سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز بابت آرڊيننس خلاف نئين درخواست داخل

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز بابت آرڊيننس خلاف نئين درخواست داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر پاران هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز بابت جاري ڪيل آرڊيننس خلاف هڪ وڌيڪ درخواست داخل, عدالت درخواست تي  ڌرين کي 27 نومبر جا نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت درخواست کي ساڳئي نوعيت جي داخل درخواستن سان گڏائي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين جو چوڻ آهي ته گورنر سنڌ جو آرڊيننس عدليا جي آزادي کي متاثر ڪري رهيو آهي، آرڊيننس جي سيڪشن 6 ۾ ججن کي مقرري کي تسليم ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، مقرري تسليم نه ڪرڻ کي مس ڪنڊڪٽ قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته  ججن جو ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ طئه ڪرڻ جو اختيار سپريم جوڊيشل ڪونسل وٽ آهي، صوبائي اسيمبلي يا گورنر اهو طئه نٿا ڪري سگهن، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي