. هيروئن، آئس، چرس، ڪچي شراب، ٺري کان وٺي مين پڙي، گٽڪي، مائي، پان پراگ جهڙن موت مار نشن جي حوالي اسان جي سنڌ جي نوجوان نسل کي ڪيو ويو آهي ته جئين ٿيندڙ ڦرلٽ تي ڪوبه آواز نه اٿاري سگهن. تنهن ڪري اسان جي نوجوان نسل کي خبردار رهڻو پوندو. منشيات جي موذي مرض کان پاڻ کي بچائڻو پوندو. آئون وري به جس “پنهنجي اخبار”، “ٽائيم نيوز” ٽي وي جي سموري ٽيم ۽ خاص ڪري علي قاضي کي جس ڏيندس، جن هن انتهائي اهم مسئلي کي هن ڀيري ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي کنيو آهي.