‘سنڌ’ نالي جي تاريخ جو ڪيس…  ممتاز بخاري

                 جڏهن اڄ ڄاڻ جا دروازا کليا آهن ته حضرت نوح عليه السلام بابت ڪيترو ئي تاريخي مواد اچي ويو آهي ۽ ان جي اولاد جو ڏکڻ ايشيا واري پاسي وجهه واسطو ئي ناهي رهيو. حام ۽ سام وارو دور به اهو آهي، جڏهن سنڌ ۾ رگويدڪ دور آهي، يعني 2000 سال ق م کان 1500 سال ق م. تاريخون ٻڌائين ٿيون ته حام جي اولاد ۾ ڪش، مزريم، ڦُٽ ۽ ڪنعان نالن سان هئا، جن مان ڪو به نالو سنڌ توڙي هند جي ويجهو ئي ناهي. جڏهن ته طبري وري ڪش جي اولاد طور ”سنڌ ۽ هند“ جو مفروضو آندو آهي. بائبل ۽ ٻين ڪتابن موجب حام جي حڪمراني آفريڪا ۽ ان جي سرحد وارن ڪجهه ايشيائي ملڪن تي هئي، سنڌ جون ڪڏهن به آفريڪا کنڊ سان سرحدون ناهن رهيون. نفيس اڪيڊمي ڪراچي پاران تاريخ طبري جي ڇپايل پهرئين حصي جي صفحي 133 موجب: ”جڏهن طوفان کي منهن ڏيڻ بعد پيغمبر نوح عليه السلام ساٿين سميت ٻيڙيءَ تان لٿو ته هن پنهنجي پٽن کي ٽن حصن ۾ ورهايو. سام کي زمين جو وچون حصو ڏنو ويو، جنهن ۾ بيت المقدس, نيل, فرات, دجله, سيحون, جيھون ۽ فشيون جا علائقا هئا. حام کي نيل جي اوڀر واري ڪناري کان شام جون هوائون هلڻ تائين جا علائقا ڏنا ويا.“ جڏهن ته اهو ساڳيو دور آھي، جڏهن سنڌو سڀيتا پنهنجي اوج تي هئي. ان ڪري تاريخي بنيادن تي ته اها ڳالهه ئي ختم آهي ته حام جو پٽ سنڌ هو. اهو بيانيو مڪمل طور ٻُڌ سُڌ تي جوڙيو ويو هو. تاريخ وهندڙ وهڪري وانگر ٿي وئي آهي ۽ اڳتي ڪهڙيون کوجنائون اچن ٿيون، اڳواٽ ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ان جو منطقي جواب  خود تاريخ ڏئي ٿي ته جڏهن پنجين صدي عيسويءَ تائين هند نالي ملڪ ئي ناهي ۽ مٿان وري داريوش (فارس جو بادشاه عام طور دارا اعظم) جي نقشِ رستم جي ڪاربان ڊيٽنگ ۽ فارس جي آڳاٽي پڙهڻي اهو ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ خطو هئي ۽ هندوڪش جبل به سنڌو ڪش مان ڦري ٿيا. اهڙي صورت ۾ حام ۽ سام جو پنهنجو يا سندن اولاد پٺيان هن خطي جو نالو ٺلهو مفروضو ئي بيهي ٿو. ها اهو مفروضو گهڙي سگهجي ٿو ته هي خطو انهن ڏينهن ۾ ايڏو مشهور هجي جو ان پٺيان ڪٿي نالا رکيا ويا هجن، جيئن دنيا جي ڪجهه ٻين ملڪن جي حوالي سان مثال موجود آهن.

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ۽ سنڌ:

هاڻ اچون ٿا ورهاڱي واري دور ڏانهن. بي بي سي اردو ڊاٽ ڪام تي ستين سيپٽمبر 2023ع تي تابنده ڪوڪب جي تاريخي حوالن سان ”انڊيا“ جي نالي بابت انٽرنيٽ تي هڪ آن لائين اسٽوري ڇاپي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته:

’انڈیا‘ وہ نام ہے جس پر تقسیمِ برصغیر کے وقت خود بانیِ پاکستان محمد علی جناح نے بھی اعتراض کیا تھا اور اسے ’گمراہ کُن‘ قرار دیا تھا۔

اسٽوري ۾ جان ڪيئي جي ڪتاب India: A History جو حوالو ڏيندي لکيل آهي ته:

