سکر( بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سردار علي گوهر ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪم تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو
ميرپور ماٿيلو جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي حڪم کي سردار حاجي خان مهر ۽ ٻين سنڌهاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ چئلينج ڪيو جنهن جي جسٽس محمد سليم جيسر تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي
عدالت سردار علي گوهر، راجا خان ۽ ٻين خلاف ايڊيشنل سيشن جج جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ٻڌڻي 19 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ميرپور ماٿيلي جي عدالت هڪ ڏينهن اڳ قمبر علي شاهه تي حملي جو ڪيس سردار علي گوهر مهر، راجا خان،، حاجي خان ۽ ذوالفقار مهر سميت 29 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو