‘سنڌ’ نالي جي تاريخ جو ڪيس … ممتاز بخاري

                 ڪجهه تاريخ جا ڪتاب چون ٿا ته هندستان جي ورڇ دوران جڏهن انگريزن هندستاني حصي جو نالو ‘انڊيا’ رکيو ته قائد اعظم شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو ۽ ان سموري معاملي کي ‘بدگماني’ قرار ڏنو هو. شايد کيس تاريخ جو ادراڪ هو، پر هن ان معاملي کي وڌيڪ فورمن تي نه آندو. هندستان جو ‘انڊيا’ ٿيڻ سنڌ لاءِ ڪيترو هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي، ان جو جائزو تاريخي ڦلهور سان ڪريون ٿا.

سنڌ لفظ جي ايٽمالاجي:

سنڌ جي قدامت جي حوالي سان دنيا اهو تسليم ڪري چڪي آهي ته هاڻوڪي سنڌ صوبي ۾ موجود مهين جو دڙو يا سنڌ جا ٻيا آثار اها ثابتي ڏين ٿا ته اها پنجن هزارن سالن کان وطن طور موجود رهي آهي ۽ ڌرتي طور لکين سالن کان اهو خطو موجود رهيو آهي. پر جيڪو اصل مسئلو سنڌ سان ٿيو آهي، اهو ان جي نالي جو ۽ سنڌ سان سلهاڙيل تاريخ جو آهي، ڇو ته هن کي اڪثريتي طور انڊيا جي تهذيبي تاريخ طور سمجهيو يا وري ان سان ڳنڍيو ويندو آهي ۽ سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ دٻجي وڃي ٿي. جتوڻيڪ هاڻي جڏهن تاريخ جي دورن تان دز لهڻ لڳي آهي ته گهڻيون شيون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن، اڃان گهڻو ڪجهه سامهون به اچڻو آهي ۽ اها ڳالهه به چٽي ٿيندي پئي وڃي ۽ تاريخ جا انيڪ ڪتاب يا هند واسي به اها ڳالهه تسليم ڪن ٿا ته ‘انڊيا’ جو لفظ اصل ۾ يونانين پاران سنڌو دريا کي ‘انڊس’ چوڻ سبب ظاهر ٿيو. اها ڳالهه اڳ به ايندي رهي آهي پر جيڪي تاريخي ثابتيون موجود آهن، ان مان اهو ظاهر ٿئي پيو ته جڏهن هماليا جبلن جي سلسلي مان سنڌوءَ جو بيسن (طاس) ٺهيو ته سمنڊ پاسي وهندڙ هڪ دريا سنڌو ٿيو ۽ ٻيو وڏو دريا گنگا ٿيو ۽ ان سان گڏ ٻيا درياءَ به نڪري نروار ٿيا. پر هن خطي ۾ انساني تهذيب جي شروعات سنڌو دريا يا ان جي ڀرتو ندين جي ڪنارن تي ٿي. ڇو ته اڪثر تهذيبون دريا ڪنارن تي ان ڪري جنم وٺنديون رهيون آهن جو دريا، جتي پاڻي ۽ زراعت جو ذريعو رهيا آهن، اتي مواصلاتي طور تي به انهن جي اهميت رهي آهي، جنهن سان آباديون هڪ ٻئي سان جڙيل رهيون. هاڻ اچون ٿا ان اهم سوال ڏانهن ته اها باريڪي سمجهڻ به انتهائي ضروري آهي ته سنڌ جي تاريخ انڊيا سان گڊ مڊ ڇو ٿئي ٿي ۽ سنڌ جي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ڇو ڌنڌلي آهي؟

جديد تحقيق تي آڌاريل سمورا يا ويهين صديءَ دوران آيل ڪتاب هجن، انهن ۾ متفقه طور تي اها ڳالهه ته چئي وڃي ٿي ته ‘انڊيا’ نالو هجي، توڙي ‘هند’ – اهي ‘انڊس’ ۽ ‘سنڌوءَ’ مان نڪتا آهن، پر ان سان سنڌ کي ان جي جاگرافيائي ۽ تاريخي سڃاڻپ طور جيڪو نقصان ٿيو آهي، اهو تمام گهرو ۽ وڏو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي درست نه ڪيو ويو ته سنڌ تاريخ ۾ هڪ الڳ خطي واري وجود مان نڪري ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جي تاريخ جي ڪُک ۾ هلي ويندي ۽ پوءِ شايد ئي ڪڏهن ٻيهر ان جو جنم ٿئي، اهو ڪير ڄاڻي! ان حوالي سان سڀ کان پهرين پاڻ ‘سنڌ’، ‘اند’ ۽ ‘هند’ جي نالن جا پيرا ايٽمالاجي ۽ اوائلي تاريخ جي موجود ڪتابن مان کڻون ٿا. يا انٽرنيٽ جي ڪجهه اهم ۽ ڪنهن حد تائين مستند ويب سائيٽن جي معلومات آڌار ڦلهوريون ٿا.

عام طور چيو ويندو آهي ته ‘انڊيا’ لفظ ‘انڊس’ (Indus) مان نڪتو آهي. اها ڳالهه بلڪل درست آهي پر اهو ڪيئن ٿيو؟ سوال اهو اهم آهي. ‘هندو’ يا ‘هند’ لفظ ‘سنڌو’ يا ‘سنڌ’ مان نڪتو آهي، اها به ڳالهه درست آهي ۽ سوال به ساڳيو ئي آهي. هن وقت تائين سنڌ بابت آيل مواد جا جيڪي ماخذ موجود آهن، انهن مان هڪ ته ميسوپوٽيا جي تهذيب مان اشارتاً ملي ٿو ۽ ٻيو مواد اوائلي فارسي ۽ پراڻي يوناني ٻولين ۾ ملي ٿو. ٻولي ماهرن جو خيال آهي ته قبل مسيح واري دور ۾ فارسي ۾ ‘س’ جي جاءِ تي ‘هه’ جو اچار هو ۽ پراڻي يوناني ۾ ‘س’ جي جاءِ تي ‘الف’ اچاريو ويو، ايئن سنڌ کي فارس وارن ‘هند’ ۽ يونانين ‘اند’ چيو. اها ڳالهه اڪثر ڪتابن ۾ به ملي ٿي. جيڪڏهن هڪ هزار سال قبل مسيح کان اڳ جي هن خطي جي جاگرافي ڏسجي ٿي ته هن ڀومي تي ‘سنڌ’ ئي هڪ وڏي مملڪت طور نظر اچي ٿي ۽ ان بعد ئي گنگا واري پاسي هڪ الڳ سلطنت اسرندي نظر اچي ٿي، ڇو ته هن وقت تائين هندستان واري پاسي جي اوائلي ترين تهذيب بنارس واري آهي، جيڪا ٻارنهن سئو سال قبلِ مسيح کان اڳ جي آهي ۽ اها گنگا نديءَ جي تهذيب سڏبي آهي. ٻي پاسي سنڌو تهذيب مهرڳڙهه کان ڳنڍجي ٿي ته اها اڄ کان 7 هزار کان 9 هزار سال آڳاٽي آهي. ظاهر آهي ان حساب سان ‘سنڌو سلطنت’ يا ‘مملڪت’ اڳ جي ئي هوندي. جيڪڏهن پاڻ لفظ ‘سنڌ’ جي ريڪارڊ ۾ هجڻ توڙي ان لفظ جي ايٽمالاجي جي بنياد تي ان جا پيرا کڻون ٿا ته اهو لفظ پاڻ کي ‘سنڌو’ طور اوائلي اچار ويدن ۾ ملي ٿو. ويدن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي 2 هزار کان 1500 سال قبل مسيح کان سرجڻ شروع ٿيا. ان جو مطلب ته ان ريڪارڊ تحت ‘سنڌ’ يا ‘سنڌو’ لفظ ساڳي طرح سان اڄ کان 3500 سال اڳ به اچاريو ويندو هو. ٻوليڪارن رگويد جو دور 1700 ق م کان 1100 ق م ۾ سرجيل ڄاڻايو آهي ۽ ماهرن رگويد جي متن کي Indo-European چيو آهي، جيڪا اڃان به کوجنا جوڳي ڳالهه آهي. (ڇو ته آرين ۽ انڊو يورپين ٻولي واري معاملي تي نيون کوجنائون به سامهون آيو آهن، جن سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌو سڀيتا سان لاڳاپيل آريائي ٿيوري رد ٿيندي پئي وڃي، اهو الڳ موضوع آهي. هتي آريا لفظ ان ڪري ڪتب آڻيان پيو، جو اڪثر حوالن ۾ اڃان موجود آهي). “پهريان مُک ويد 1700 ق م کان 1000 ق م تائين لکيا ويا. پهرين رگويد ۾ سنڌ کي ‘سپت سنڌو ڌرتي’ چيو ويو، جڏهن ته ان بعد اٿر ويد ۾ سنڌ کي ‘سپت سنڌو ديس’ چيو ويو”. (حوالو سنسڪرت جي ڄاڻو پريم تنواڻي وٽان مليل ڄاڻ) هي سنڌ جي نالي جي اڄ کان ساڍن ٽن هزارن کان چئن هزارن سالن جي پهرين اوائلي ثابتي آهي.

سنڌ ۽ رگويد:

رگويد جي سرجڻ واري پاسي کي اڄوڪي تاريخ ۾“اتر اولهه انڊيا” چيو ويو آهي، يعني هاڻوڪي سنڌ جا سمورا علائقا ۽ پاڪستان ۾ شامل سنڌ توڙي افغانستان جا ڪجهه علائقا ان ۾ شامل هئا ۽ هاڻوڪي هندستان جا به ڪجهه حصا شامل هئا. ماهرن ‘سنڌ’ کي ‘انڊيا’ لکي سنسڪرت جي کوجنا انڊو- يورپين جي بنياد تي رکي. اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته آريائي ماڻهن (هتي آريائي جو مطلب ايراني آهي) جو تعلق اَوِستا  Avesta(زرتشت جي پوئلڳن جي ٻولي کي اَوِستا چئبو آهي، ان ٻوليءَ جون لکتون چمڙي تي لکيل مليون آهن.) ٻوليءَ سان به آهي، جيڪا 2200 ق م کان 1600 ق م تائين ايران وارن علائقن ۾ ڦهليل هئي.

رامائڻ لڳ ڀڳ ستين کان پنجين صدي قبلِ مسيح ۾ چئي وئي ۽ ان ۾ به سنڌ کي ‘سنڌ’ ئي چيو ويو آهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اهي تاريخ جي اڳ واري دور کان اڳ واري تاريخ جون ثابتيون آهن. ٻي اهم ڳالهه اها ته ‘مهاڀارت’ جي لکجڻ جو وقت ته چوٿين صدي قبلِ مسيح ٻڌايو وڃي ٿو پر ان ۾ ذڪر ڪيل جنگ پنج هزار سال اڳ واري بيان ڪئي وئي آهي، ان ۾ به ‘سنڌ’ جو نالو زباني روايتن کانپوءِ لکت ۾ به اچي ٿو. ان مان ظاهر آهي ته سينا به سينا اها ڳالهه سوين سالن کان هلندي ٿي آئي.

سنڌ فارس وارن وٽ:

هاڻي پاڻ ان کي سنڌ کان ٻاهر موجود ريڪارڊ ۾ ڏسون ٿا، جتان اصل بگاڙ به شروع ٿيو. پهريائين ‘سنڌ’ کي فارس جي شاهدين ۾ ڦلهوريون ٿا. پراڻي ايران/فارس جي مشهور بادشاه داروش (486 ق م) جي ‘نقشِ رستم’ ۾، فارس جي صوبي طور ‘سنڌو’ کي ‘هندوش’ Hidush لکيل مليو آهي. ايئن فارس وارن سنڌي لفظ ‘سنڌوءَ’ کي ‘هندو’ لکيو يا چيو ۽ انهن جي تقليد ۾ آڳاٽي عرب دنيا به ان کي ‘هند’ لکيو پر ڪجهه سئو سالن بعد جڏهن عربن کي هن خطي بابت ڄاڻ پئي ۽ هندستان به هڪ مملڪت طور سامهون آئي ته پوءِ انهن ‘هند ۽ سنڌ’ لکيو يا عرب شروع ۾ ‘سنڌو’ کي ‘هندو’ ئي چوندا هئا، ڇو ته ان وقت فارسي ۾ ‘س’ اکر جي جاءِ تي ‘هه’ اکر اچاربو هو. فارس پاران ان کي Hindu چيو ويو، جنهن کي وري اڳتي هلي يونانين Indu ڪري پڪاريو، ڇو ته يونانين سڀ کان پهرين فارس تي قبضي جي لاءِ فوج ڪشي شروع ڪئي ۽ ايئن انهن کي به اتان ئي سنڌ بابت وڌيڪ ڄاڻ ملي هئي، جيڪا اڳ ۾ به وٽن هئي پر اها ٻُڌ سُڌ تي گهڻي آڌاريل هئي. (پهريون حصو)