’اس حقیقت سے انکار نہیں کیا جا سکتا تھا کہ سنسکرت ادب کے پورے مجموعے میں کہیں بھی ’انڈیا‘ کا ذکر نہیں کیا گیا۔ نہ ہی یہ اصطلاح بدھ مت یا جین تحریروں میں پائی جاتی ہے۔ اور نہ ہی یہ جنوبی ایشیا میں رائج دوسری زبانوں میں سے کسی میں بھی موجود تھا۔‘ جان کیے لکھتے ہیں کہ ’محمد علی جناح اس تاثر میں تھے کہ کوئی بھی ریاست ’انڈیا‘ کے برطانوی لقب کو اپنانا نہیں چاہے گی، تاہم انھیں اپنی اس غلط فہمی کا اندازہ اُس وقت ہوا جب آخری برطانوی وائسرائے لارڈ ماؤنٹ بیٹن نے نہرو کے اس مطالبے کو تسلیم کر لیا تھا کہ ان کی ریاست ’انڈیا‘ کہلائے گی۔‘ وہ مزید لکھتے ہیں کہ ’ماؤنٹ بیٹن کے مطابق جناح کو جب پتہ چلا کہ وہ (نہرو اور کانگریس پارٹی) خود کو انڈیا کہلانے جا رہے ہیں تو وہ بہت غصے میں تھے۔ اس لفظ کے استعمال سے برصغیر کی بالادستی کا اشارہ ملتا ہے، جسے پاکستان کبھی قبول نہ کرتا۔‘

‘تاریخ دان جان کیے کے مطابق، محمد علی جناح کے تحفظات کی ایک بڑی وجہ یہ بھی تھی کہ ’انڈیا‘ بنیادی طور پر دریائے سندھ کے آس پاس کے علاقے کو کہا جاتا تھا، جس کا زیادہ تر حصہ پاکستان کے اندر تھا’۔

جڏهن اهو ڪتاب پڙهجي ٿو ته جان ڪيئي John Keay جي ڪتاب India: A History جيڪو 2000ع ۾ Atlantic Monthly press پاران ڇپيو. ان جي صفحي نمبر 56 کان باب Out of the Myth – Smoke C520 – C320 Indus and India  ۾ ان جا تفصيل آهن ۽ منڍ ۾ ئي لکيل آهي ته 1947ع کانپوءِ جيڪي نقشا ڇپيا، انهن ۾ ڀارت لفظ ڏنو ويو، جيڪو ڀارت ورشا مان نڪتل هو. انڊيا نالو نه ڏيڻ جو سبب جان ڪيئي هي لکي ٿو:

In the first flush of independence ‘Bharat’ would seem preferable, because the word ‘India’ was too redolent of colonial disparagement.

”آزاديءَ جي شروعاتي مرحلي دوران ”ڀارت“ نالو بهتر ٿي لڳو، ڇو ته ”انڊيا“ لفظ بيٺڪيت جي تذليل کان تمام گهڻو متاثر هو.“

هندستان اندر نالي بابت لاڳيتو بحث هلندڙ آهي. نه رڳو تاريخ جي ڪتابن ۾ پر انهن جي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ به اهو بحث آهي ۽ جڏهن ته ”انڊيا“ نالو مٽائي ”ڀارت“ رکڻ جي حوالي سان 2020ع ۾ انڊيا جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ويو هو ته ڪورٽ ڪيس کي رد ڪندي لکيو هو ته آئين ۾ اڳ ئي موجود آهي ته: ”انڊيا جيڪو ڀارت آهي.“

سنڌ جي سڃاڻپ سان هاڃو:

