‘سنڌ’ نالي جي تاريخ جو ڪيس … ممتاز بخاري

ٽيون حصو
 سنڌ چيني ٻولي ۽ تاريخ ۾:

چين جو هڪ اوائلي ڪتاب Shanhaijing آهي، جنهن کي Shan Hai Jing شان هاءِ چنگ به پڙهيو ويندو آهي، جنهن جو انگريزي ترجمو Classic of Mountains and Seas سان ٿيل آهي، هي ڪتاب چوٿين صدي عيسويءَ قبل مسيح کان پوءِ جي صورتحال کي بيان ڪري ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صدي قبلِ مسيح دوران آيل آهي. ان ۾ سنڌو سڀيتا جي حصن جو ذڪر آهي پر واضح ناهي ته ڪهڙن حصن جو. هي هڪ ڏندڪٿائي جاگرافي ۽ ثقافتن جي مجموعي جو بيان به سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ ننڍي کنڊ بابت مواد آهي ۽ خاص ڪري ٻڌ مت سان لاڳاپيل. هي لکيو به انهيءَ ڪنهن دور ۾ ويو هو. ان بعد سنڌ جو تاريخي طور تي اهم ذڪر چيني ادب ۾ Records of the Grand Historian  (Shiji) ڪتاب ۾ ملي ٿو، جيڪو سيما چيان Sima Qian پاران لڳ ڀڳ 109–91 قبل مسيح دوران آڳاٽي چيني ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن ۾ وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا جا علائقا، بشمول سنڌو وادي، بيان ڪيا ويا آهن.

                 هان خاندان جي دور ۾ چيني سياح ۽ سفارتڪار ژانگچيان Zhang Qian (جنم 195 قبل مسيح، فوت 114 ق م) ڏکڻ ايشيا جا سفر ڪيا ۽ هن سنڌ جي علائقن جا وڌيڪ تفصيل ڏنا آهن، سندس سرڪاري رپورٽن، توڙي يادداشت نامن ۾ سنڌو يا سنڌ وارن علائقن کي شيندو (身毒) جي نالي سان سڏيو آهي. جيڪو “سنڌو” جو ان وقت چيني اُچار هو. هي اصطلاح بعد ۾ Book of Han (汉书Hànshū)* ۾، “تيانجو”(天竺)  ۾ تبديل ٿيو، جيڪو هندستان ڏانهن به اشارو ڪري ٿو پر ان ۾ واضح طور سنڌ جا علائقا شامل آهن، جو سنڌوءَ جو رستو آڳاٽي سلڪ روڊ ۾ شامل سمجهيو ويندو هو. بوڪ آف هان ڪتاب پهريان بان بيائو (3ع کان 54ع) لکيو ۽ بعد ۾ سندس پٽ بان زو (45ع کان 117ع تائين) لکيو. بعد ۾ سندس ڀيڻ بان زئو (45ع کان 117ع) پورو ڪيو.

هڪ ٻيو ڪتاب هڪ ٻڌ ڀڪشو Faxian (334ع _ 422) جو A record of Buddhistic kingdoms جو آهي. هن ڀڪشو هاڻوڪي هند ۽ ان وقت جي سنڌو جي علائقن جو ڪيئي سال سفر ڪيو، جيڪو 399ع کان 412ع تائين ڪيو ويو. هن واضح طور سنڌو جو ذڪر ڪيو آهي. ترجمي ۾ حاشين ۾ به ڄاڻايل آهي ته شنتو لفظ سنڌو لاءِ آهي ۽ انڊيا جو اشارو سنڌو وارن سنڌ ۽ پنجاب جي علائقن جو آهي. پر هن سنڌ کي ٻڌ جي سلطنتن ۾ شامل ڪيو، جيڪي هڪ کان وڌيڪ آهن. پر سموري خطي تي چندر گپتا (ٻيون) جو اثر هو.

ٻيو مشهور ۽ اهم ڪتاب چيني سفارتڪار ۽ سياح هوئن ٽانگ يا ژوانزانگجو هند سنڌ وارو سفر نامو يا ريڪارڊ “ٽانگ جو اولهه جي علائقن بابت عظيم ريڪارڊ”Records from the Regions West of the Great Tang (ٽانگ شي يو جي) آهي، جيڪو هن جي هن خطي ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا گذارڻ واري دور (629ع کان 645ع) تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ هو سنڌ ۽ هند کي چيني اچار ۾ “شنتو ۽ هينتو/اينتو” لکي ٿو. هن ڪتاب ۾ هن سنڌ بابت سٺو تفصيل ڏنو آهي ۽ ان کي دريا جي نسبت سان “سنڌو ملڪ” لکيو اٿائين. هن اهو ڪتاب ستين صدي عيسوي ۾ ٻڌ ڀڪشو طور هاڻوڪي هندستان ۽ سنڌ جي دوري دوران لکيو  هو. هن سنڌ کي “سنڌو” جي نالي سان سڏيو ۽ ان جي جاگرافي ثقافت ۽ ماڻهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. عبدالحليم شرر پنهنجي ڪتاب “تاريخِ سنڌ” (ڇپيل: 1907ع) ۾ ان ڪتاب بابت خيال ظاهر ڪيو آهي ته ان مان لڳي ٿو ته ان وقت هتي يونانين وارو اينتو (اندو) ۽ ايرانين وارو هينتو (هندو) سڃاڻپ وار لفظ به موجود هئا.

