انگريز جڏهن هندستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي سانگي داخل ٿيا ۽ پوءِ انهن فوجون لاهي ايسٽ انڊيا ڪمپني وسيلي آهستي آهستي قبضا شروع ڪيا ۽ اڳتي هلي اهي جتي جتي قبضا ڪندا ويا، انهن علائقن کي “انڊين برٽش” چوندا ويا ۽ ايئن هنن جڏهن هنن سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي سمورن علائقن تي قبضو ڪري برطانوي راڄ ۾ آندو ته اڻويهين صديءَ دوران سموري هندستان کي ئي “برٽش انڊيا” چئي ڇڏيائون. جڏهن ته سنڌ جي نالي ۽ تاريخ سان ٿيل زيادتي بابت ڊاڪٽر مبارڪ علي کان اڳ عبدالحليم شرر جي لکيل ڪتاب “تاريخِ سنڌ” ۾ به اها ڳالهه ڪيل آهي، اهو ڪتاب 1907ع ۾ ڇپيو هو:
“اس ملک کی مظلومیت کا قصہ اُس کے نام ہی سے شروع ہوتا ہے۔ ابتدا میں سارا شمالی ہندوستان اسی نام سے یاد کیا جاتا تھا۔ پھر ایک ایسا زمانہ آیا کہ جزیرہ نمائے ہند کے صرف مغربی اضلاع کے ساتھ یہ نام مخصوص رہ گیا تھا۔ اور ایک آجکل کا زمانہ ہے کہ لفظ سندھ ہندوستان کے جنوبی و مغربی کونے پر صرف ایک چھوٹے سے ریگستانی حصہ زمین کی مصیبتون کا ساتھ دے رہا ہے۔
“افسوس اس امر کی ہمیں کوئی اطلاع نہیں مل سکی کہ آریہ لوگوں کے آنے سے پہلے یہاں کے اصلی اور غیر آریہ باشندوں میں یہ ملک کس نام سے یاد کیا جاتا تھا۔” (عبدالحلیم شرر، تاریخِ سندہ، سال 1907ع۔ حصہ اول)
ايئن عبدالحليم شرر به اڳتي تفصيل سان اها ڳالهه ڪئي آهي ته ڪيئن يونانين، فارسين ۽ انگريزن سنڌ جو نالو مٽائي انڊيا ڪيو، جڏهن ته هند وارو پاسو الڳ هو.
ته پوءِ انڊيا اصل ۾ ڇاهي آهي ۽ ڪٿي آهي؟
هندستان جي ڏکڻ واري پاسي جيڪڏهن سڀيتا جي اسرڻ ۽ ان پاسي سلطنتون قائم ٿيڻ جي تاريخ ڏسجي ٿي ته اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون اچي ٿي ته جڏهن سنڌ، پنجاب ۽ گنڌارا واري پاسي بادشاهتون قائم هيون تڏهن هندستان جي ڏکڻ واري پاسي انساني معاشرو ڇڙ وڇڙ انداز ۾ اُسري رهيو هو ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار سال ق م مسيح کان اڳ ڪابه بادشاهت قائم نه ٿي هئي. گنگا جي پهرين سڀيتا بنارس واري هئي، جيڪا به 1200 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ هئي. ڏکڻ هندستان جو پهريون نالو “دراويڙا” سامهون اچي ٿو، جيڪو تامل علائقن ۾ 3100- 3200 سال قبلِ مسيح هو، جنهن کي بعد ۾ “دراوڙ” چيو ويو، اهو لفظ سنسڪرت مان آيل چيو ويو آهي. تامل واري پاسي جو ئي هڪ ٻيو نالو “تاملاڪام” به سامهون آيل آهي. اهو تاملي ڳالهائيندڙ علائقو هو. جڏهن ته ان دوران ڏکڻ هندستان جي ٻين حصن ۾ به سماجي زندگي تبديل ٿي رهي هئي، پر اها اوسر قبيلائي زندگيءَ مان زرعي ۾ مٽجي رهي هئي. هڪ ٻيو قديم نالو به آهي جيڪو ڊاڪٽر مبارڪ علي “قديم هندستان” ڪتاب ۾ ڏنو آهي: “هندستان لاءِ قديم زماني ۾ ‘جمبوديپ’ نالو ملي ٿو، جيڪو شايد سموري ملڪ لاءِ استعمال ٿيندو هو. اهو نالو اشوڪ جي ڪتبن ۽ آڳاٽن پِراڻن ۾ ملي ٿو. پر پوري ملڪ لاءِ “آريا ورت” يا “ڀارت ورش” نه ٿو ملي”. (صفحو: 16، ڇپجڻ جو سال 2018ع، بدلتي دنيا پبليڪيشنز، اسلام آباد) ان جو مطلب ته اهو ٽين قبلِ مسيح ۾ هوندو. چيو وڃي ٿو اهو نالو اشوڪا ڪتب آندو هو ۽ لفظ سنسڪرت جو ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن جي معنى ‘ٻيٽ’ يا وري ان کي ‘جمبو وڻن جي ڌرتي’ جي اصطلاحي معنى طور به چيو ويو آهي. ويجهڙ جي آرڪيالاجي وارين کوٽاين ۾ ڪرناٽڪا مان هٿ آيل ڪتبن وارين لکتن ۾ به اهو نالو مليو آهي. ان جو مطلب تي اهو نالو گهٽ ۾ گهٽ ٻه سئو سال ته ضرور هوندو. “دخشڻ پٿا” نالو به هندستان جي ان حصي لاءِ استعمال ٿيو هو، جنهن ۾ سنڌو سڀيتا جي سنڌ، هاڻوڪي ڪي پي، پنجاب وغيره جا اڪثر حصا شامل نه هئا. پهرين صدي عيسوي دوران ‘ڀارت ورش’ نالو ويدن مان سامهون آڻي جاگرافيائي طور ڪتب آيو. جڏهن ته بعد ۾ وچولي دور، يعني پنجين صدي عيسوي کان پندرهين صدي عيسويءَ وارو وقت ۾ وري ان کي “دراوڙ ديس” چيو ويو ۽ جڏهن ته ڀارت يا هندستان عام ٿيڻ کان اڳ ڏکڻ هندستان کي “دکن” به سڏيو ويو، جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته اهو سنسڪرتي لفظ “دڪشينا” مان نڪتو آهي، خاص انگريزن جي هن خطي ۾ اچڻ بعد اهو سڀ ڪجهه ٿيو. هندستان جي هن حصي بابت انهن لفظن جي اڪثر معني ڏکڻ ئي سمجهي ويندي آهي. ان دوران ڏسجي ٿو ته هندستان جي انهن حصن مان بادشاهتون به اسريون ته مملڪتون به جڙيون. ايئن گنگا، جمنا ۽ مهاپترا دريائن جي ڀر پاسي توڙي سامونڊي علائقن کان وٺي وارياسن ۽ پهاڙي علائقن ۾ به مملڪتون جڙڻ لڳيون، جن سنڌ تي به قبضا ڪيا ۽ سلطنتون قائم ڪيون. ان حساب سان اها ڳالهه چٽي آهي ته سنڌ بادشاهت جون پنهنجون سرحدون رهيون آهن ۽ ٻاهرين تسلط سبب ان تي ڪڏهن ڪنهن ته ڪڏهن ڪنهن قبضو ڪري پنهنجي سلطنت جو حصو بڻايو ته ڪنهن وري صوبو. ڪڏهن ان جا دنگ سُسندا ۽ وري ساڳي جاءِ تي ايندا رهيا آهن. عربن ۽ فارسين جي تاريخن ۾ هجري سال شروع ٿيڻ بعد ان کي هند ۽ پوءِ هندستان چيو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ مذهبي ڪتاب مهاڀارت وسيلي ‘ڀارت’ لفط به هن لاءِ ڪتب آيو. ڀارت لاءِ يارهين صدي عيسوي ۾ ‘هندستان’ لفظ جڏهن ڪتب آيو ته سنڌ کي الڳ سڏيو ٿي ويو ۽ ستين صدي عيسوي کان پوءِ ‘هند ۽ سنڌ’ الڳ ملڪن طور ڀرپور نموني ايندڙ صدين تائين ورتو ٿي ويو.
سنڌ بابت سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب ۽ حضرت جي نوح جي اولاد وارو مفروضو:
سنڌ جي نالي بابت سنڌي ۾ ترجمي جي صورت ۾ يا هتي جي تاريخدانن جا ٻيا ڪتاب به آهن، انهن جو ذڪر به ضروري آهي، جن سنڌ کي حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان حام جي پٽن طور هند ۽ سنڌ کي ڳنڍيو يا ذڪر ڪيو. قديم سنڌ (پهريون ڇاپو 1944ع، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي)، جنت السنڌ (رحيمداد خان مولائي شيدائي، (پهريون ڇاپو 2000ع) ۽ بيگلار نامو (ادارڪي بيگلاري سورهين صدي عيسوي فارسي ۾، محمد صديق ميمڻ سنڌي ترجمو پهريون ڇاپو 1947ع) ۽ تحفته الڪرام (مير علي شير قانع ٺٽوي فارسي ۾ 1767ع، سنڌي ۾ ترجمو مخدوم امير احمد پهريون ڇاپو سال 1975ع ڇپيو)، آئينه قديم سنڌ، شمس الدين قريشي 1956ع ۽ ڪي ساڳي طرح جا ٻيا ڪتاب ڏسنداسون ته انهن ۾ سنڌ جو حضرت نوح جي اولاد جي نسبت سان حوالو ڏنل آهي. ڀيرو مل ته ان بيانيئي کي پنهنجي ڪتاب ۾ ئي رد ڪيو آهي. مٿين روايتي ٿيوري کي بعد ۾ ڪيترن ئي گهڙي گهڙي بيان ڪيو آهي.