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته يورپي ڏاهن ۽ تاريخدانن ننڍي کنڊ بابت بي بها ڪم ڪيو ۽ شاندار تاريخي، تهذيبي، لسانياتي، تمدني ۽ آرڪيالاجي وارو مواد ڏنو، جنهن سان هن خطي جي تاريخ تان وڏي دز لٿي. پر دنيا جي تاريخ سنڌ سان ناانصافي ڪندي ان کي هڪ محدود دائري ۾ آڻي بيهاريو ۽ ان جي سڀيتا جا ڪيترا حصا، جيڪي ان جي بادشاهت ۾ ٿي آيا، انهن کي انڊيا يا هندستان جي نالي ۾ دٻائي ان کي ان جو گڏيل حصو قرار ڏنو ويو. جيئن مٿي ٻڌايل آهي ته ڪيئن اوائلي فارسين ۽ يونانين جي تلفظ مان معنائون ڪڍي سنڌ جي وطني سڃاڻپ کي هاڃو رسايو ويو، جيڪا لڳ ڀڳ هاڻوڪي پاڪستان جي اڪثريتي ۽ ڪجهه هندستان جي حصن تائين ڦهليل هئي. سنڌ سان تاريخ ۾ ٿيل اهو انياءُ انهن حملا آورن جي گهوڙن، تلوارن ۽ تيرن کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي، جن سنڌ تي دولت خاطر قبضا ڪيا ۽ هليا ٿي ويا پر هي ڪم ته سنڌ جي سينڌ وڃائڻ ۽ ان جو چهرو کسڻ برابر آهي. حقيقت تحت هجڻ هيئن گهرجي ها ته سنڌ جي تاريخ ان جي جاگرافيائي پوزيشن تحت رکي وڃي ها ۽ جڏهن اها ڄاڻ هر ڪنهن وٽ آهي ته انڊيا جو نالو سنڌو درياءَ موجب آهي ته هتان جي سڀني کان وڏي ۽ وسيع سڀيتا پٽاندڙ ننڍي کنڊ کي ئي انڊس ڪانٽيننٽ يا وري سنڌو کنڊ سڏيو وڃي ها ۽ انڊيا جي تاريخ ان جي سلطنت تحت ان جي وطني نالن پٽاندڙ لکي وڃي ها ۽ جڏهن قبضي وسيلي سنڌ کي هند يا ٻين قبضي ڪندڙن سان سمايو ٿي ويو يا بيٺڪيت بڻائي ٿي وئي ته ان کي مقبوضه علائقي طور ڄاڻايو وڃي ها، نڪي حصي طور. اهو به ذڪر ضروري آهي ته ڀيرو مل جو ڪتاب ”قديم سنڌ“ به هڪ بي مثال ڪم آهي پر هاڻ ڪيترائي نوان حوالا به اچي ويا آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ جا ابهام ختم ڪن پيا ۽ پراڻن نطرين کي رد ڪن ٿا.

ڀارت کي تاريخ ۾ ان ڪري اهميت ملي، جو سنڌوءَ جي ڪنارن تي ڪي هزارين لکين ميلن تي پکڙيل سلطنتون قائم ٿيل نه هيون. جڏهن ته ڀارت جي ٻين حصن، خاص ڪري گنگا جمنا جي ميداني علائقن، جنهن کي ڪڏهن آريا ورت، ڪڏهن ڀارت ورشا، دخشڻ، مج جهم ديش، وغيره چيو ويندو هو، اتي مگڌا کان گپتا ۽ مغل سميت وڏي پکيڙ وارن علائقن ۾ وڏيون سلطنتون قائم ٿيون، انهن به فارس ۽ يونان جهڙين وڏين سلطنتن جيان سنڌوءَ جي آس پاس وارين سلطنتن کي پنهنجي طابع بڻائي ٿي ڇڏيو. پر سنڌ جي پنهنجي تاريخي جاگرافيائي حدن کان ڪيترائي تاريخدان ڄاڻي واڻي لنوائي ويا آهن. تاريخدانن ۽ حملا آورن ۾ فرق هجڻ گهرجي، انهن به سنڌ جي وطني تاريخ کي گهڻي اهميت نه ڏني، جڏهن ته يورپ، عرب دنيا هجي يا وچ اوڀر ۽ ڏور ايشيا، اتان جي ننڍين ننڍين سلطنتن يا مملڪتن، جيڪي سنڌ جي چوٿين حصي برابر به نه هيون، انهن کي تاريخ ۾ پوري اهميت ڏني وئي آهي.