سنڌ عرب تاريخدانن وٽ ۽ ان وسيلي ٻين ٻولين جي تاريخن ۾:

عربن ۽ ٻين جيڪي تاريخون لکيون آهن انهن جو ورلڊ هسٽري انسائيڪلوپيڊيا توڙي ٻيا سنڌ جي تاريخ جا ماخذ ڏسجن ٿا ته هن ريت وچور ڏنا ويا آهن ته: ابو اسحاق إبراهيم بن محمد الفارسي الاصطخري سموري خطي کي 590ع ۾ هند لکيو. ابو الحسن علي بن محمد بن عبدالله بن ابي سيف المدائني اٺين ۽ نائين صدي دوران “سنڌ ۽ هند” لکيو. احمد بن يحيى بن جابر بلاذري نائين صدي دوران لکيل ڪتاب “فتوح البلدان” ۾ به عربن هٿان “فتوح السند” لکيو. أبو الحسن علي بن الحسين بن علي المسعودي 944ع ۾ هن خطي کي “هند سنڌ” لکيو ۽ ٻنهي ملڪن جا الڳ الڳ بادشاه ڄاڻايا ۽ هن سنڌي ٻوليءَ کي هند جي ٻوليءَ کان مختلف ڄاڻايو آهي. ان بعد ابو الريحان البيروني وري 1020ع ۾ هن سموري خطي کي “هند” ته ڄاڻايو آهي. پر هن اهو لکيو ته هند چِن ۽ مَچن، سنڌ ۽ ڪابل ۽ سنڌ لاءِ لکيو ته اهو سمنڊ جي وچ ۾ گهيريل آهي يعني هن سنڌ کي الڳ ملڪ به چيو آهي. فارسي شاعر حسن نظامي 1205ع دوران هند کي سيوهڻ تائين ڄاڻايو آهي. مشهور سياح مارڪو پولو 1298ع ۾ ان کي تيرنهن بادشاهتن تي ٻڌل India the Greate لکيو آهي، جنهن ۾ هن  سنڌ ۽ مڪران کي به ان ۾ ئي شامل سمجهيو آهي.

سنڌ بابت ڏاهن جي ڏاهپ:

ولڊورائنٽ جهڙو ڏاهو به Story of Civilization  جي حصي پهرين جي باب The Foundation of India  ۾ هي ڳالهه مڃيندي لکي ٿو:

Through the western Punjab runs the mighty river Indus, a thousand miles in length; its name came from the native word for river, sindhu, which the Persians (changing it to Hindu) applied to all northern India in their word Hindustan -i.e., “Land of the Rivers.” Out of this Persian term Hindu the invadingGreeks made for us the word India.

“اولهه پنجاب مان هڪ شاندار درياه، سنڌو، جيڪو هزار ميل ڊگهو آهي. ان جو نالو مقامي طور سنڌو دريا آهي، جنهن کي فارس وارن هندو ۾ بدلايو، يعني يونانين واري سموري ‘اتر انڊيا’ لفظ کي هندستان يعني ‘دريائن جي ڌرتي’ ڪيو. اهڙي ريت ان تي قبضو ڪندڙ يونانين، فارس جي ان اصطلاح (هندو) تحت ان کي اسان لاءِ انڊيا بڻايو”.

ول ڊورائينٽ (Will Durant) جي اها ڳالهه مبهم آهي ته يونانين سنڌ ۽ پنجاب کي انڊيا بڻايو هو، مٿي حوالن سان ذڪر آهي ته ان کي انگريزن ئي انڊوس يا انڊس مان انڊيا بڻايو، نڪي رومين يا يونانين. خاص ڪري ڪيمبرج ۽ آڪسفورڊ پاران آيل تاريخن وسيلي سنڌ کي وطني طور پاسيرو ڪيو ويو. رڳو يورپ جو اڪيلو جرمن دانشور فريڊرخ هيگل  (1770–1831) آهي، جنهن Philosophy of History ۾ ڪنهن حد تائين سنڌو تهذيب توڙي سنڌو علائقي کي گنگا ۽ جمنا کان الڳ معاشي ۽ تهذيبي خطو ڄاڻائي ٿو. سندس اهو ڪتاب هن جي وفات بعد 1837ع ۾ ڇپيو هو ۽ ان جو انگريزي ترجمو 1902ع ۾ ڇپيو هو. هيگل سنڌ جو نالو کنئي بنا انڊس دريا جا علائقا ڄاڻائي ان سان همدردي ظاهر ڪئي آهي. هن ڪنهن حد تائين اهو بحث ڪيو آهي ته سنڌو وارا علائقا ڇو وطني طور يا بادشاهتي سڃاڻپ کان قاصر رهيا. هن جو خيال آهي ته گنگا جي ارگرد رهندڙن سلطنت قائم ڪئي ۽ سائنس ۾ ترقي ڪئي. سنڌو خطي وارن ملڪن ڪا خاص ترقي نه ڪئي. هڪ هنڌ لکي ٿو:

We call the inhabitants of the great country which we have now to consider Indians, from the river Indus (the English call them Hindoos). They themselves have never given a name to the whole, for it has never become one Empire, and yet we consider it as such.

“اسين هاڻي ان عظيم ملڪ جي رهواسين کي انڊين سڏيون ٿا، جيڪي سنڌو دريا جا آهن (انگريز انهن کي هندو چون ٿا) انهن پاڻ به ڪڏهن سڄي ملڪ جو هڪ نالو ڪون ڏنو هو، ان ڪرياهي هڪ وڏي سلطنت به ڪونه بڻيا، ۽ اسان اڃان به انهن کي ايئن سمجهندا آهيون”.