“بيگلار نامو” جي ليکڪ شاهه قاسم خان زمان بيگلار (1540ع کان 1610ع) لکيو ته: “سنڌ، حضرت نوح نبي عليه السلام جي پٽ حام جو پٽ هو. هي ملڪ انهيءَ سنڌ ۽ ان جي اولاد جي قبضي ۾ هو، تنهنڪري ان ملڪ تي نالو ئي پئجي ويو آهي سنڌ”. (ترجمو: خانبهادر محمد صديق ميمڻ) هيل تائين ظاهر ٿيل سنڌ ۾ لکيل تاريخن مان هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ اهو حوالو آندو ويو آهي.
‘تحفته الڪرام’ ۾ علي شير قانع ٺٽوي لکيو آهي: “سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليه السلام جي پٽ، ‘هند’ جي ڀاءُ ‘سنڌ’ جي نالي پٺيان پيل آهي”. (ترجمو مخدوم امير احمد)
ايئن ئي رحيمداد خان مولائي شيدائي ‘جنت السنڌ’ ۾ ڳالهه ڪئي آهي: “اسلامي تاريخن ۾ لکيل آهي ته ‘هند’ ۽ ‘سنڌ’ حام بن نوح عليه السلام جا پٽ، جن جي هن سرزمين تي، سندن اولاد سميت، گهڻو وقت حڪومت رهي هئي، تنهنڪري سندن نالي پٺيان ئي هن ملڪ تي سند (سنڌ) نالو پيو”.
سنڌ ۾ اهو بيانيو گهڻي ڀاڱي ‘تاريخ طبري’ مان آيل ٿو ڏسجي، جيڪا ڏهين صدي عيسوي ۾ علامه ابي جعفر محمد بن جريرالطبري المتوفي لکي ۽ اها تاريخ اڪثريتي انداز ۾ روايتن پٽاندڙ آهي، خاص ڪري ان جو پهريون حصو، جيڪو دنيا جي وجود ۾ اچڻ، ڌرتي، پيغمبرن وغيره جي بيان تي ٻڌل آهي. اهو سڀ تاريخي ڪتابن جي ايڪڙ ٻيڪڙ حوالن بجاءِ رڳو ٻڌ سڌ جي روايتن تي ٻڌل آهي، جنهن کي مفروضو چئي سگهجي ٿو. ان ۾ نوح عليه السلام جي اولاد جي حوالي سان روايتون ڏنل آهن، جيڪي اسان وٽ پهچندي ٻي شڪل اختيار ڪري ويون آهن. هي بيان پڙهو: “حام بن نوح کي زال نحلب مان ٽي پٽ پيدا ٿيا. ڪوش، قوط ۽ ڪنعان. ….. ڪوش کي زال ڪنبيل …… مان ٽي پٽ حبشه، سنڌ ۽ هند نالي سان پيدا ٿيا”. ان جي ابتڙ تاريخ ۾ ڏسجي ٿو ته ڪوش جو اهو ئي زمانو آهي، جڏهن رگويد موجود آهي ۽ ان ۾ سنڌ ۽ سنڌو جو ذڪر ڪيترائي سئو سال کان اڳ ئي موجود آهي. سو اهڙا مفروضا بنا مستند تاريخي حوالن جي موجود آهن. عربن ۾ طبري کان هڪ صدي اڳ ابن اسحاق ملي ٿو، جنهن اٺين صدي عيسوي ۾ اهو بيان سامهون آندو ۽ ان ئي سلسلي تحت ٻين به سنڌ کي ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي پيغمبر سان جوڙيو. اهو ڊگهو تفصيل ٿي ويندو. جڏهن ته ان کان اڳ ٽن مسلمان تاريخدانن ارواه ابن زبير، عبن بن عثمان بن افان ۽ وهاب بن منبيح جي لکيل تاريخن ۾ نظر نه ٿو اچي، جيڪي ڇهين ۽ ستين صدي عيسوين ۾ لکيون ويون. سنڌ ۾ به ڪيترن ئي تاريخدانن ان بيانيئي کي آندو. نه رڳو اهو پر ان بيانيئي جي حوالي سان گنج مواد موجود آهي. ان کي وڌيڪ ورجائڻ جي گهرج ناهي. پر اڄ جڏهن جينياتي نتيجا سامهون آيا آهن، ڪاربان ڊيٽنگ سان ان دور جي صورتحال سامهون آئي آهي ته سائنس ۽ منطق اهڙن مفروضن جي لاءِ ڪا به جاءِ ناهي ڇڏي. ڇو ته انهن عرب يا اسلامي تاريخن کي ڏسجي ٿو ته انهن مان ڪجهه ٻڌ سڌ ۽ روايتي انداز کان گهڻو اڳتي ناهن. سنڌ ۽ هند بابت ساڳين ڪتابن ۾ ابهام ۽ پنهنجي بيان سان تڪرار وارا مفروضا به جوڙيل ملن ٿا. ها، پر جن تاريخدانن پنهنجي دور بابت لکيو آهي ته اها سئو سوا سال واري تاريخ ڪنهن حد تائين بهتر آهي.