سنڌ جي پنهنجي الڳ وطني جاگرافيائي تاريخ رهي آهي. ان ڪري ان جو نالو سنڌ رهيو آهي. ها باقي جيئن اڳ ذڪر ٿيو ته سنڌ مختلف وقتن ۾ مختلف سلطنتن جي قبضي ۾ اچڻ بعد ان جو حصو ته رهي پر وري آزاد وطن طور بحال به ٿيندي رهي آهي. ايئن ئي جيئن هندستان يا انڊيا جا ڪجهه علائقا ڪڏهن آزاد سلطنت ته ڪڏهن وري گڏ رهيا آهن. انهن گڏيل حصن جو نالو انڊيا طور يا هندستان طور سامهون ايندو رهيو، انهن جي تن حصن کي ڀلي انڊيا يا هندستان جي تاريخ طور لکيو وڃي پر سنڌ جي تاريخ الڳ آهي، ها جنهن جنهن دور ۾ سنڌ هندستان جي قبضي هيٺ رهي آهي ته اها تاريخي حقيقت به بلڪل اچي ته ان مخصوص وقت ۾ سنڌ کي هندستان يا انڊيا جي ان سلطنت يا حڪومت جو قبضي جي صورت ۾ حصو بڻايو ويو. باقي سنڌ جي تاريخ هندستان جي تاريخ ناهي، ڇو ته سنڌ الڳ سلطنت ۽ حڪومتون رکندڙ رهي آهي ۽ مالدار هجڻ سبب حملن ۽ قبضن جو شڪار ٿيندي رهي. ان ڪري ڪجهه عرب تاريخدانن هند ۽ سنڌ لکيو آهي، ڪن ان سنڌ کي هندستان ۾ سلهاڙي بيان ڪيو آهي، ترڪن جي اڪثر تاريخن يا تاريخي ڊرامن ٻئي الڳ خطا هند و سنده لکيو آهي يا وري ساڳي طرح فارسي ٻوليءَ جي اڪثريتي تاريخ ۾ ان جي الڳ سڃاڻپ آهي. اهو ان ڪري ٿيو آهي ته سنڌ تي هندستان جي بادشاهن جي حملن ۽ قبضن کان سواءِ ڪي ڌارين جا اهڙا قبضا رهيا آهن جو سنڌ وڏو عرصو انهن جي بيٺڪيت ۾ رهندي آئي. فارس ـ  جو داروش کان شروع ٿيو، يونانين جو ۽ پوءِ وري فارس ۽ يونانين جا الڳ ۽ گڏ. جڏهن چندر گپت جي سلطنت ٿي ته ان پاسي کان به سنڌ بيٺڪيت بڻي. بعد ۾ وري ٻاهرين وڏي بيٺڪيت عربن جي آئي. ترڪ، ايوبي، خلجي، ارغُون، ترخان، ابدالي پٺاڻ ۽ مغل ايندا رهيا، ڪن سڌو قبضو ڪيو ڪن ان کي پنهنجي سلطنت جو حصو بڻايو ۽ ڪجهه وقت ڏن ـ ڀرو رهي. آخري ٻاهرين بيٺڪيت انگريزن قائم ڪئي، جن سنڌ جي جاگرافيائي، وطني ۽ ثقافتي سڃاڻپ ختم ڪرڻ کان وسان ڪونه گهٽايو..سنڌ رضاڪاراڻا طور پاڪستان ٺاهيو ۽ ان جو بنياد وارو صوبو بڻيو. ڇو ته بنگلاديش واري حصي کي ڇڏي هاڻوڪي ملڪ جو ڳچ حصو مختلف دورن يا وقتن دوران سنڌ جي آڳاٽين سلطنتن يا حڪومتن ۾ رهيو آهي ۽ ڪجهه حصا مورڳو ئي ناهن رهيا پر هن وقت سنڌ جي مڪمل وسيلن ۽ ذريعن تي پنجاب تسلط قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. سنڌ دنيا جي تاريخن ۾ انصاف جي گهرجائو آهي. اهڙي ريت سنڌ واري پاسي کي هندستان سان گڊ مڊ ڪيو ويو؛  جيتوڻيڪ سنڌ هڪ الڳ ملڪ ۽ سلطنت رهي آهي، باقي ان جي سڀيتا هاڻوڪي پاڪستان، ڪجهه افغانستان ۽ هندستان جي ڳچ حصن تائين ڦهليل رهي آهي.

ورجاءُ ڪندي؛ سنڌ جو ڪيس اهو آهي ته خاص طور تي برطانيا جي آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيون سنڌ کي ”انڊيا“ جي حصي واري مغالطي جي تاريخ مان آجو ڪري، ان جي وطني تاريخي جاگرافيائي حيثيت پٽاندڙ نئين سر تاريخ ترتيب ڏين ۽ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ سنڌ بابت لکيل تاريخن جا حوالا درست ٿيڻ گهرجن. هندستان/ڀارت ”سنڌو سڀيتا“ کي پنهنجي ملڪ جي سڀيتا چوڻ بجاءِ ان کي سنڌو سڀيتا سڏي ۽ ان جو ڦهلاءُ انهن هندستاني علائقن تائين ڄاڻائي، جيڪي تاريخي طور سنڌ سلطنت جو حصو هئا ۽ ان جي جاگرافي رهيا آهن ۽ انهن ئي علائقن کي سنڌو سڀيتا ڄاڻائي، جن جو سنڌوءَ سان فطري ۽ حقيقي واسطو رهيو آهي. سنڌ کي تاريخ اندر ان جي مملڪت طور الڳ سڃاڻپ هجڻ گهرجي.