ٻيون حصو
سنڌ- فارس کان يوناني/رومي ۾:
هاڻي اچون ٿا ان ڳالهه ڏانهن ته سنڌ جي جاءِ تي ‘انڊس’ يا ‘انڊ’ ڦهليو ڪيئن؟ يوناني سنڌوءَ کي ‘انڊس’ يا ‘انڊوس’ ڇو چوندا هئا؟ ان مان ‘انڊيا’ ڪيئن ٿيو؟ انگريزن پاران جيڪو سنڌ کي انڊيا چيو ويو. اهو ئي ان اچار جي بنياد تي ٿيو. اصل لفظ يوناني Ἰνδία آهي، جيڪو ليٽن يعني اطالوي آهي، جنهن معرفت ان کي انڊيا (India) چيو ويو آهي. ورلڊ هسٽري آف انسائيڪلو پيڊيا ۾ سنوجيت Sanujit جيڪا تحقيق ڏني آهي، ان موجب هو بازنطنينيethnography نسليات تحت وري انڊيا کيthe region beyond the Indus (Ἰνδός) River يعني سنڌو دريا کان اڳتي وارن علائقن طور نشاندهي ڪري ٿو.
The English term is from Greek Ἰνδία (Indía), via Latin India. Iindía in Byzantine ethnography denotes the region beyond the Indus (Ἰνδός) River, since Herodotus alluded to “Indian land”. Ἰνδός, Indos, “an Indian”, from Avestan Hinduš refers to Sindh and is listed as a conquered territory by Persian emperor Darius I (550-486 BC) in the Persepolis terrace inscription.
“انگريزي اصطلاح يوناني انڊس (انڊيا) آهي جيڪو لاطيني معرفت انڊيا ٿيو. بازنطيني نسليات۾ انڊيا کي، سنڌو درياهه (Ἰνδός) کان اڳتي واري علائقي طور، ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته هيروڊوٽس ان کي”انڊين لينڊ“Ἰνδός, Indos چيو آهي، جيڪو سنڌ جي طرف اشارو آهي (يعني سڌي معنى ۾ سنڌو ڀومييا سنڌو ديس) ۽ فارس جي بادشاه داروش پهريون (484 ق م کان 425 ق م) پاران تختِ جمشيد جي اڪريل تحريرن (نقش رستم) ۾ ان کي هڪ فتح ٿيل علائقو ڄاڻايو آهي”.
هيروڊوٽس (484 ق م کان 425 ق م) ان کي پنهنجي مشهور ڪتاب “تاريخون” ۾ Ἰνδός, Indos,لکيو آهي. جنهن جو مطلب سنڌ آهي. هن ان جو حوالو فارس جي بادشاه داروش پهرين (550_486 ق م) جي نقشِ رسم مان ڏنو آهي. ان حوالي سان رولينڊ جي. ڪينٽ Roland G. Kent ڪتاب Old Persian جي صفحي نمبر 136 تي ان آڳاٽي لکت جو ترجمو هن ريت ڏنو آهي:
By the favor of Ahuramazda these are the countries which I got into my possession along with this Persian folk, which felt fear of me (and) bore me tribute: Elam, Media, Babylonia, Arabia, Assyria, Egypt, Armenia, Cappadocia, Sardis, Ionians who are of the mainland and (those) who are by the sea, and countries which are across the sea; Sagartia, Parthia, Drangiana, Aria, Bactria, Sogdiana, Chorasmia, Sattagydia, Arachosia, Sind, Gandara, Scythians, Maka.
”احرامزدا جي ٻاجهه سان مون هي ملڪ فارس جي قوم سان گڏجي پنهنجي قبضي ۾ ڪيا آهن، جن مون کان خوف محسوس ڪيو (۽) مون کي خراج پيش ڪيو (اهي هي آهن): ايلام، ميديا، بابيلونيا، عربستان، اسيريا، مصر، آرمينيا، ڪيپادوسيا، ساردس، لونياس، جيڪي خشڪي وارا ملڪ آهن ۽ (اهي) ملڪ جيڪي سامونڊي ڪناري تي آهن يا وري سمنڊ جي هُن پار آهن (اهي هي آهن): سگارتيا، پارٿيا، ڊرانگيانا، آريا، بيڪٽريا، سوگديانا، چوراسميا، سٽاگيڊيا، آرچوشيا، سنڌ، گنڌارا، سٿيا، ماڪا.
نقشِ رستم جي سوني سليٽ تي آڳاٽي فارسي ۾ ‘سنڌ’ کي ‘هندوس’ يا ‘هندس’ ڪري لکيو ويو: 𐏃𐎡𐎯𐎢𐏁 (h-i-du-u-š /Hiⁿduš/)
اهي نقشِ رستم اپانڊا محل، جيڪا تمام وڏي آڳاٽن آثارن جي سائيٽ آهي، مان پٿرن جي دٻن مان هٿ آيا هئا، جن ۾ سون جي پليٽن تي آڳاٽي فارسي ۾ داريوش بادشاهه جي وقت جي جاگرافي يا سلطنت ڄاڻايل آهي، انهن کي Persepolis (نقشِ رستم) چيو ويندو آهي. ايراني آرڪيالاجسٽ ليکڪ علي موسوي پنهنجي ڪتاب Persepolis Discovery and Afterlife of a World Wonder ۾ ان سموري سائيٽ ۽ ان مان هٿ آيل شين جا تفصيل ڏنا آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ فارس وارن جي قبضي ۾ رڳو داريوش ئي نه پر سڪندر کان بعد واري دور ۾ به رهي آهي ۽ ان کي پراڻي فارسي ۾ ‘هندوس’ سڏيو ويو آهي پر بعد ۾ جيڪا نئين فارسي لکت آئي ان ۾ آيل تاريخن ۾ سنڌ کي انهن جي اُچار موجب ‘سنڌ’ ئي لکيو ويو آهي پر بعد ۾ فارسي ۽ عربي تاريخدانن ان کي هند بڻايو. تاريخي ڪتابن موجب داريوش يا دارا ڪجهه مهينا گنڌارا توڙي سنڌ جي ڪجهه شهرن ۾ اچي رهيو هو. آڳاٽي فارسي جي بنياد تي يوناني تاريخدان هيروڊوٽس اندوس يا اندس ڪري لکيو ۽ پوءِ سڪندر مقدوني فارس بعد اندوس کي طابع ڪرڻ لاءَ نڪتو هو.
سڪندر سان آيل سمورن جنريلن توڙي جاگرافيدانن هيرڊوٽس جي “تاريخون” جي بنياد تي ‘سنڌو’ کي ‘اندوس’ يا ‘انڊس’ ڪري لکيو. ان مان صاف ظاهر ٿيو ته سنڌ جي منڍ ۾ سڃاڻپ کي ‘اند’ ۽ ‘هند’ سان ليپڻ وارو ڪم فارس ۽ يونان وارن ڪيو. اصل ۾ هيروڊوٽس 440 ق م ڌاري سنڌ جي ٿر واري حصي يا خطي کي اڀرندڙ سج طور چيو آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي سنڌو ڌرتي/ڀومي/ديسIndus Land ڪوٺيو آهي، هن جي آڳاٽي يوناني ۾ ڪٿي به لفظ انڊيا ناهي. هن Ἰνδός, Indos لکيو پر بعد ۾ انگريز تاريخدانن سندس معنى يا اُچار کي انڊيا طور سامهون آندو. هيروڊوٽس بعد اهو سلسلو هلي پيو، ميگاسٿينس Megasthenes سنڌ جي مٿاهين پاسي کي 300 ق م دوران India/Indikē چيو آهي. تاريخدان آرين Arian وري ڇا ڪيو جو هن 140ع دوران هندستان ۽ سنڌ کي هڪ خطي طور بيان ڪيو يا کڻي چئجي ته هڪ کنڊ طور بيان ڪيو، هن سنڌ واري پاسي کي Indoi يا Indou چيو. اصل حقيقت هن ريت آهي ته آڳاٽي يوناني لکڻين کي ان وقت انگريزن مَٽايو جڏهن عيسائيت روم ۾ ڦهلجڻ بعد يورپ ۾ آئي ته يورپ وارن آڳاٽي يوناني تاريخ، ثقافت ۽ ٻي علم جي رمزن جي اُکيل ڪري انگريزي ۾ آندو ۽ انهن اُچارن کي به پنهنجي لهجن آڌار اُچاريندي لکڻ شروع ڪيو.
سنڌ انگريز تاريخدانن وٽ:
هاڻ اچون ٿا ته انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ تاريخدانن ان معاملي کي ڪيئن اڳتي وڌايو. مختلف ڪتابن ۽ تاريخ بابت انسائيڪلوپيڊياز وسيلي هٿ ڪيل ڄاڻ موجب ‘سنڌ’ جو ‘انڊيا’ طور نالو پراڻي انگريزيءَ ۾ پهريون ڀيرو نائين صدي عيسوي دوران آيو ۽ پوءِ جڏهن ٻارهين صدي عيسوي جي وچ ڌاران انگريزيءَ ۾ تاريخ لکڻ جو پختو دور شروع ٿيو ته سنڌ کي ‘گڏيل انڊيا’ ۾ آندو ويو، ڇو ته ان وقت هندستان ۾ تيستائين ڪيتريون ئي مضبوط سلطنتون قائم ٿينديون رهيون، جيتوڻيڪ سنڌ به ملڪ طور آزاد يا قبضي هيٺ موجود رهندي ٿي آئي، عرب ۽ ترڪ تاريخدان ان خطي کي ‘هند ۽ سنڌ’ لکندا رهيا پر انگريز تاريخدانن سموري خطي کي انڊيا ملڪ طور لکڻ شروع ڪيو، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ لکڻين جي، جنهن ۾ سنڌ کي ڪڏهن ڪڏهن آزاد وطن طور لکيو ويو.
