لاڙڪاڻي ڊويزن م عورتن تي تشدد جا واقعا ته تمام گھڻو سامھون ايندا رھيا آھن، جيڪي صحيح طريقي سان شايد رپورٽ به نه ٿيندا ھجن ڪيترا ته اھڙا ڪيس به سامھون آيا جو صبح جو سوير عورت ٻاھر لاباري تي نه پھچي سگھي تہ مٿس تشدد ڪيو ويندو، جيڪڏهن مڙس جذبات ۾ اچي گھر واري کي الزام ڏنو تہ خوف خدا نه ٿيندس پر پنھنجي زبان سچ ثابت ڪرڻ لاء عورت کي موت جي ننڊ ضرور ڏياريندو، اھڙا واقعا اخبارن م رپورٽ ٿيندا آھن، ته اندازو ڪندا آھيون ته ڪارنھن جا ڪافي واقعا جيڪب آباد م پيش اچي رھيا آھن، ٻئي نمبر تي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ليکيو ويندو آھي، جڏھن کان 2026 جو سج نظر آيو آھي ته شڪارپور م ڪارنھن جي الزامن ۾ قتل وڌي رھيا آھن، اھو بہ خطرناڪ حد تائين ھر روز پيون خبرون اينديون ته خانپور جي ڪچي م ناري کي قتل ڪيو ويو معاملو ڪارنھن جو آھي، شڪارپور شھر م ناري مارجي وئي، الزام ڪارنھن جو لڳو، اھڙي حساب سان ھلندڙ سال م حساب ڪبو ته شڪارپور ضلعي اندر ڪارنھن جي الزامن ھيٺ قتل جي واقعن م رڪارڊ واڌ ٿي آھي، پوليس به محافظن کان وڌيڪ ونگاري ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي، ڪارنھن جو معاملو رپورٽ ٿيو ته قاتلن کان وڌيڪ پوليس ۽ ڀوتار ڌمڪائڻ تائين پھچي وڃن ٿا، جيڪو ھڪ وڏو سوال آھي شڪارپور ضلعي اندر ھلندڙ سال م تقريبن 10 عورتن جي مبينا طور قتل جا واقعا پيش آيا آھن، جنھن ۾ 7 عورتن جي قتلن کي ڪارنھن جي نالي سان ڄاڻايل آھي، ٻن کي ڪاوڙ م اچي جوابدارن قتل ڪيو، ھڪ ناري جي واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو ويو، جيڪا شڪارپور شھر ڀرسان لوڊرا جي رھواسڻ ھئي، ٽن مھينن اندر ڏھن عورتن جو قتل معمولي ڳالھ ناھي، پر شڪارپور پوليس وٽ محافظ ھجڻ کان وڌيڪ پئسي جي اھميت آھي. پوليس جو ھڪ پوليس ذريعي موجب، ڪارنھن جي الزامن ۾ قتل منظم ڪاروبار بڻجي ويو آهي. پوليس جي گھڻي ڪمائي ٿيندي آهي. ڪافي ماڻھن وٽ پئسا نه ھجڻ ڪري کانئن ضمانت ورتي ويندي آھي تہ جڏھن جرڳو ڪيو ته اڌ چٽي اسان جي آھي، شايد پوليس ۽ قاتلن جي اھڙي ڳٺ جوڙ سبب ڪارنھن ڪاروبار م واڌ ٿي وئي آھي، 2024 جو واقعو ياد اچي ٿو ته رستم ٿاڻي تي اوچتو وڃڻ ٿيو ھڪ عورت ٿاڻي ٻاھر وڻ ھيٺان روئي رهي ھئي. کانئس معلوم ڪيو ته ھن دردناڪ ڳالھ ٻڌائي، سندس چوڻ ھو ته ڪجھ مھينا اڳ جوابدارن 7 لک رپين عيوض خريد ڪري نڪاح ڪيو، وارثن جي دٻاءُ سبب شادي کي قبول ڪيو. ھن ڳوٺ وٺي اچي ڪڻڪ جو لابارو ڪرايو، ڪڏھن ڪڏھن ته اڪيلي کي لاباري تي وڃڻو پوندو ھو، جتي ڪارنھن جو الزام ڏئي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، وجھ وٺي ٿاڻي تي آئي آھيان ته مدد نه پئي ٿئي، پوليس اھڙيون ڳالھيون ٻڌي ان عورت کي شڪارپور جي عدالت م پيش ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، پوئتي پيو مسئلو ھلي، مھيني ڏيڍ کانپوءِ خبر سامھون آئي ته ھڪ بااثر جرڳو ڪيو ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان تي تقريبن 25 کان 30 لک رپيا ڏنڊ مڙھيو ويو.
ھن وقت ڪارنھن جا معاملا ڪاروبار ۾ تبديل ڪيا ويا آھن، جنھن م ڪروڙين رپيا ڪمائڻ توڙي جون پرايون ملڪيتون ڦٻائڻ لاء جوابدارن سان گڏ بااثر ماڻھو به ملوث آھن.