ان جو بنياد هن ريت آهي ته بادشاه الفريڊ کي خيال آيو ته پادريسينٽ آگسٽائن جي پوئلڳ پوڄاري پائولو اوروسيس Paulus Orosius جي تاريخ کي انگريزيءَ ۾ آڻجي، جيڪا 414ع کان 417ع دوران لکي وئي هئي. اها تاريخ ليٽن ٻوليءَ ۾ هئي. بادشاه الفريڊ ان کي انگريزي ۾ ترجمو ٿي ڪيو ته هن پهريون ڀيرو ليٽن ۾ لکيل ‘اندوس’ يا ‘انڊس’ کي انڊيا لکيو. انگريزي ۾ سنڌ کي انڊيا لکڻ جي هيل تائين اها پهرين ثابتي ملي ٿي. آگسٽائين جي پوئلڳ پادري Orosiusمجموعي طور ست ڪتاب لکيا هئا. انهن ڪتابن ۾ گهڻا تڻا احوال ليٽن ٻوليءَ ۾ آهن جيڪي انگريز بادشاه جيپيگن يعني ڪافرن يا وائڪنگس سان ٿيل جنگين جا ڏنل هئا. پر ان سان گڏ ان ڪتاب ۾ Seven Books of Histories Against the Pagans ۾ روم جي اوائلي تاريخ کان 414ع تائين جي به تاريخ آهي. چيو وڃي ٿو ته انگريز بادشاه الفريڊ ان کي انگريزي ۾ 887ع ۾ ترجمو ڪرڻ کان اڳ ڪيترو وقت لاطيني ٻولي سکي هئي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا موجب:
He learned Latin himself and began to translate Latin books into English in 887.
تاريخ جي ڪجهه نقادن جو خيال آهي ته الفريڊ پاڻ اهو ترجمو نه ڪيو هو. پربادشاه جي نالو ڏيئي هن کي ڄاڻو بڻائي تاريخ ۾ کيس ٽيڪرايو ويو ڇو ته هن ان ڪم لاءِ ڪيئي اهڙا مددگار رکيا هئا جيڪي انگريزي، اطالوي سان گڏ پراڻي يوناني ٻولين ۾ به ڀڙ هئا. ورلڊ هسٽري انسائيڪلو پيڊيا جي هڪ انٽري ۾ چيل آهي ته فرينچ اثر سبب اهو نالو Yndeيا Inde ٿي ويو. ايڇ ٽي ليمبرڪ Sindh: A general introduction (سنڌي ۾ “سنڌ – هڪ عام جائزو” طور ڇپيل.) ۾ لکيو آهي ته سنڌو کي هڪ هزار عيسوي صدي دوران ڪنهن پهريون ڀيرو لاطيني ۾ Sinthos سنٿوس لکيو هو جيڪو سنڌوءَ جي ويجهو لفظ آهي. پر هن ان ليکڪ جو نالو ناهي ڏنو.Indie نالو پهريون ڀيرو جديد انگريزي ۾ 1450ع کان پوءِ 1650ع ڌاران ڪنگز جيمز King James پاران ڇپرايل بائبل جي پهرين ڇاپي ۾ ۽ شڪيسپيئر جي ڪم ۾ ڪتب آيو. ان بعد سترهين صديءَ کان انگريزيءَ ۾ هندستان لاءِ انڊيا لفظ مڪمل طور ڪتب آيو ۽ سنڌ کي به ان ۾ شامل سمجهيو يا رکيو ويو. ورلڊ هسٽري انسائيڪلوپيڊيا جو خيال آهي ته:
The name India then came back to English usage from the 17th century onwards, may be due to the influence of Latin, or Spanish or Portuguese.
(انڊيا لفظ سترهين صدي عيسوي ۾ ڪتب آيو، شايد اهو لاطيني، اسپيني يا پورچوگيزي جي اثر سبب آيو.)
سنڌ جي نالي ۽ ان جي تاريخي حيثيت بابت چڱو خاصو ذڪر فارس، يوناني ۽ انگريزي کان ٻاهر به ملي ٿو. انگريزي ۾ انڊيا بڻجڻ کان اڳ لکت وارو هڪ ٻيو ريڪارڊ اوائلي چيني ڪتابن ۾ ملي ٿو.